پيسا ڏيو استعفا وٺو  سينيٽ اليڪشن عدالتي ڪردار

پيسا ڏيو استعفا وٺو سينيٽ اليڪشن عدالتي ڪردار

تحرير سيد  زوار حسين شاهه

پاڪستان مشڪل ترين حالاتن مان گذري رهيو آهي ڪوئي تسليم ڪري يا نه ڪري پر ڪڙو سچ اهو آهي ، ملڪ هلائڻ گهٽ ۾ گهٽ ڪپتان صاحب جي وس جي ڳالهه ناهي ، جنهن طرح سان معاشي صورت حال بعد عوام اذيت مان گذري رهيو آهي اها ته عوام کي خبر آهي ، سڄو ڏينهن مزدور ويچارپ مزدوري ڪري ٿو ان کي مس کي ٽي سو  يا 4 سو روپيا يا پنج سو هٿ ۾ ملن ٿا پر ڪڙي حقيقت اها به اهي ته غري مڊل ڪلاس عوام جو هاڻ ته پيٽ گذر به نه ٿو ٿئي  ، جڏهن ته ملڪ اندر انتشار جهڙي صورت حال آهي  اپوزيشن هجي يا حڪومتي ڌر هجي هڪ ٻئي پويان هٿ ڌوئي پيا آهن جنهن کان پوء اداره  جيڪي هن ملڪ جي سالميت بقا م اه ڪردار ادا ڪري رهيا آهن اهي تباهه ٿي رهيا آهن ، هڪ ٿو چوي ته عوام جي خدمت ڪيو ٻيو ٿو ته پيسا ناهين وسائل ناهين ، جڏهن ته  ملڪ اندر پي ڊي ايم جيڪا وڏي جوش جذبي سان ميدان تي لٿي پر ڪڙو سچ اهو آهي ته ميڊم مريم نواز ، ۽ سائين بلاول ڀٽو زرداري صاحب اڃان ميچوئر ناهين ٿيا ، سياست ڪرڻ انهن جي وس جي ڳالهه ناهي ، جيئن مان عرض ڪيو ته  ملڪ هلائڻ به گهٽ ۾ گهٽ هن ڪپتان جي ان جي ٽيم جي وس جي ڳالهه ناهي ، بس هڪ ٻئي کي جهڪائي  حڪومت وقت پورو ڪرڻ لاء اڳتي وڌي رهي آهي ، جنهن سان به عوام رت جا ڳوڙها ٿو پيو روئي هو هڪ ويلو ويهي ٿو ته ٻيو ويلو ماني کائي ٿو ، تعليمي اخراجات هجن يا صحت جو مسئلو هجي يا امن امان جي صورت حال هجي  انهن مان ئي اسان اڃان جان ناهي ڇڏائي برحال پوء به مان عرض ڪيان ته سپريم ڪورٽ اف پاڪستان سميت عدالت سڳوريون جج صاحبان ڪوشش ڪن پيا ته جتي حڪومت پنهنجو آئيني قانوني دڳ ڀلجي وڃي اتي سپريم ڪورٽ سميت عدالت سڳورين جا جج صاحبان بهترين ڪردار ادا ڪن پيا ، سينيٽ جي چونڊن جو وقت به قريب آهي جتي به مان  سمجهان ٿو ته سپريم ڪورٽ اف پاڪستان جي قابل احترام جج صاحبان کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو نه ته ٻه اداره  جنهن ۾ هڪ قومي اسيمبلي پارليامينٽ ۽ بيو سينيٽ جو ادارو ڪ ٻئي جي سامهون بيهي رهندا جنهن کان پوء به ڪيترائي آئيني مسئلا پيدا ٿيندا ۽ بحران پيدا ٿيندو جيڪو هن ملڪ لاء عوام لاء بهتر ناهي ، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آئين ڪنهن به ميمبر کي پارٽي لائين خلاف ووٽ ڏيڻ کان نٿو روڪي، سپريم ڪورٽ ۾ سينيٽ چونڊن بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، وڪيل رضا رباني چيو ته معاملو پارليامينٽ ۾ اچي چڪو آهي، حڪومت به سمجهي ٿي ته آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ٻه آئيني ادارا آمهون سامهون اچي ويندا، چيف جسٽس چيو ته حڪومت صدارتي ريفرنس واپس وٺي ته ٺيڪ آهي، نه ته عدالت پنهنجي راءِ ڏيندي، اوهان جي ڳالهه مڃي وٺون ته آرٽيڪل 186 غير موثر ٿي ويندو. هارس ٽريڊنگ ۽ ووٽن جي خريد ۽ وڪرو روڪڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ لارجر بئنچ سينيٽ چونڊن ۾ ووٽنگ لاءِ اوپن بيلٽ بابت صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو توهان جي ڳالهه مڃي وٺون ته آرٽيڪل 186 غير اثرائتو ٿي ويندو. اٽارني جنرل چيو اليڪشن ڪميشن ته ڳجهي ووٽنگ جي حق ۾ آهي، اختيار استعمال ڪرڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن وڏو طاقتور ادارو آهي. سينيٽر رضا رباني چيو ته حڪومت آئيني ترميمي بل ان حوالي سان آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان ريفرنس کي هلائڻ هڪ مسئلي جا هڪ ئي وقت ٻه حل ڳولڻ جي برابر هوندو، آئيني ترميمي بل پيش ٿيڻ تائين عدالت ان ريفرنس جي ٻڌڻي روڪي ڇڏي ته جيئن ٻه ادارا آمهون سامهون نه ٿين. جسٽس اعجاز الاحسن چيو هڪ رستو آهي ته آئيني ترميم جي ضرورت ناهي، ٻيو رستو آهي ته آئيني ترميم ڪرڻي پوندي، انهن ٻنهي صورتن ۾ عدالت ۽ پارليامينٽ آمهون سامهون ڪيئن ٿينديون؟ معزز جج چيو ته قانون سازي پارليامينٽ جو ڪم آهي ۽ آئين جي تشريح عدالت جو اختيار آهي. اٽارني جنرل چيو ته بل پارليامينٽ ۾ هوندي به عدالت ريفرنس تي راءِ ڏئي سگهي ٿي، حسبه بل ڪيس ۾ عدالت گورنر کي بل تي صحيح کان به روڪي چڪي آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا آئين جي تشريح ڪرڻ عدالت جو ڪم ناهي، آئيني ترميم پيش ٿئي يا نه ٿئي عدالت کي تشريح جو اختيار حاصل آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا اپوزيشن اوپن بيلٽ تي متفق نه پئي ٿئي؟ جنهن تي اٽارني جنرل چيو اپوزيشن چاهي ٿي ته وڏي ايوان ۾ ووٽ وڪرو ڪرڻ ڏنا وڃن، هر ويڙهه فتح لاءِ ناهي وڙهي ويندي، اپوزيشن ڏهه سال پهرين متفق هئي، هاڻ واعدو پورو نٿي ڪري. ارڙهين ترميم ۾ 101 آرٽيڪلز ترميم ڪيا ويا، جڏهن ته ميثاق جمهوريت ۾ ڪيل واعدو پورو نه ڪيو ويو، چيف جسٽس چيو ته بدقسمتي سان اسان جي ملڪ جي سياست اهڙي ئي آهي، اٽارني جنرل چيو ته اوپن بيلٽ ۾ پرچي جي پويان ووٽر جو نالو لکيل هوندو، ارڙهين ترميم ۾ ميثاق جمهوريت لکڻ وارا ڇو وساري ويٺا آهن، ارڙهين ترميم ۽ ميثاق جمهوريت ڪرڻ وارا عدالت ۽ تاريخ کي جوابده آهن. چيف جسٽس آئين ۾ اليڪشن جو طريقيڪار لکيل ناهي ته پارليامينٽ قانونسازي ڪري سگهي ٿي، اٽارني جنرل چيو ته اليڪشن ڪميشن ته ڳجهي ووٽنگ جي حق ۾ آهي، جنهن ڌار وڪيل به مقرر ڪيو آهي، صدر، وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي چونڊن جو اليڪشن ايڪٽ ۾ ڪو ذڪر ناهي، آئين ۾ رڳو سينيٽ جي جوڙجڪ جو ذڪر آهي، اختيار استعمال ڪرڻ اچي ها ته اليڪشن ڪميشن تمام وڏو طاقتور ادارو آهي، اوپن بيلٽ رڳو شفافيت لاءِ چاهيون ٿا، ايم پي اي کي عوام کي ٻڌائڻ گهرجي ته هن ووٽ ڪنهن کي ڏنو. چيف جسٽس پڇيو ته ڇا اوپن بيلٽ ۾ پارٽي لائين کان هٽي ڪري ووٽ نه ڏنو ويندو، اٽارني جنرل چيو ته اليڪشن ڪميشن چاهي ٿو ته ڇا به ٿي پوي، اوپن بيلٽ ذريعي چونڊون نه ٿين، جي يو اءِ ۽ جماعت اسلامي ريفرنس جي مخالفت ڪئي آهي، سياسي جماعتون پارٽي لائين خلاف ووٽ ڏيندڙن کي ٽڪيٽ نه ڏيندي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ووٽ وڪرو ڪرڻ جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو، ثابت ڪرڻو پوندو ته پارٽي جي خلاف ووٽ ڏيندڙ ضمير وڪرو ڪيو آهي، چيف جسٽس چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن صدارتي ريفرنس جي مخالفت ناهي ڪئي. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اٽارني جنرل خالد جاويد خان اڄ به دليل جاري رکندو  ، وزيراعظم جناب عمران خان پنهنجا تاش جا پتا کيڏي رهيو آهي جنهن کان پوء مان سمجهان ٿو ته اپوزيشن جي اڳواڻن کي هو منهنجي نظر م جهڪائڻ م ڪامياب ٿي چڪو آهي ان ڪري پاڪستان جي وزيراعظم جناب عمران خان تمام سياسي رهنمائن سان مخاطب ٿيندي چيو آهي ته جيڪڏهن مڪمل لٽيل دولت هو واپس ڪن ته مان بلڪل استعفا ڏيڻ لاء تيار آهيان ، پر سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن هو ويچاره لٽيل دولت ڪنهن بهاني واپس به ڪن ته اها ضمانت ڪير کڻندو ته وزيراعظم ڪپتان صاحب استعفا به ڏيندو ،  برحال مان سينيٽ جي اليڪشن م به وڏو بحران ڏسي رهيو آهيان  اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان جي وزيراعظم پنهنجو پيغام واضع ڪيو آهي ته پيسا ڏيو مان استعفا ڏيندس بس سمجهان ٿو ته اپوزيشن ان جي چال سمجهي چڪي آهي ته ڪپتان ڇا ٿو چاهي پر اپوزيشن م پراڻا رانديگر آهن             

  وزير اعظم عمر ايوب ۽ حماد اظهر جي پارلياماني ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي جڏهن ته ٻين وزيرن جي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پارليامينٽ پنهنجي قوم جو نمائنده فورم آهي جتي هر وزير جوابده آهي، جمهوريت مضبوط ڪرڻي آهي ته پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻو پوندو. ذريعن موجب ڪابينا اجلاس ۾ مخالف ڌر جي استعيفائن جي ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ جو ذڪر به آڏو آيو جنهن ۾ وزير اعظم مخالف ڌر کي پنهنجي استعيفيٰ جي آڇ ڪندي چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ قوم جو ڦريل پيسو واپس ڪن آئون استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، استعيفيٰ ڏيڻ جي لاءِ همت ۽ جرئت گهرجي، جيڪا هنن وٽ ناهي، جيڪڏهن انهن ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جي همت هجي ها ته هي ڀڄن نه ها، نواز شريف، آصف زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان ملڪ جو ڦريل پيسو واپس ڪن. وزير اعظم چيو ته مخالف ڌر لانگ مارچ ڪيو نه ئي ماڻهن کي گڏ ڪري سگهي، سڄي زندگي ڪوڙا واعدا ڪيا ۽ هن ڀيري به قوم جي استعيفيٰ جو ڪوڙ ڳالهايو، هاڻ استعيفيٰ ڏيڻ جي بدران مخالف ڌر سينيٽ جون فضيلتون پئي بيان ڪري. عمران خان جو چوڻ هو ته جيڪي ماڻهو ماضي ۾ اين آر او ڪري جده ۽ ٻين ملڪن ڏانهن ڀڄي ويا انهن ۾ جرئت ناهي هوندي، جنهن جو پيسو سڄي دنيا ۾ پيل آهي انهن ۾ استعيفيٰ ڏيڻ جو حوصلو ناهي هوندو، آئون سڀاڻي ئي پنهنجي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان پر هي ملڪ جو پيسو واپس ڪن ، مان عرض ڪندس ته جتي ڪپتان وٽ ڀلور رانديگر آهن اتي پي ڊي ايم وٽ به مولانا فضل الرحمان ، آصف زرداري ، جهڙا جهونا رانديگر آهن جيڪي وقت تي ڪپتان کي چت به ڏيئي راند جو پاسو پلٽي به سگهن ٿا ، ان لاء اڃان انتظار ڪرڻو پوندو ،            

پهنجو تبصرو موڪليو