بجلي 1.68 روپيا مهانگي، پيٽرول بم جي به تياري مڪمل

بجلي 1.68 روپيا مهانگي، پيٽرول بم جي به تياري مڪمل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت هڪ روپيو 68 پيسا في يونٽ بجلي جي اگهه ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته اڄ رات پيٽروليم جا اگهه به وڌائڻ جو امڪان آهي. اوگرا 5 روپيا 90 پيسا في لٽر قيمت ۾ واڌ جي تجويز ڏني آهي. ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي فرمائش تي اگهه وڌاياق پيا وڄن. بجلي جي قيمت ۾ واڌ سرڪيوليشن سمري ذريعي وڌائي وئي آهي. حڪومت هر هر اها دعويٰ پئي ڪري ته پيٽرول جا اگهه خطي ۾ اڃا به پاڪستان ۾ سستا آهن. ماهرن موجب هڪ محطاط اندازي موجب في لٽر پيٽرول تي 70 روپيا کان وڌيڪ ٽيڪس اڳاڙي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو