ڪنري(ن سنڌيار) ڀيڻ جِي لڄ بچائڻ دوران بيدردي سان قتل ٿيل پورهيت ڀيرو ڪولهي جا قاتل گرفتار نه ٿيا، جهڏو ۾ ڪولهي اتحاد جي سڏ تي ريلي بعد ڌرڻو، مظاهرين الزام هنيو آهي ته پوليس پورهيت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، مقتول ڀيرو ڪولهي جا وارث اڄ به انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن. سخت گرمي باوجود مرد توڙي عورتن ڌرڻي ۾ وڏي انگ م شريڪ ٿي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ڪولهي اتهاد جي اڳواڻن چيو ته اسين پوليس کي باثرن جي چوڻ تي هي خون لوڙهڻ نه ڏينداسين ۽ عدالتن سميت هر فورم تي معاملو اٿريو ويندو.










