آمريڪي حڪومت امن معاهدو ختم ڪيو ته جنگ ٿيندي,طالبان

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان طالبان امن معاهدي جي ڀڃڪڙي واري الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته آمريڪا ۾ قائم ٿيندڙ نئين حڪومت فيبروري 2020 ۾ طئي ٿيندڙ امن معاهدي کان پوئتي هٽي ته پوءِ وڏي جنگ ٿيندي.عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب افغان طالبان آمريڪي صدرجوبائيڊن جي انتظاميه کي امن  معاهدي تان هٿ کڻڻ کان خبردار ڪندي چيو آهي ته معاهدي جي خاتمي سان وڏي جنگ جي شروعات ٿيندي. آمريڪي خابرو اداري جي دعويٰ آهي ته(دي افغانستان اسٽڊي گروپ) هڪ رپورٽ ۾ سفارش ڪئي هئي ته نئين آمريڪي انتظاميه افغانستان مان فوج واپس گهرائڻ کان اڳ طالبان کي تشدد ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ سختي سان پابند ڪري.پنهنجي رپورٽ ۾ اسٽڊي گروپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن طالبان کي تشدد ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ مجبور ڪرڻ کان سواءِ فوجين کي ڪڍڻ جو ڪم شروع ڪيو ته افغانستان ۾ خانه جنگي شروع ٿي سگهي ٿي جنهن جو فائدو کڻندي القاعده به حرڪت ۾ اچي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو