تبديلي سرڪار جو فرمان آپ ني گھبرانا نهين هي

تحرير اعجاز علي سوڍر

پاڪستان جو غريب عوام هر روز نئين آس ۽ اميد سان صبح ڪندو آهي ته شايد اڄ ڪا خوشخبري ملي، اڄ ڪو اهنج سَهَنجا ٿِين، اڄ ڪو سُڪون سان زندگي گذارڻ جو نياپو ملي. مگر هر روز جيان ساڳيا سُور سَهي رات جو اڌورا ارمان دل ۾ سانڍي سمهي رهي ٿو. هر حڪومت اقتدار کان پهريان عوام کي ڏٽا ڏنا، دلاسا ڏنا، سُهانا خواب ڏيکاريا، ووٽ وٺڻ لاءِ ٻين کي گھٽ وڌ ڳالهائي پنهنجي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ مختلف واعدا ڪيا. ڪنهن اٽي، لٽي ۽ اجھي جو ڏٽو ڏنو، ڪنهن روٽي، ڪپڙا اور مڪان جا خواب ڏيکاريا، ڪنهن سستي روٽي جو راڳ الاپيو، ڪنهن ووٽ ڪو عزت دو جو نعرو لڳرايو، ڪنهن روزگار ته ڪنهن مڪان، ڪنهن تعليم ته ڪنهن صحت جو آسرو ڏنو. بالا آخر هڪ همراھ ته قرآن مٿي تي کڻي مديني جي رياست جوڙڻ جو يقين ڏياريو. بجلي، گئس ۽ تيل سستو ۽ عام ڪرڻ واعدو ڪيو، لکين گھر ۽ هڪ ڪروڙ نوڪرين جو ڏٽو به ڏنو. آخر ۾ اهو نعرو لڳايو ته تبديلي ايندي ۽ نئون پاڪستان ٺهندو. جوان جو پٽ هزارن جي تعداد ۾ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ساڻ ڪري ان وقت جي موجوده حڪومت خلاف روڊن تي نڪري آيو. اچي وڏا وڏا بيان ڪرڻ لڳو. بجلي مهانگي ڇو؟ گئس جي کوٽ ڇو؟ بي روزگاري ڇو؟ ايتري مهانگائي ڇو؟ جوان جذبات ۾ اچي پاڻ ڏي آيل بجليءَ جا بل سرعام ميڊيا جي سامهون ڦاڙي چيو ته اسان هن ملڪ جا باشنده آهيون، بجلي اسان جي آهي، اسان جو به ان تي حق آهي پوءِ ايترا ڳرا بل ڇو ڀريون؟ مان هي بل ڦاڙيان ٿو، بجليءَ جا پئسا نه ڏيندس، حڪومت کي جيڪو ڪرڻو آهي سو ڪري. گئس مهانگو آهي، راشن مهانگو، اٽو مهانگو، عوام بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهي، بي روزگاريءَ سبب خودڪشيون ڪري ٿو، اهڙي مهانگائي عوام سان وڏو ظلم آهي. ڪونه ٿي کپي اسان کي اهڙي حڪومت، ڪونه ٿو گھرجي اهڙو حڪمران. هنن حڪمرانن کان استعيفا وٺي پوءِ واپس موٽندس. اگر مون کي حڪومت ملي ته سڀ کان پهريان مهانگائي ختم ڪندس، مان هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندس، لکين گھر ٺهرائي ڏيندس، هڪ نئون پاڪستان ٺاهيندس. نئين پاڪستان جو سُهانو سَپنو هر غريب جي دل تي اثر ڪرڻ لڳو. عوام سمجھيو ته هي اسان جو درد سمجھي ان جو دارو ڪرڻ لاءِ روڊن تي نڪري آيو آهي، سو دل جي خوشيءَ سان سندس ساٿ ڏنو. هي پهريون ماڻهو هو جنهن تبديليءَ جو نعرو لڳايو. عوام مٿس انڌو اعتبار ڪري کيس اقتدار تائين پهچايو. جوان جي پٽ اچڻ سان ئي اهو اعلان ڪيو ته مان پنهنجا سڀ واعدا پاڙيندس. عوام ۾ هڪ خوشيءَ جي لهر ڊوڙي. ڪجھ وقت کان پوءِ سائين جن اها ڳالھ واضع ڪئي ته مون کان پهريان جيڪي صاحب اقتدار هئا انهن ملڪ جو خزانو لُٽي پنهنجا بئنڪ بئلنس ڀريا آهن، مان انهن کان اهي کسيل پئسا واپس اوڳاڙيندس، بس توهان گھٻرايو نه. سائين جن پنهنجا هٿ وڌائي ملڪ کي لُٽيندڙن جو گھيرو تنگ ڪيو. آئي ڏينهن ٻُڌڻ ۾ آيو ته فلاڻي هيترا ارب روپيا لُٽيا، ان کان هيترا ارب اوڳاڙي ٿي، هن هيترو لُٽيو ۽ هيترو ان کان اوڳاڙي ٿي. مطلب اربين روپين جي اوڳاڙي ٿيڻ لڳي. وري نيب پنهنجي ڪاروائي سخت ڪرڻ شروع ڪئي. عوام خوش ٿيو ته هاڻي اسان جو لُٽيل خزانو اسان تي واپس خرچ ٿيندو. پر ڪمال جي ڳالھ اها ٿي ته 50 ڪروڙ لُٽڻ واري کان نيب 10 ڪروڙ وٺي ڇڏي ڏنو ۽ هو آزاد ٿي ويو. خير اهو هڪ الڳ اشو آهي، توهان گھٻرايو نه. اربين روپيا اوڳاڙي ٿي خبر ناهي ته انهن جو ڇا ٿيو، عوام جا سپنا اڻ پورا ئي اکين ۾ رهجي ويا. مهانگائي جو روئڻ ته چالو هو وري مٿان بجلي ساڳي مهانگي، کنڊ جي قيمت آسمان تي پهتي ته پيٽرول پهچ کان پري ٿيڻ لڳو. خبر پئي ته کنڊ جو سڀ کان وڏو ڊيلر سائين جن جو گھاٽو آهي، سو عوام به کڻي چپ ڪئي. جڏهن ڳالھ ڳاٽي کان چڙهي ته مهانگائي تي روئندي جڏهن عوام اهو سوال اٿاريو ته اوڳاڙي ٿيل خزانو ڪٿي آهي ته سائين جن جو جواب آيو ته اڃان ملڪ جو خزانو ڀريون پيا، تمام جلد عوام جا سڀ درد دور ڪنداسين بس گھٻرايو نه، صبر ڪيو. هڪ سال ته لڳندو جو مون کان پهريان جن حڪمرانن ملڪ جو ستاياناس ڪيو آهي، ان کي سنڀالي وٺان، پوءِ توهان ڏانهن توجه ڪندس، توهان گھٻرايو نه. عوام خاموش ٿي چُپ جو روزو رکيو.آئي ڏينهن مهانگائيءَ ۾ اضافو ٿيندو رهيو، عوام چُپ جو روزو ٽوڙي ڪجھ پُڇڻ جي همٿ ڪرڻ وارو ئي هو ته مٿان ڪورونا جو وبال شروع ٿيو. جيڪو جِتي هو اهو اتي ئي رهيو. عوام جو ڌيان ان طرف رهيو. وبا جي ڪا خبر ڪانه ٿي پوي ته اها ڇا آهي. عوام جون وايون ته بتال ٿي ويون پر ملڪ جي معيشت به تباھ ٿي وئي. اسان جي تعليم جو حال ته سڀني جي سامهون آهي، پر هن وبا جي ڪري اسان جي مستقبل جي معمارن جي تعليم جو ٻيڙو به ٻُڏو. حاڪم حضرات ٻانهون بَڌي گھرن تائين محدود رهڻ لاءِ عوام کي چوندا رهيا، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون به بند ڪرايون، ڇو جو ڪورونا جي وبا جو حملو صرف ۽ صرف تعليم تي ئي هو. خير سان رهي کُهِي تعليم به وئي موڪلائي. باقي شادي هال، هوٽلون ۽ ميلا ساڳي شان شوڪت سان جاري رهيا. البته اها ڳالھ ضرور چئبي ته عوام کي هٿ جوڙي منٿ ڪري گھرن تائين محدود رکڻ جو چوڻ وارا پاڻ وڏا وڏا جلسا ڪري عوام دوستيءَ جو ثبوت به ڏيندا رهيا. اٽو ساڳيو مهانگو، بجلي جو ساڳيو بحران، گئس جي ساڳي کوٽ ۽ ڳري قيمت، کاڌ خوراڪ جي هر شيءِ مهانگي، ساڳي بي روزگاري، مهانگائي روز وڌندي رهي ٿي. عوام سڏڪندو رهيو، روز انهيءَ اميد سان سج اڀاريندو رهيو ته شايد اڄ ڪجھ بهتريءَ جو اعلان ٿئي. پڙهيو لکيو جوان نوڪرين جي آسري تياريءَ ۾ مصروف ٿي ويو، عوام مهانگائيءَ ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ جو سوچي ان جستجو ۾ رهي ٿو. اها خبر ته بعد ۾ پوندي ته عوام جو ڌيان مختلف اشوز کڙا ڪري انهن طرف ڇڪرائي پسِ پرده ڪهڙا ڪهڙا مفاد حاصل ڪيا ويا. عوام جي دردن جو دارو ته ڪونه ٿيو، ويتر روزانو ان ۾ اضافو ٿيندو رهيو. ٻچن جي تعليم تباھ آهي ۽ روزانو تيل جي قيمتن جي وڌڻ ڪري روزمره جون سڀ شيون به مهانگيون ٿينديون پيون وڃن. غريب هارين کي حڪومت طرفان يوريا ۽ ڊي اي پي کاڌِ تي سبسڊي ملندي هئي، اها به سائين جن جي حڪومت اچڻ سان ئي ختم ڪئي وئي. هر روز جيئڻ جا جتتن ڪندي عوام مَري رهيو آهي، حڪمران پنهنجي ڪرسي بچائڻ ۽ بئنڪ بئلنس ٺاهڻ جي چڪر ۾ عوام جي لاشن جا سودا ڪري رهيا آهن. هاڻي ته عوام ڊڄندو رهي ٿو ته خبر ناهي سڀاڻي ڪهڙو اسان مٿان بم ڪيرايو ويندو. مديني جي رياست جو خواب ته صرف خواب ئي آهي، اهو عوام  ڪڏهوڪو سمجھي چڪو هو مگر هن وقت جي جابر حڪمرانن جن مست هاٿي بڻجي عوام کي لتاڙيو آهي جا الائي ڪهڙا هاڃان اڃان سَهڻا باقي آهن. عوام جي آنهون ۽ دانهون ٻڌي سائين جن جو اهو فرمان ياد ئي ايندو آهي ته “ سب سي پهلي آپ ني گھبرانا نهين”. اڙي سائين عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، مهانگائي چڱن چڱن امير ماڻهن جا پگھر ڪڍي ڇڏيا آهن، غريب روز مري روز جيئي ٿو، ٻچا بکيا رهن ٿا، مهانگائي روز وڌي ٿي، تعليم وئي، روزگار ڪونهي، نوڪري جا ٺلها دلاسا آهن، اٽو وٺڻ لاءِ عازرت آهيون، ٻچن جا انگ ڍڪڻ لاءِ اندر ڳريو وڃي، کائڻ جا واندا آهن، اخلاق جا جنازا نڪري ويا، اولاد جا سُور الڳ آهن، هر طرف کان اسان مٿان ڏکن جا پهاڙ ڪِرن ٿا ۽ توهان فرمايو ٿا ته گھبرانا نهين.

پهنجو تبصرو موڪليو