حفيظ شيخ فارغ، حماد اظهر وزير خزانه ، نوٽيفڪيشن جاري

حفيظ شيخ فارغ، حماد اظهر وزير خزانه ، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ناڻي واري وفاقي وزير حفيظ شيخ کي هٽائي سندس جاءِ تي صنعتن واري وزير حماد اظهر کي نئون ناڻي وارو وزير مقرر ڪيو آهي. حڪومت سندس نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. شبلي فراز جو چوڻ آهي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت نئين معاشي ٽيم آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ردوبدل جو اعلان اڄ متوقع آهي، وزيراعظم تبديلين سبب اڱاري تي سڏايل ڪابينا جو اجلاس به ملتوي ڪيو جيڪو هاڻي خميس تي ٿيندو. ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ناڻي واري وفاقي وزير حفيظ شيخ جي برطرفي اصل ۾ پي ڊي ايم جي ڪاميابي آهي.ٽويٽر پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته حڪومت پنهنجين ناڪام پاليسين وسيلي ٿيندڙ بدترين مهانگائي جو اعتراف ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو