سکر (جئيرام داس ) بچل شاھ مياڻي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪاروائي بندر روڊ تان دڪان مان ڌاڙي جا چار جوابدار ھٿيارن سميت گرفتار ڪيا ويا آھن. ايس ايس پي سکر عرفان سمون ٻڌايو ته گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان ڪلاشنڪوف ، پسٽل ۽ گوليون برآمد ڪيو ويون آهن. گرفتار ٿيلن ۾ ڪٽو خروس ، ھوت خروس جتوئي ، عبدالله خروس ۽ عبدالرحمان خروس شامل آهن. پوليس موجب ڪجھ ڏينھن اڳ جوابدارن بندر روڊ تي ڪريم لمڪا ، آئسڪريم جي دڪان تان عملي کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪئي ھئي. گرفتار جوابدارن ڏوھ جو پڻ اعتراف ڪيو آھي ، بندر روڊ تي دڪان مان ڦرلٽ جي واردات سي سي ٽي وي ڪئمرا ۾ پڻ رڪارڊ ٿي وئي ھئي.










