افلاطون جا بنيادي معاشرتي انقلاب جا اصول

تحرير طفيل مگسي

ارسطو ۽ سقراط امن محبت وپيار جا فلسفي هئا.جيڪڏھن ڪو ماڻھو مون کي يوناني فلسفي کي ٽن لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي لاء چوي ته مان ائين ئي چوندس ته امن.سچائي ۽ خوبصورتي ئي اصل ۾ ھن دنيا جي خاص ۽ اھم سڃاڻپ آھي. ۽ اھوئي سبب آھي ته يوناني مفڪرن جي ويجهو هن خوبصورت دنيا جو تحفظ ضروري آھي.ٻين جي ڀلائي تي مشتمل نظام نافذ ڪري ئي هن جو حسن برقرار رکي سگهجي ٿو.اهي ٽئي نڪتا هڪ اهڙي نظام  جو بنياد بڻجي سگهن ٿا.جنهن ۾ سڀني جي لاء خير هجي.مشھور مفڪر افلاطون جو فلسفو به خير.حسن وڀلائي جي چوڌاري گهمي رهيو آھي.جنهن ۾ فرد جي انفرادي ڏاھپ ۽ ايمانداري گڏيل مفاد ۾ استعمال ٿئي ٿي.هو خودي ۽ انسان جي بردباري تي يقين رکندو هو.ساڳيو ئي فلسفو افلاطون وٽ موجود هو.يعني هن پنهنجي ڪتاب“دي ريپبلڪ“ ۾ مختلف قسم جي رياستن جي جزن ۽ اخلاق جي بنيادي جزياتي عنصرن تي بحٽ ڪندي چئي ٿو ته خير کان خالي رياستن جو وجود برقرار رکڻ مشڪل آھي.ليڪن اهو بحٽ شروع ڪرڻ کان اڳ هو انساني روح تي به ڳالھ ٻولھ ڪري ٿو.رياست جي سر انسان ئي بڻجن ٿا.نه ته معاشري جو وجود ئي بي معني ٿي ڪري رهجي وڃي ٿو.انساني سوچ.فڪر ۽ گهرجن تي مڪمل بحٽ ڪرڻ بنا اڳتي وڌڻ مشڪل آھي.اولين طور تي انساني روح ڌيان جو مرڪز بڻجي ٿو.پوء ئي هو ان جا جزيا بيان ڪري ٿو.سقراط جي ان مشھور شاگرد افلاطون نئين اسڪول آف ٿاٽ يعني“افلاطونيت“ کي عالمي قومن جي سامهون پيش ڪيو.جيڪو ماڻھن جي مفاد ۾ ڪم آيو.جيتوڻيڪ سينٽ آگسٽائن به متاثر ٿيڻ بنا نه رهي سگهيو.آگسٽائن جي ڪمن ۾ به افلاطونيت جي جهلڪ چٽي آھي.جڏھن ته اهل مغرب جي مذھبي فڪر تي سينٽ آگسٽائن جي ڳوڙھي ڇاپ آھي.انسائيڪلو پيڊيا آف فلاسفي ۾ افلاطون جا مشھور نڪتا ضايع وڃايا ويا آھن. افلاطون “دي ريپبلڪ“۾ لکي ٿو ته“انسان کي انصاف جو ڀرجهلو ٿيڻ کپي.ڇاڪاڻ ته اهوئي سموري اخلاقيات جو ست ونچوڙ آھي.اهو سون کان به هزارين ڀيرا وڌيڪ قيمتي آھي.ڇوت اخلاقيات انسان کي ٻين تي فضيلت ڏيئي ٿي“ هو زور ڏئي چئي ٿو ته“هر انسان جي اندر چڱائي ۽ برائي جي ڇڪتاڻ جاري آھي.هر انسان ذات جي خودي ۽ چڱائي جي تعمير ۾ پاڻ سان جنگ واري حالت ۾ رهي ٿو.نه مٽجڻ واري جنگ هر صورت ۾ انصاف جي بالادستي ئي نصب العين هئڻ کپي“ اها اميد افلاطون پنهنجي عوام کان رکي ٿو. ۽ ھو سمجهي ٿو ته ان داخلي ڇڪتاڻ ۾ انسان هڪ بهتري ۽ چڱائي جي زنده تصوير بڻجي ڪري اڀري ٿو.اها داخلي ڇڪتاڻ لازمي آھي ۽ انصاف ڏانهن پهرين وک آھي.انصاف جو پهريون جز اخلاق آھي ۽ صاحب اخلاق بنجڻ جي لاء هر ماڻھو کي صاحب علم هئڻ گهرجي.ابدي حقيقت سان رشتو جوڙڻڻ جي لاء عقيدا ئي ڪافي ناهن بلڪ گيان ۽ علم به ضروري آھي.هو جهموريت کان اڻڄاڻ رهي ٿو.ڇوت جهموريت ۾ رياست کي حسن وخوبي سان هلائڻ وارا صلاحيت وارا ماڻھو رستو بند ڏسين ٿا.انهيء لاء هو هڪ اهڙن بادشاھن جو تصور پيش ڪري ٿو.جيڪي فلسفي جي دولت سان مالامال هجن يعني سٺو فلسفي ئي بهتر بادشاه بڻجي سگهي ٿو.عام ماڻھن جي برعڪس فلسفي بادشاھ پنهنجي علم جي بدولت خير کي واڌ ڏيندو ۽ خير جي ڪک کان خوشيون جنم وٺن ٿيون.علم ئي اصل ۾ خير ۽ خوشي جو نالو آھي.ان جي پهرين وک زندگي جي هر شعبي ۾ اعلي اخلاقيات جي وڌندڙ ترقي هوندو.اصل خوشي زندگي جو سڀ کان اعلي دماغ.عقل ودانش جي دولت سان مالامال شخص کي تخت نشين ڪري سگهجي ٿو ته جيئن اهو اخلاقيات واري اعلي ترين پيماني جي مطابق حڪمراني قائم ڪري سگهي.افلاطون جي دور ۾ يونانين جي اڪثريت ديوي ديوتائن کان مايوس ٿي ڪري منڪر ٿي رهي هئي.يعني اها قديم زماني جي ديوي ديوتائن(اپالو.زيوس.ايفروڊانٽس) جي وجود کان انڪاري هئا.يوناني مذھب ۾ ايمان جو ڪو دخل نه هو.ليڪن افلاطون جو چوڻ ھئو ته هي ڪائنات پاڻھي پاڻ ڪرشماتي طور تي وجود ۾ ناهي آئي.بلڪ هيء ھڪ الهامي طاقت جي وجود جو مظھر آھي.ڪائنات جو قيام هن ڳالھ جي نشاني آھي ته هن کي ٺاھڻ ۽ هلائڻ واري ڪا آخري قوت آھي.جنهن کان مٿاهين ٻي ڪا به قوت ناهي. ڪيترن موقعن تي هو ڪائنات کي ٺاھڻ وارن ديوتائن جا نالا کڻي ٿو.پوء شايد مايوس ٿي وڃي ٿو.هو سمجهي ٿو ته شايد ڍير ديوتا دنيا جا خالق ناهن.   هڪ مرحلي تي اچي ڪري هو بيهي رهي ٿو.ڪائنات جي جوڙجڪ جي ضمن ۾ ھو هڪ ئي خدا(  گاڊ ) جو نالو وٺي ٿو. ۽ ھن جي ويجهو اهائي ابدي حقيقيت آھي.شايد ان لاء هن جي فلسفي جو وڏو حصو مابعد الطبعيات جي چوڌاري گهمي ٿو.هن جو چوڻ آھي ته انسان ڪافي ڀيرا جيئي ٿو ۽ مري ٿو. ۽ اتي ان عمل ۾ انسان پاڪيزگي ڏانهن وڌندو هليو وڃي ٿو.هو زندگي کانپوء موت تي يقين رکي ٿو ۽ پاڪيزه روح پنهنجي   يعني پيدا ڪرڻ واري قدرت ڏانهن موٽي وڃن ٿا ۽ اهائي روحن جي ابدي زندگي آھي.جتان کان ڪو واپس نٿو اچي. هو مڃي ٿو ته اها ابدي ذات(خدا) مڪمل بهتري آھي.بدي ته انسان ڀٽڪندڙ روحن جا ڪرتوت آھن.صرف خدا(گاڊ) هر اعتبار کان ڪامل ۽ ھر خامي کان پاڪ آھي.افلاطون مردن ۽ عورتن جي سڃاڻپ ۾ تبديلين کي تسليم.ڪندي پنهنجي فلسفي کي اڳتي وڌائي ٿو.هو مڃي ٿو ته محض جسماني طاقت ۾ مرد عورت تي حاوي آھي.باقي هر لحاظ کان ٻئي برابر ۽ ھڪجهڙن حقن جا لائق آھن.ٻئي معاشري جا اهم ڦيٿا آھن.مرد کي عورت تي فضيلت حاصل آھي.هو جنس جد پيماني تي عورت کي ڪنهن به حق کان محروم ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏيئي.هن جي ان فلسفي ۾ سقراط جي جهلڪ نظر اچي ٿي.هن جي لفظن کان به سقراطيت جهلڪندي ڏيک ڏيئي ٿي.ان موڙ تي افلاطون يونان جي با اثر طبقن سان ٽڪرائجي وڃي ٿو.هن جو اهو بيان مردن جي برتري تي قائم يوناني نظام جي انڪاريت جي سچائي هو.يوناني معاشري ۾ برابري جو اصول نافذ نه هو ڇاڪاڻ ته عورت نيچ هئي.عورت کي حڪمراني ۾ نمائندگي حاصل هئي نه انتظاميا ۾ عمل دخل هو.رومي به گهٽ نه هئا.هنن به عورتن کي غلام سمجهي رکيو هو.ائين برابري جو اصول پيش ڪري افلاطون طرز حڪمراني جون بنيادون ڌوڏي ڇڏيون..اها نهايت وڏي ۽ خاص تبديلي هئي.اهل مغرب به انهيء کي اپنايو.افلاطون جي نظر ۾ ڪائنات جي خالق انسان ٺاھڻ وقت ان ۾ روح ڦوڪيو.جسم مري وڃي ٿو.ليڪن روح کي فنا ناهي بلڪ اهو دائمي زندگي جو وجود   آھي.منطقي.غيرمنطقي حصي کي بک لڳي ٿي منطقي. غير منطقي  ۽ روحانيت منطقي حصي ۾    علم جي حاصلات ۾ رهي ٿو.اهو نظم وضبط جو قائل آھي.غير منطقي حصي کي بک لڳي ٿي .جيڪو ماني ۽ پاڻي جي ڊڪ ڊوڙ ۾ رهي ٿو يعني هي کائجي هو کائجي.يعني اهو حصو جذبات جي وهڪري ۾ وهي وڃي ٿو.ٻيئي کي به خراب ڪري ٿو.ٽيون حصو روحانيت آھي.۽ اصل روح اهو روح واري حصي کي منطق ۽ سچائي ڏانهن راضي ڪري ٿو.هن جي ويجهو انسان ان وقت مري وڃي ٿو.جڏھن روح ھن جي جسم کان اڏام ڪري وڃي ٿو.هو چئي ٿو ته هر انسان ۾ برائي جا عنصر ڏٺا وڃن ٿا.ٻاھريان عنصر.بيڪار خوراڪ يا رھڻي ڪھڻي هن کي برائي ڏانهن وٺي وڃن ٿا.بري خوراڪ جسم کي ماري ڇڏي ٿي.مگر روح انهن ڳالھين کان مٿاهون آھي.جيڪو سدائين محفوظ رھي ٿو.افلاطون غار جي ڪهاڻي بيان ڪندي قاري اڻڄاڻ دنيا جي اسرارن ۽ رمزون سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿوفرض ڪريو ته ڪجه ماڻھن غار ۾ جنم ورتو.اتي نپيا وڌيا ويجهيا.انهن جي سڄي ڪائنات اهائي غار آھي.ٻاھرين دنيا جو انهن کي بلڪل پتو ناهي.پوء اوچتو انهيء غار جي ڪنهن ڪنڊ کان روشني جو ڪرڻو نروار ٿيئي ٿو.ليڪن انهن کي روشني جو ڪو ب پتو ناهي ته اها ڪهڙي شيء آھي.اهي سوچ سمجھ نٿا رکن.انهن کي ڀتين تي پاڇو ڏيک ڏيئي ٿو.مگر اهي ان کي به سمجهي نٿا سگهن. انهن جي ويجهو سڀ کان وڏي سچائي اهي ڀتين تي پوندڙ پاڇا آھن.حالانڪ اهي ته پاڇا آھن.انهن جي ڪا حقيقت ناهي.ليڪن غارن جي رهواسين جي لاء اهي پاڇا ئي سڀ ڪجھ آھن.اصل حقيقت يعني دوکو ئي انهن جي سچائي آھي.ان مثال کان هو اصل دنيا جا اسرار سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو يعني هو چئي ٿو ته جنهن دنيا ۾ اسان رهون ٿا .اها اصل دنيا جو عڪس آھي.پاڇو آھي.ان کانسواء اسان جي دنيا جي ڪا حقيقت ناهي.ليڪن اسان ان کان بي فڪر آھيون.اها دنيا اسان جي سوچ سمجھ کان مٿاهين آھي.ان ڪري ئي اسان ان جي پروڙ ناهي.جنهن کي اسان حقيقت سمجهي ويهون ٿا بلڪ اهو حقيقت جو پاڇو آھي.هو فلسفي حڪمران کي ئي مثالي حڪمران سمجهي ٿو يعني هو چئي ٿو ته زندگي جي پوڄا ۽ سستي وڪاهلي ڪنهن رياست جي لاء موت جي نشاني آھي.حڪمراني ۽ عياشي گڏوگڏ نٿيون هلي سگهن.ڇاڪاڻ ته اهي هڪ ٻئي جو ضد آھن.غربت به رياست جون پاڙون کوکليون ڪري ڇڏي ٿي يعني جيڪڏھن ڪو مضبوط ۽ طاقتور رياست جو قيام چاهي ٿو ته ڪاهلي ۽ سستي کي پنهنجي بدن کان سدائين جي لاء ڇنڊي ڇڏي.رياست ۾ غربت کي مٽائڻو پوندو.ڇوت اها مضبوط رياست جي    آھي.بقول افلاطون“بي لغام عياشي.ڇڙواڳي.مغروري ۽ ڪاوڙ جي ماء آھي“ صرف خوشحالي ئي ڪنهن به رياست جي اتحاد واستحڪام جي ضامن آھي.سقراط زخمي آڱر جو مثال ڏيندي چئي ٿو ته هڪ زخمي آڱر سموري بدن کي تڙپائي ڇڏي ٿي.ان ريت معاشري جو ڪو حصو زخمي ٿيئي يا هجي ته سمورو معاشرو بي آرام ٿي وڃي ٿو.اها ڇڙواڳي جي نشاني آھي. بهتري جي عالم ۾ ئي رياست ترقي ڪري سگهي ٿي.دنيا  ڪيئن بدلي؟افلاطون جي انهن نڪتن عالمي تبديلي کي جنم ڏنو.پائيدار جهموريت جي قيام جي خاطر غربت جو خاتمو ۽ مرد وعورت جي برابري جا اصول افلاطون سيکاريا.اسان اڄ ڏسي رهيا آھيون ته جهموريت کي پنهنجي بقا جي جنگ وڙھڻي پئجي رهي آھي.غربت.بي انصافي ۽ معاشرتي هيٺائين مٿاهينء جهموري ماحول کي غليظ ڪري ڇڏيو آھي.جهموريت جي پاڇي هيٺ پلجڻ واري ڪارپوريٽ ڪلچر دنيا کي اميري ۽ غريبي ۾ ورهائي ڇڏيو آھي.جنهن جو امريڪا چٽو مثال آھي.جتي دولت جي غيربراري واري ورهاست ۽ انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽون اتحاد کي ٽڪر ٽڪر ڪري رهيون آھن.افلاطون جهالت کي تباهي جو سڀ کان وڏو سبب قرار ڏنو آھي. ۽ اڄ دنيا عالمن جي ڳولا ۾ آھي.برين ڊرين ٿي رهيو آھي.افلاطون علم ودانش کي حڪمراني سان مشروط ڪيو ۽ اڄ پڙھيل لکيل سمجهدار اڳواڻن جي چونڊ ضرورت بڻجي وئي آھي.هن ڪفر ۽ الحاد جي چڪڻ ۾ چڪيل معاشري ۾َھڪ“گاڊ“ ۽ انهيء جي عبادت جو تصور پيش ڪيو ته بيشڪ الله تعالي ئي سڀ کان وڏي حقيقت ۽ سچائي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو