سنڌو تي نئين پل تعمير بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي

سکر( ن سنڌيار)سنڌ ھاء ڪورٽ سکر پئينچ ۾ پي پي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه پاران سنڌو درياءَ تي نئين پل جي تعمير بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي آھي خورشيد شاھ پاران وڪيل محفوظ اعواڻ معرفت درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته روھڙي ۽ سکر جي وچ ۾ سنڌو درياهه تي قائم لينس ڊائون پل کي مدت کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي  پل زبون حال آھي تنھنڪري نئين پل تعمير ڪئي وڃي  عدالت ۾ آبپاشي کاتي جي انجنيئر فياض شاھ پاران به رپورٽ ۾ ڄاڻايو  ويو ته سکر بيراج پڻ مدت پوري ڪري چڪي آھي ھاء ڪورٽ جي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ جسٽس فھيم صديقي  سنڌو درياه تي نئين پل جي تعمير جو ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو متبادل پل لاء جاري ٿيل رقم ليپس نه ٿيندي  ضروري ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد ڪم شروع ڪيو وڄي ٻن مھينن اندر اين ايڇ اي روائيز فزبيلٽي رپورٽ ٺاھي منسٽري آف ڪميونيڪيشن کي ڏني وڃي ،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو