نشو ۽ تباهه ٿيندڙ اسان جو نوجوان نسل

نشو ۽ تباهه ٿيندڙ اسان جو نوجوان نسل

تحرير محمد امين ميمڻ

ڪنھن ڏاھي جو چوڻ آھي ته ڪنهن به قوم کي جيڪڏهن تباھ ڪرڻو ھجي ته ان قوم کي علم کان پري رکو ۽ ٻيو ان قوم جي نوجوان نسل کي نشي جو عادي بنايو اها قوم خود به خود تباھه ٿي ويندي  اسان جا نوجوان به نشي جهڙي موضي بيماري ۾ وٺجي ويا آھي۔ سنڌ جي نوجوان نسل ۾ انهن بيمارين ته گهر ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري اهي پنهنجي مستقبل کي اونداهيءَ جي طرف ڌڪيندا وڃن ٿا، گٽڪو، سگريٽ ،شيشو ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون نشي واريون شيون، اسان جي ماڻهن ۾ ڦهلجنديون وڃن ٿيون،ڪجھ ڏينھن پھريان ڪنهن دوست جي دعوت تي هڪ مچ ڪچهري ۾ وڃڻ ٿيو سياري ۾ مچ ڪچهرين جو رواج اجڙيل اوطاقن کي آباد ڪرڻ سٺو سونئڻ آھي پر جڏھن انھن محفلن ۾ ھر ماڻهوءَ خاص طور تي نوجوان کي سنڌ ۽ ثقافت علم ۽ ڄاڻ جو سامان مھيا ڪري ڏنو وڃي ته ھوند اھي مچ ڪچهريون پائدار ثابت ٿي وڃن پر مون مچ ڪچهريءَ ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو سو ڏاڍو ڏکوئيندڙ منظر ھو ان مچ ڪچهريءَ ۾ جتي راڳ جي محفل به هئي جڏهن مان ان ۾ پهتم ته سچ پڇو اکين مان ڳوڙها وهي آيا. جيڪو نوجوان نسل  اسان جي مستقبل جو معمار آھي انهن جي هٿن ۾ شراب جا گلاس هئا ۔ ڪي نوجوان ته ٽولا ٺاهي هڪو (شيشو) پي رهيا هيا ، ان وقت دل اندر ۾ رت جا ڳوڙها پئي روئي رھي ھئي ته اسانجو نوجوان ڪھڙي طرف وڃي رھيو آھي، انهن نوجوانن جي عمر 16 کان 20 سال هئي ، اهي نوجوان هڪي (شيشو) پيئڻ کي فيشن سڏي رهيا ھئا۔ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄڪلهه نشو واپرائيندڙ نوجوانن جو وڏو انگ عادي ٿيندو پيو وڃي. سنڌ ۾ تيزي سان منشيات واپرائڻ جو هڪ سبب نشي آور شين جي آساني سان دستيابي پڻ آهي. اها حالت سنڌ جي هر ننڍي وڏي شهر ۾  آهي، جتي منشيات فروش بنا روڪ ٽوڪ جي نوجوان نسل کي تباهه ڪرڻ واري مهم تي لڳل آهن. هن ملڪ ۾ ايترا موت دهشتگرد واقعن سبب نه ٿيا آهن، جيترا نشي سبب ماڻهو فوت ٿيا آهن. چيو وڃي ٿو ته ملڪ ۾ نشو واپرائيندڙ ماڻهن جو انگ 70 لک جي لڳ ڀڳ آهي، منشيات جي استعمال سان هر سال تقريبن اڍائي لک جانيون ضايع ٿين ٿيون.۽ لکين نوجوان نشي سبب تعليم کان ڪنارو ڪري هڪ گمنام زندگي گذارن پيا ۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته نوجوانن ۾ نشي جو استعمال هلڪي نشي کان شروع ٿئي ٿو، جنهن ۾ سگريٽ، پان، گٽڪو، شامل آهن، جنهن کان پوءِ اهي نوجوان شراب، هيروئن، چرس، ڀنگ، شيشو، نشي آور انجيڪشن ۽ آرام واريون دوائون استعمال ڪرڻ شروع ڪن ٿا.نوجوان پنهنجي اوطاقن تي گروپن جي صورت ۾ به نشو واپرائن ٿا، جنهن ۾ والدين  جي لاپرواهي گهٽ پر نوجوان جي غير سنجيدگي ۽ بي علمي هڪ وڏو سبب اهي جنهنڪري  نوجوان آھستي آھستي  نشي جا عادي ٿي وڃن ٿا. سڀ کان پهرين اهي نوجوان پنهنجي گهر وارن جي لاءِ پريشاني جو سبب بڻجن ٿا، ان کان پوءِ اهي نوجوان معاشري جي لاءِ مسئلا پيدا ڪن ٿا.پراڻي دور ۾ ماڻهوءَ جي عمر سؤ سال جي ويجهو هئي، سدائين نوجوان ڪلها ڏئي، پنهنجي پيرسن وڏڙن کي دفن ڪرڻ ويندا هئا، هاڻي پوڙها/ پيرسن، نوجوان نسل کي ڪلها ڏئي پورڻ لڳا آهن! اوهان ان حقيقت جا پيرا کڻو، ته سڀ ڪجهه پڌري پٽ پيو آهي. اڳئين دور ۾ حقو ۽ سلفي استعمال ڪري تماڪ ڇڪبو هو، پوءِ پن جون ٻيڙيون، تنهن کان پوءِ، انيڪ قسم جا سگريٽ استعمال ٿيڻ لڳا جن تي لکيل هوندو آهي ”خبردار تمباڪو نوشي صحت لاء ھاڃيڪار آھي……“. تنهن هوندي به سگريٽ عام جام وڪامي ۽ پيئجي ٿو، سگريٽ پيئندڙ کان وڌيڪ پيئڻ جي ڀر ۾ ويٺل متاثر ٿئي ٿو ۽ ماڻهو جي حياتي کُٽي ٿي پر ڪو ان تي توجه نه ٿو ڏئي  حڪومت جا ٺھيل قانون کي ڪو عملي جامو پارائڻ لاء تيار نه آھي. اچو ته اسان پنهنجو پاڻ سان عھد ڪيون ته اسان کي پنهنجي نوجوانن کي منشيات جهڙي لعنت کان بچائڻو آهي ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ منشيات مافيا مختلف طريقن سان اسان جي نوجوان نسل کي پنهنجو نشانو بڻائي رهي آهي. منشيات فروشي ڪرڻ وارا ماڻهو بي ضمير هوندا آهن جيڪي ڪجهه ٽڪن عيوض پنهنجو ايمان کپائيندا آهن. منشيات وڪرو ڪرڻ وارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.  اڄ اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي نه بچايوسين ته اسين پوئتي رهجي ويندا سين،اسان سڀني جو اخلاقي فرض آهي ته پنهنجي نوجوانن کي آگاهي مهم ذريعي انهن کي آگاهه ڪيون جيئن هو منشيات جهڙي لعنت کان بچي سگهن ۽ پنهنجو مستقبل سنواري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو