ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ دعا دوران ميمبرز جو جهيڙو شروع ٿي ويو، حڪومت ۽ اپوزيشن ميمبرز جون هڪٻئي تي اُلرون، صوبائي وزير تيمور ٽالپر اپوزيشن ميمبرز کي جهيڙي لاءِ سڏيندو رهيو، اسپيڪر جي رولنگ ۽ وارننگ باوجود ميمبرن دعا دوران جهيڙو ختم نه ڪيو، صوبائي وزير تيمور ٽالپر سوالن جا جواب ڏئي رهيو هو ته پي ٽي آءِ ميمبرز کيس نالائق سڏيو، جواب ۾ تيمور ٽالپر وزيراعظم عمران خان کي چور سڏيو ته پي ٽي آءِ ميمبر سيٽن تان اُٿي پيا احتجاج شروع ڪيو، تيمور ٽالپر، برهان چانڊيو، مُڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻيا حڪومتي ميبمرز به اپوزيشن ميمبرز ڏانهن وڌي ويا، پي ٽي آءِ ميمبرز جون به اُلرون، ايوانِ ۾ صورتحال ڪنٽرول نه ٿيڻ تي اسپيڪر دعا شروع ڪرائي ڇڏي، اسپيڪر آغا سراج دُراني ميمبرز کي وارننگ ڏيندي چيو ته منهنجي رعايت جو غلط فائدو نه وٺو، دعا دوران جهيڙو برداشت جوڳو عمل نه آهي، منهنجي اجازت جو غلط استعمال نه ڪريو، اجلاس دوران صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا ۽ پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان ۾ منهن ماري ٿي، ٻنهي ميمبرز هڪٻئي تي سنگين الزام ۽ اُلرون به ڪيون، پي ٽي آءِ ايم پي اي خرم شير زمان چيو ته مُڪيش ڪمار چاولا سموري صوبي ۾ شراب خانه کولي ڇڏيا آهن، کيس چئو ته دعا جي وچ ۾ نه ڳالهائي، صوبائي وزير مُڪيش ڪمار چاولا، خرم شير زمان تي تيز ٿيندي چيو ته هنن جا ريسٽورنٽس به بند ٿيڻ گهرجن، ٻنهي هڪٻئي خلاف غير پاليماني ٻولي ڳالهائي، اسپيڪر کين روڪيندو رهيو، جتي ماڻهن کي خراب کاڌو ڏنو وڃي ٿو، جهيڙو وڌڻ تي مُڪيش ڪمار چاولا، پي ٽي آءِ ايم پي اي کي شٽ اپ ڪال ڏئي ڇڏي.حڪومتي ميمبرن اپوزيشن وارا ٻکين پئجي ويا ۽ هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيندا رهيا. بعد ۾ آءِ ٽي وزارت جي سوالن جواب دوران به طنز ۽ جملي بازي هلندي رهي، اسپيڪر اجلاس سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي چيف خلاف فوج پاران انڪوائري شروع
صوبي جي 30 ٽيچنگ ٽريننگ ادارن کي اپ گريڊ ڪرڻ جو فيصلو
حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ پاران صارفين جي اوور بلنگ تي ڳڻتي
برسات جي اڳڪٿي، واٽر ڪارپوريشن ۾ برساتي ايمرجنسي لاڳو
پاڪستان تي سفري پابنديون برقرار
بلوچستان ۾ برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال، 8 ڄڻا فوت
پي ٽي آءِ جي شير افضل جي سعودي بابت بيان کان لاتعلقي
گورنر جي تبديلي جو فيصلو اسان نه وزيراعظم ڪندو: مراد شاهه
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي ٿيندو، صدر زرداري خطاب ڪندو
بلوچستان ۾ مخالف ڌر جو پهريون جلسو ناڪام رهيو: تارڙ
سنڌ ڪابينا جي وڌيڪ 8 وزيرن اڄ حلف کڻي ورتو
جيڪب آباد ۾ گهر واري خرچ گهرڻ تان مڙس هٿان قتل
سعودي وفد جي دوري سان اربين ڊالرن جي سيڙپ ٿيندي
ايڪس بندش خط واپسي جو حڪم، معاملا هٿ مان نڪرن پيا
توشه خانه ڪيس ۾ نواز شريف جي بريت جي درخواست
واٽس ايپ چيٽ لاءِ هڪ بهترين فيچر متعارف
تيز مغربي برساتي سسٽم ڪراچي ۾ داخل ٿي ويو
حڪومت پاران پنهنجي ئي مقرر جج خلاف ريفرنس داخل
ٻيو ٻار به جلد ايندو، ياسر حسين
خرچن ۾ شفافيت ۽ ٽيڪس وصولي ايف بي آر حوالي ڪريو