خيرپور(سجاد علي ڪٻر) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد نم موڙ ڀرسان گئس سلينڊر جي دڪان ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب خوفناڪ ڌماڪو ٿي پيو جنهن سبب دوڪان کي باهه لڳي وئي ۽ 3 ماڻهون غلام شبير ،ھاشم ۽ ارمان ڦلپوٽو زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته سلينڊر ڦاٽڻ ڪري ڀرسان ڪڪڙين جي دڪان ۾ به باھ لڳي وئي جنهن جي ڪري سوين ڪڪڙيون سڙي رک ٿي ويون دوڪان ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب علائقي جي ماڻھن موقعي تي پهچي فائربرگيڊ وارن کي اطلاع ڏنو جنهن باهه وسائي. پوليس جو چوڻ آهي ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.










