ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي پَتِ وائکي ٿي وئي

ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي پَتِ وائکي ٿي وئي

محمد فاروق ٻرڙو

ملڪ جي مختلف صوبائي ۽ قومي تڪن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊن جتي مخالف ڌر کي وڌيڪ سگھه ڏني آھي اتي حڪمران جماعت پي ٽي آء جون ڪيتريون ڪمزوريون پڻ سامھون آيون آهن، جنھن ڪري پي ٽي آء کي ملڪ ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊن ۾ سخت شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي، اسان وٽ اليڪشن جي موقعي تي شايد ڪا اھڙي پولنگ اسٽيشن ھجي ٿي جنهن ۾ اميدوارن جي حامين وچ ۾ ڏند چڪ ۽ ڌڪ مڪ نه ٿيندي ھجي ائين کڻي چئجي ته اليڪشن جيڪڏهن صفا پرامن نموني ٿي وڃي تہ ڄڻ ته ان کي معجزو ئي چئي سگهجي ٿو، جيئن ته ملڪ ۾ ٿيندڙ ھر اليڪشن جي موقعي تي اليڪشن ڪميشن ھر طرح جا انتظام ڪندو آهي ته جيئن ڪنهن به تڪ ۾ ٿيندڙ اليڪشن پرامن نموني ٿي سگهي، جڏهن ته اھڙي سوچ اڄ ڏينهن تائين ھڪ ديواني جو خواب ئي رھيو آھي، اھڙي ڪا به اليڪشن اڄ ڏينهن تائين ٿيندي نظر نه آئي آهي، جنھن ۾ ووٽر کي ڪا عزت ملي ھجي يا ووٽر پاران بيلٽ باڪس ۾ وڌل ووٽ کي مقدس سمجهي ان جي عزت ڪئي وئي ھجي.

اھو ئي سبب آهي اسان وٽ جڏھن به ڪا اليڪشن ٿيندي آهي تڏهن ان اليڪشن بابت ھارائيندڙ ڌر ڌانڌلي جا الزام لڳائيندي آهي يا جيڪا ڌر يا جيڪو اميدوار اليڪشن کٽندو آهي اھو انھن چونڊن کي شفاف ئي قرار ڏيندو آهي، تازيون جيڪي به ننڍيون چونڊون ٿيون آهن تن ۾ پي ٽي آء ھارايو ته ضرور آهي پر انھن چونڊن ۾ ڌاندلي ٿيڻ وارا الزام گهٽ لڳايا آهن، بھرحال اھي ننڍيون چونڊون شفاف هيون يا نه ھيون، تنھن بابت ڪجھ ڏينهن اندر اڃا به صورتحال واضح ٿي ويندي جڏهن ته سيالڪوٽ جي تڪ اين اي 75 تي ٿيل ننڍي چونڊ بابت جيڪي خدشا ڏيکاريا پيا وڃن، تن مان اھو ئي لڳي ٿو ته ان چونڊ ۾ ڪجھ ڳجھن ھٿن ضرور ڪو اھڙو ڪرتب ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جو ھاڻ سيالڪوٽ ۾ ٿيندڙ ان چونڊ ۾ ٿيل بي قاعدگين وارن اطلاعن کان پوءِ اليڪشن ڪميشن به چونڊ نتيجا پڌرا ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، جاچ دوران رٽرننگ آفيسر 14 فارمز ۾ تبديلي جو اقرار به ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ پھريائين ته ان ڳالھ جو جائزو وٺڻ گهرجي ته آخر ان تڪ تي ٿيو ڇا آهي ۽ اھي ڪھڙيون بي قاعدگيون ٿيون آهن، جنھن ڪري اليڪشن ڪميشن کي چونڊ نتيجا روڪڻ تي مجبور ٿيڻو پيو آهي، اسان وٽ ماضي ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ته عام چونڊن جي موقعي تي ڪوڙا ووٽ وڌا ويندا آهن يا چونڊ نتيجا تبديل ڪيا ويندا آهن، جڏهن ته سيالڪوٽ واري تڪ تي ٿيندڙ چونڊ ۾ ھڪ نئون حربو استعمال ٿيندي نظر آيو آهي، جنهن ۾ اڻ ڏٺل ماڻھن 20 پرزائيڊنگ آفيسرن کي ووٽن جي ٿيلهن سميت کنڀي گم ڪيو جيڪا خبر اليڪشن ڪميشن کي ملڻ کان پوءِ فوري طور تي اليڪشن ڪميشن پاران پنجاب جي چيف سيڪريٽري آء جي پوليس ۽ ڊپٽي ڪمشنر سان رابطو ڪيو پر ڪٿان به اليڪشن ڪميشن کي ڪو جواب نه مليو ته پرزائيڊنگ آفيسرن کي ڪير کنڀي کڻي ويو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران سڄي رات ٿيندڙ ڪوششن کان پوءِ صبح جو 6 وڳي پرزائيڊنگ آفيسر ووٽن سان ڀريل ٿيلھن سميت پھتا اليڪشن ڪميشن اھا صورتحال ڏسي نه رڳو چونڊ نتيجا روڪڻ جو حڪم ڏنو پر صوبائي اليڪشن ڪمشنر ۽ جوائنٽ اليڪشن ڪمشنر کي ڊي آر او ۽ آر اوز آفيس پھچڻ جي ھدايت ڪئي ته جيئن معاملي جي اونهائي تائين پھچي سگھجي،

اسان جي خيال ۾ شايد اھو پھريون موقعو آهي جو اليڪشن ڪميشن پرزائيڊنگ آفيسرن جي غائب ٿيڻ بابت نه رڳو پريس بيان جاري ڪيو پر ڪميشن پاران پرزائيڊنگ آفيسرن جي بازيابي لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون ويون، تن بابت به تفصيل سان پريس بيان ۾ ذڪر ڪيو ويو، اليڪشن ڪميشن موجب ڊي آر او ۽ آر او اطلاع ڏنو آهي ته اين اي 75 جي ننڍي چونڊ جي 20 پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار ٿيڻ جو شڪ آهي، ان ڪري حتمي جاچ کان اڳ غير حتمي نتيجا جاري ڪرڻ ممڪن نہ آھن، ان سلسلي ۾ ن ليگ جي اڳواڻ مريم نواز جو چوڻ آهي تہ اليڪشن ڪميشن جو بيان حڪومت خلاف وڏي چارج شيٽ آهي ڇاڪاڻ ته پولنگ عملي کي کنڀي گم ڪندڙ زميني مخلوق جا ماڻهو نه ھئا، جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم شاھد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته پولنگن تي سول ماڻهو آيا ۽ خانگي گاڏين ۾ چونڊ عملو کڻي ويا، انھن جو تعلق زميني مخلوق سان ناھي، اسان سيالڪوٽ ۾ پولنگ عملي کي کنڀي گم ڪرڻ جو الزام حڪومت تي ته نه ٿا لڳايون پر اھو ضرور چونداسين ته ان واقعي موجوده حڪومت خلاف ھڪ اھڙو پنڊوڙا باڪس کولي ڇڏيو آھي جيڪو پي ٽي آء سرڪار لاءِ سخت بدنامي جو سبب بڻجي سگھجي ٿو، اسان سمجهون ٿا ته ان واقعي ۾ جيڪڏهن وفاقي سرڪار يا صوبائي سرڪار جو ڪو به ھٿ ناھي ته پوءِ وفاقي ۽ صوبائي سرڪار کي فوري طور تي ان واقعي جي وضاحت ڪرڻ کپندي هئي جيڪا ھنن ڪالمن لکجڻ تائين سامھون نه آئي آهي يا ان واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيڻ کپي ھا پر اھو به نه ڏنو ويو آهي، اسان جي نظر ۾ ٿي سگهي ٿو ته پرزائيڊنگ آفيسرن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو واقعو پي ٽي آء اميدوار کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ نه پر وزيراعظم عمران خان خلاف ڪنھن سازش تحت ڪيو ويو ھجي ته جيئن وزيراعظم پاران مخالفن خلاف جيڪا چور چور ھجڻ واري ڳالھ ڪئي وڃي ٿي تن لفظن کي ورائي وزيراعظم جي ئي وات ۾ ٻيھر وڌو وڃي، اسان انھن ئي ڪالمن ۾ اڳ به لکيو آهي ته اسان جي ملڪ جا وزير اعظم اڻ ڏٺل قوتن جي ھٿان بدنام ڪيا ويندا رهيا آهن، اھڙيون ڪھڙيون عام چونڊون آهن جن ۾ اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پارٽي تي اڻ ڏٺل قوتن پاران ڪامياب ڪرائڻ وارا الزام نہ لڳا ھجن، اھا ٻي ڳالھ آهي ته ماضي ۾ ووٽن جون پيٽيون تبديل ڪيون وينديون ھيون يا چونڊ نتيجا تبديل ڪيا ويندا هئا پر ھاڻ پرزائيڊنگ آفيسرن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو نئون حربو اختيار ڪيو ويو آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان واقعي کي ڪنهن به طرح معمولي نه سمجھڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته ن ليگ پاران کنڀي گم ڪندڙن کي زميني مخلوق ھجڻ کان انڪار ڪرڻ وارا لفظ استعمال ڪري ڪجھ اھڙا اشارا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي اشارا ملڪ جي اھم ادارن ڏانهن ويندي نظر اچن ٿا، اسان ھتي وزيراعظم عمران خان کي صلاح ڏينداسين ته اھو سيالڪوٽ ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ بابت ن ليگ وارن الزامن کي پاسيرو رکي رڳو اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان جي بنياد تي جاچ جو حڪم ڏي ته ڇا واقعي پرزائيڊنگ آفيسرن کي کنڀي گم ڪيو ويو ھو، يا اھي ڪھڙي مخلوق آهن جيڪي ملڪ جي عام شهرين کي کنڀي گم ڪرڻ سميت ھاڻ پرزائيڊنگ آفيسرن کي به بخش نه ٿا ڪن تنھن جي آزاداڻي نموني جاچ ٿيڻ گهرجي ته جيئن حقيقتون عوام آڏو اچي سگھن، ٻي صورت ۾ عوام جيڪي تجزيا ڪري رهيو آهي اھي نه رڳو حڪومت پاران ادارن خلاف به ٿيندا نظر اچي رهيا آهن پر حڪومت جي خاموشي ادارن خلاف ٿيندڙ تجزين کي وڌيڪ تيز به ڪري سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو