صالح پٽ (رپورٽ نياز مهر) عاشق شنباڻي قتل ڪيس ۾ عدالتي حڪم تي قبر ڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ ميڊيڪل ٽيم جزا گڏ ڪري طبي چڪاس لاءِ ليبارٽري موڪلي ڇڏيا. صالح پٽ لڳ مهراڻ پمپ ڀرسان 25 ڏينهن اڳ عاشق ولد محمد صالح شنباڻي عمر 20 سال کي مبينا طور تي قتل ڪيو ويو هو. هو علائقي ۾ چوٻول هيا ته پنهنجي زمين تي ڪم ڪري رهيو هو مقتول کي نانگ ڏنگ هنيو جنهن ڪري فوت ٿي ويو سندس ماءُ ۽پيءُ صالح پٽ ٿاڻي جي اڳيان احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي نوجوان پٽ کي هڪ عورت جي چوڻ تي پنهنجي برادري جي ماڻهن قتل ڪيو آهي جنهن کان پوءِ صالح پٽ ٿاڻي تي موجود ايس ايڇ او علاوالدين ڦلپوٽو ڪارروائي ڪندي ستار شنباڻي ۽علي بخش شنباڻي کي گرفتار ڪيو هو جيڪي هن وقت جيل ۾آهن جڏهن ته مرحوم جي امڙ مورزادي زال صالح شنباڻي سيشن ڪورٽ سکر ۾ درخواست دائر ڪئي ھئي ته منهنجي پٽ عاشق کي پنهنجي برادري جي ماڻهن گهٽا ڏئي قتل ڪيو هو جنهن تي سيشن ڪورٽ سکر جي عدالت خير پور جي سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ جي نگراني ۾مرحوم عاشق شنباڻي جي قبر ڪشائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ايس ايڇ او صالح پٽ غلاوالدين ڦلپوٽو سنڌيار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته قتل سکر ضلعي جي حد ۾ ٿيو ۽ تدفين خيرپور جي شادي شهيد قبرستان ۾ ٿي هئي. ڇنڇر تي مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ ٻنهي ضلعن جي لاڳاپيل پوليس جو ٽيمون جي موجودگي ۾ قبر ڪشائي ڪري جزا ورتا ويا.










