وزيراعليٰ سنڌ پاران آدمشماري تي اٿاريل سوال

تحرير رضا عبدالفتاح عباسي

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي سنڌ جي موقف کي واضع ۽ چٽو ڪندي جيڪو سنڌ جي آدمشماري تي شديد قسم جا اعتراض اٿاريا آهن اهي حق بجانب آهن، وڏي وزير جو اهو چوڻ آهي ته آدمشماري ۾ سنڌ جي گهٽ آبادي جي حوالي سان سي سي آءِ ۾ اعتراض واريا آهن، جڏهن ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ مان آدمشماري جي سلسلي ۾ اعتراض واريا ويا آهن، سنڌ جي آدمشماري ڇهه ڪروڙ کان مٿي آهي ته انهي کي 4 ڪروڙ 70 لک ڏيکاري سنڌ سان کليل بدنيتي ڪئي وئي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ اسان قبول نه ڪنداسين،اهڙي عمل بعد يقينن ملڪ ۾ ٿيندڙ آدمشماري بظاهر تڪراري بڻجي وئي آهي،ڇاڪاڻ ته جڏهن ملڪ جا ٽي صوبا ٿيندڙ آدمشماري کي قبول نه ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ اهي سي سي آءِ ۾ اعتراض واري چڪا آهن ته پوءِ اهڙي متنازعه تڪراري آدمشماري ٿيڻ بعد ٽنهي صوبن کي ڪيئن پنهنجو جائز حصو ملي سگهندو انهي ڪري اهڙي تڪراري آدمشماري ڪرڻ کان بهتر آهي ته صاف، شفاف ۽ انصاف تي مبني بهتر آدمشماري ڪرائي وڃي، جنهن سان ڪنهن به صوبي کي ڪو اعتراض باقي نه هجي، ڇاڪاڻ ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته هن آدمشماري ذريعي ئي صوبن کي بجلي، گيس، روڊ، رستا، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، نوڪريون روزگار جي وسيلن سميت سموريون سهولتون ڏنيون آهن ته پوءِ جڏهن سنڌ جي 6ڪروڙ کان مٿي آدمشماري کي وزيراعليٰ سنڌ مطابق 4 ڪروڙ ۽ 70 لک ڏيکاريو ويو آهي ته پوءِ ڪيترو فرق واضع ٿي ويو آهي ۽ اهڙي طرح سنڌ جي معاملن ۾ هڪ ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ آباديءَ وارا ماڻهو پوئتي ڏيکاريا ويا آهن، جيڪا سراسر زيادتي ۽ ظلم آهي، هونئن ته سڄي دنيا ۾ آدمشماري ٿيندي رهي ٿي ۽ صاف شفاف انداز ۾ ٿئي ٿي. ترقي يافته ملڪن ۾ سي اين آءِ سي قومي نيشنل ڪارڊ ذريعي مڪمل ڏنل بائيو ڊيٽا مطابق وڏي مدد تحت آدمشماري ائين ٿيندي رهي ٿي ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه ٿي هجي ڇاڪاڻ ته ترقي يافته ملڪن ۾ ماڻهن کي پنهنجي ٽائيم جو انتهائي قدر رهي ٿو ۽ آمريڪا، لنڊن، جاپان، ملائيشيا، ڪوريا، چين سميت ٻين ملڪن ۾ آدمشماري پنهنجي وقت سر ٿيڻ ۽ پوءِ ملڪ جي صوبن رياست جي مختلف حصن کي پنهنجي پنهنجي حصي مطابق حصو ڏيڻ لازمي سمجهو وڃي ٿو.جنهن ۾ ڪنهن به ماڻهو کي ڪو به اعتراض وغيرهه نٿو رهي پر پنهنجي ملڪ ۾ هن مامري کي به هروڀرو ۽ ڄاڻي واڻي اينگهائي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي. ملڪي قانون ۽ آئين جي روح مطابق هر ڏهن سالن بعد آدمشماري ٿيڻي آهي اها هاڻي 20 سالن کانپوءِ ٿي رهي آهي پر انهيءَ لاءِ حڪمران جماعت جو ڪو به ڪمال ناهي.انهيءَ لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سخت اسٽينڊ ورتو ته آدمشماري صاف شفاف ڪرائي صوبن کي پنهنجو جائز حصو ۽ وسيلا ڏنا وڃن ۽ احساس محرومي ختم ڪئي وڃي.جنهن کان پوءِ هيءَ 20 سالن بعد ڀلائي ٿئي ٿي،هن آدمشماري جي تياري سميت مڪمل خرچ 18 ارب رپيا بجيٽ ٻڌايو پيو وڃي.جنهن ۾ آدمشماري عملي سميت پوري ملڪ اندر اسڪولن جا استاد حصو وٺي رهيا آهن.گهر شماريءَ جو سلسلو رهيو جنهن ۾ ڪيترن ئي ڪراچيءَ جي سنڌي آباديءَ جي گهر شماري رهجي وئي آهي جنهن لاءِ ميڊيا ۾ رپورٽون به آيل آهن.جنهن کان پوءِ ڪو به کڙتيل نه نڪتو آهي. هاڻي گهر شماري بعد ماڻهن جي ڳڻپ جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ڪنهن به علائقي ۾ ڪنهن جو گهر ئي شمار نه ڪيو ويندو ته پوءِ انهيءَ علائقي ۾ وري ماڻهو ڪئين ڳڻيا ويندا انهيءَ آدمشماري لاءِ سنڌ جون سموريون تنظيمن ۽ ٻين بار بار وڏي واڪي سنڌ جي شهر شهر وستي واهڻ  نگر نگر ۾ پنهنجي قوم  ۾ شعوري طور سگهارو بڻائڻ لاءِ گهر گهر در در وڃي جيڪا سنڌ جي وجود جي بچاءَ لاءِ سگهاري آدمشماريءَ بابت پرچار ڪئي ته خدارا پنهنجي سنڌ وطن جي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌ ۾ رهندڙ سموريون برادريون، قبيلا، ڪٽنب، ڀلي جو اهي راجستاني، براهوي بروهي، مارواڙي، پارسي، سرائيڪي،لورڪي، ڍاٽڪي،بلوچ  انهن ۾ مختلف ذاتين ۽ پاڙن جي ماڻهن کي به پنهنجي ڌرتي ماءُ سنڌ سان نينهن نڀائڻ ۽ هن وقت پاڻ ملهائڻ گهرجي، پنجابي، اردو، گجراتي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي سميت ٻيون بوليون ڳالهائيندڙ آهن پر اهي سڀ سنڌ  مستقل رهندڙ قومون آدمشماريءَ جي ڏينهن سڀ سنڌي طور پنهنجي سڃاڻپ ڪرائين ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌ آهي ته پوءِ اهي قومون به آهن نه ته سمورين قومن جي زوال جو دور ڪنهن ڀته خور، ڊرگ مافيا، ٽارگٽ ڪلرز، بوري بند لاشن جي سياست جي ور چڙهڻ سبب سموري سنڌ سورن جي ور چڙهي سگهي ٿي.حق حڪمراني ۽ سنڌ جي بقاءَ جو سوال آهي اڄ ڪلهه ڪي نا سمجهه ماڻهو پنهنجي ڪم عقلي سبب رڳو آدمشماريءَ کي بينظير انڪم سپورٽ تائيڻ محدود ڪرڻ لڳن ٿا.ميڊيا ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته ڪٿي ڪٿي موجوده دور ۾ به آدمشماري عملي کي ڪي ماڻهو اهو چئي پنهنجي گهر جي ڀاتين جي مڪمل معلومات نٿا ڏين ته اسان پنهنجي ٻارن ( عورتن) جا نالا ٻاهر نه ڏينداسين ٻين کي وري خبر پوي، ته ڪي  ماڻهو وري آدمشماري عملي کي انهيءَ لاءِ به پنهنجي پوري گهر ۾ رهندڙ ماڻهن ڀاتين جي معلومات فراهم نٿا ڪن ته اسانجي علائقن ۾ 73 سال گذرڻ باوجود روڊ رستا، ناليون گهٽيون نه ٺهيا آهن ۽ اسانجي پڙهيل لکيل تعليم يافته نوجوانن کي نوڪريون ڇو نه ٿيون ڏنيون وڃن . اهڙي طرح ماڻهن جا طرح طرح جا سوال واقعي معاشري جي هر فرد جا ٿي سگهن ٿا پر هر حال ۾ ۽ هر صورت ۾ اسانکي پنهنجي قومي بيداريءَ ۽ قومي شعور جو مظاهرو ڪندي خدشن ۽ اعتراضن باوجود به پنهنجي سنڌ وطن جي هر فرد کي ڳڻپ ۾ ڳڻائڻو آهي ڪو به گهر ڪو به فرد ڪنهن به حال ۾ رهڻ نه گهرجي.متحده اڳواڻ آدمشماري جي حوالي سان چون ٿا ته ڪراچي ۽ سنڌ جي شهري علائقن ۾ آدمشماري بلاڪ، چارج ۽ سرڪل ۾ ڄاڻي واڻي غير قانوني گهٽتائي جو اسانکي خدشو آهي. نمبر پهرين ڳالهه ته هو ڪراچي ۽ سنڌ جو ڌار ڌار ذڪر ڪري سنڌ جي وجود سان ٻه اکيائي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. ڪراچي سنڌ آهي ۽ انهيءَ کي ڌار لکڻ پڙهڻ يا ڳالهائڻ سنڌ سان ويساهه گهاتي برابر عمل آهي. جنهن تي سنڌ جون قومپرست جماعتون بار بار اهڙن لفظن ۽ ٻولي جي ورجاءَ تي پنهنجا مذمتي بيان نه پر عملي طرح به ميدان ملهائي ڏيکاريو آهي، ڪراچيءَکي ڌار ۽ سنڌ  مٿان وار ۽ جناح پور ۽ اهڙي هر سازش خلاف ديوار بڻجي جيڪو قومي فرض نڀايو تنهنجو ڪو مثال ئي نٿو ملي سگهي.سنڌ جا ماڻهو پنهنجي بقاءَ جي جنگ واري ميدان عمل ۾ لٿل آهن جيڪڏهن هو پنهنجي تشخص برقرار رکڻ چاهين ٿا ته بغير ڪنهن غفلت ۽ لاپراهيءَ جي ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين پنهنجي گهرن ۾ موجود هر فرد جي بائيو ڊيٽا معلومات ڏيندا رهن ۽ پورا پورا انگ اکر صحيح صاف شفاف انداز ۾ آدمشماريءَ ۾ حصو ورتو وڃي پينسل بجاءِ پين ۽ انهن انگن اکرن جي پاڻ وٽ به تصديقي ڪاپي ضرور رکن ته جيئن سازشي عنصرن کي معلوم هئڻ گهرجي ته هن وقت ڌرتيءَ جا وارث جاڳي پيا آهن.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور جي دوري دوران آدمشماري جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آدمشماريءَ بابت خدشا ختم ڪيا وڃن ۽ مڪمل صاف شفاف انگ اکر پينسل بجاءِ پين سان لکي روزاني جي بنياد تي ميڊيا ذريعي پڌرا ڪيا وڃن ڪنهن به صوبي ۾ ڪنهن به ملڪ جي اصل باشندي ڌرتيءَ واسيءَکي نه رهايو وڃي انهن ۾ غير ملڪين ۽ ٻين جي لاءِ ڌار شناخت ڪرڻ گهرجي،جڏهن ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه آدمشماري جي حوالي سان چيو آهي ته اسان کي خدشا آهن انهن جو ازالو ڪرڻ گهرجي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ڪنهن به گهر جي ڳڻپ رهجي نه وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ به گهر ۽ انهيءَ گهر جا ڀاتي رهجي وڃن ٿا ته اهو سنڌ جو وڏو نقصان ليکيو ويندو. سنڌ جو عوام صحيح انگ اکر ۽ ڳڻپ جو خواشمند آهي، هنن چيو ته آدمشماري سنڌ جي عوام لاءِ گهڻيون خوشيون ۽ خوشخبريون آڻيندي سنڌ جي نوجوانن کي روزگار جا وڌيڪ وسيلا ملڻ لڳندا ۽ ڪنهن به حوالي سان سنڌ پنهنجي حصي جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ جائز حقن ۽ وسيلن کان پوئتي نه رهندي، سنڌ جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ هيءَ آدمشماري تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ سنڌ جا سمورا وسيلا ۽ بنيادي حق انهيءَ ملڪي آدمشماريءَ سان وابسته آهن.سنڌ ڌرتيءَ جو وجود،بقاءَ ۽ سلامتي انهيءَ ڳالهه ۾ سمايل آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي هر پليٽ فارم تي اهو ئي آواز اٿارين ته اسان کي پنهنجن محلن، پاڙن،گهٽين، ڪالوني،علائقن، شهرن، ڳوٺن وستين مقصد ته هر لحاظ تي متحرڪ مقصد لاءِ اڳتي اچي نه رڳو فوٽو سيشن، اخباري،ميڊيائي نيوز لاءِ نه پر عملي طرح سنڌ جون قومپرست پارٽيون،وفاقي پارٽيون،مذهبي جماعتون ۽ اين جي اوز کي به آدمشماري جي لاءِ عملي ميدان ۾ اڳتي اچڻ کپي، سنڌ ۾ لکين افغانين ، برمين، بهارين بنگالين، اذبڪستانين سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان لوڌيل غير ملڪين ڀڳوڙن جيڪي روزانو سنڌ ۾ غير قانوني انداز ڪٽڪن جي صورت ۾ اچي رهيا آهن انهن غير قانوني ۽ غير ملڪين جي روڪرائڻ لاءِ ناڪابندي ڪندي روڪڻ لاءِ سنڌ جي سرحدين وٽان روڪ ٿام ڪندي اپاءَ ورتا وڃن ۽ سنڌ کي وڌيڪ دنيا جي بين الاقوامي يتيم خاني بڻائڻ جي ڪوشش کان بچايو وڃي انهيءَ سان نه صرف سنڌ امن سلامتي ۽ سک جو ساهه کڻڻ لڳندي پر صوفياڻي سنڌ جو ٻيهر روشن ستاري جهڙو ڏيک پڻ ڏيڻ لڳندي.

پهنجو تبصرو موڪليو