لکي غلام شاهه (رپورٽ:نثارمنگي)رستم واسي سنڌ جي ناليواري شاعر، اديب ۽ پرائمري استاد غني غمدل منگيء جو پاڪ ڪتاب کڻي ٽي اي او لکي غلام اڪبر ڪلوڙ عرف (واڳون خان) خلاف احتجاج، اسڪول تباھ ٿي ويو آھي، استاد ڪونهي مان اڪيلو گھڻن شاگردن کي پڙھائي رھيو آھيان ، ٻار پٽ تي ويهي تعليم پرائن ٿا، فرنيچر به نه آھي. ٽي او غلام اڪبر مٿان الزام لڳائيندي چي آھي ته ايجوڪيشن کاتي جو ٽي او غلام اڪبر ڪلوڙ ڪيترائي استاد ويزا تي موڪلي ھر مھيني ھزارين روپيه ڪمائي رھيو آھي ۽ منھنجي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرڻ جا ڏھ ھزار روپيا رشوت گھري رھيو آھي نه ڏيڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏئي رھيو آھي، ھن ايجوڪيشن منسٽر سعيد غني سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو ۽ ٻين وس وارن کان قرآن پاڪ ھٿ ۾ کڻي انصاف ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.










