جج جو قتل ڪيس سپريم ڪورٽ بار جي صدر تي داخل، 5گرفتار

جج جو قتل ڪيس سپريم ڪورٽ بار جي صدر تي داخل، 5گرفتار

پشاور (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي قتل ڪيل جج جو ڪيس سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي صدر لطيف آفريدي ۽ سندس پٽ سميت 5 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. مقتول جج آفتاب آفريدي جي ڀاءُ سعيد آفريدي سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي صدر عبدالطيف آفريدي ۽ سندس پٽ سميت 4 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي. سعيد آفريدي جو چوڻ آهي ته منهنجي ڀاءُ کي لطيف آفريدي سندس پٽ دانش، جمال، عابد ۽ محمد شفيق ذاتي دشمني تان قتل ڪيو آهي. هن چيو ته اسان تيستائين لاش وصول نه ڪنداسين جيستائين قاتلن کي گرفتار نه ڪيو ويندو. پشاور پوليس موجب ڪيس ۾ 5 معلوم ۽ 4 نامعلوم ملزمن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، لطيف آفريدي جي پٽ سميت 5 جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. لطيف آفريدي الزام رد ڪندي قتل کان لاتعلقي ظاهر ڪئي آهي. ياد رهي ته گذريل رات صوابي انٽرچينج لڳ جج جي ڪار تي حملو ڪيو ويو هو جنهن ۾ هو پاڻ، زال ۽ 2 ٻار مارجي ويا هئا. جڏهن ته سندس 2 محافظ زخمي ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو