ڪراچي ( رپورٽ : باغي ساگر پنھوار )منگھوپير واري علائقي واٽر فلٽر پلانٽ ويجھو قائم اوائلي سنڌي وسندي محمود عالم جي رھواسين پاران لينڊ مافيا جي افغان دھشتگرد ھٿياربندن پاران، سندن ڳوٺ مٿان ڪاھ ڪري، عورتن، ٻارن، پڪن پوڙھن مٿان تشدد ڪري ھٿيارن جي زور تي سندن گھرن مٿان قبضا ڪري ; کين زوريء بيدخل ڪرڻ خلاف انڊس پريس ڪلب ڪراچي آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ـ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ۾ عورتن ٻارڙن ۽ ٻڍن جو وڏو انگ موجود ھئو جن جي ھٿ ۾ پلي ڪارڊ ھئا ; جن تي لينڊ مافيا خلاف نعرا لکيل ھئا ـ احتجاچ ڪندڙ لينڊ مافيا جي ھٿياربندن جي ڏاڍاين خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا . اھي چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ آء جي پوليس سنڌ ڪمشنر ڪراچي ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي اولهه ۽ ايس ايس پي ڪراچي اولهه کان گھر ڪري رھيا ھئا ته سندن مٿان ھٿياربند ڪاھون ڪري تشدد خوف ۽ حراس وسيلي اسان جي مال ملڪيتن ۽ اجھن مٿان قبضا ڄمائي اسان کي بي گھر ڪرڻ جون ڪوششون ڪندڙ افغان لينڊ مافيا ڳٺ جوڙي ھٿياربند غنڊن خلاف جوڳي ڪاروائي ڪري اسان کي انھن ظالمن جي ظلم ڏاڍ ۽ ڏھڪاء منجھان نجات ڏياري وڃي ـ صحافين سان ڳالھائيندي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ٻه ڏينھن اڳ سج لٿي مھل ڏيڍ سئو کن لينڊ مافيا جي ھٿياربندن شڪور ;، رئوف، غفور، رشيد، حميد ۽ ٻين افغاني ويڙھاڪ طالبان جي اڳواڻيء ھيٺ اسان جي ڳوٺ مٿان ڪڙو چاڙھي حملو ڪيو ۽ انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪرڻ سان گڏ لٺين ۽ رائفلن جي قنداقن سان ڳوٺاڻن عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد ڪري اسان جي مال ملڪيتن ۽ گھرن مٿان قبضو ڄمائي اسان کي در بدر رلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي ـ ڳوٺاڻن وڌيڪ ٻڌايو ت اھڙي انياء خلاف اسان حد جي منگھوپير ٿاڻي ۽ ٻين لاڳاپيل ۽ وس وارن ادارن وٽ دانھين ٿيا آھيون پر با اثر ھئڻ سبب بيان ڪيل لينڊ مافيائي غنڊن خلاف اڃا سوڌو ڪا به ڪاروائي ڪون ٿي آھي.










