نا اهلي جي لٽڪندڙ تلوار صدر وزيراعظم گورنرسنڌ جي مٿان

تحرير الله وسايو گهوٽو

پاڪستان تحريڪ انصاف جو فارين فنڊنگ ڪيس جنهن تي وزير اعظم  عمران خان صدر پاڪستان عارف علوي ۽ گورنر سنڌ جون سگنيچرآهن ۽ انهن سڀني مڃيو به آهي ته انهن غير قانوني طريقي سان فنڊ گڏ ڪيو هو.23 بينڪ اڪائونٽ اهڙا هئا جيڪي انهن ظاهر نه ڪيا هئا ڇهن سالن کان اهو معاملو لٽڪيو رهيو دٻيو رهيو . هاڻي جڏهن اپوزيشن اعلان ڪيو آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن جي اڳيان احتجاج ڪندا ۽ ڌرڻو هڻندا. مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پنهنجو فيصلو ڪري وٺي اسان اتي احتجاج ڪندا سين ان کانپوءِ حڪومت جي خاص منسٽرن پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته اپوزيشن ڀلي ريڊ زون ۾  اليڪشن ڪميشن جي اڳيان  پر امن احتجاج  رڪارڊ ڪرائي پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ انهن جو حق آهي .اچانڪ اها تبديلي ڪيئن آئي جو حڪومت جو لهجو ايڏو نرم ڇو ٿي ويو آهي ڇا واقعي سر تان سايو هٽي ويو آهي امپائر اشارو  ڏنوآهي يا پي ڊي ايم جو پريشر آهي ڪجهه ته  گڙٻڙآهي جنهن ڪري حڪو مت شرافت واري ٻولي ڳالهائي رهي آهي فيصل واوڊا جي سر تي به نااهلي جي تلوار لٽڪي رهي آهي 16 پيشيون ٿي چڪيو ن آهن  پر اڃان ٿائين فيصل واوڊا پنهنجو جواب داخل ناهي ڪرايو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ۽ هاڻي ڪورٽ وارننگ ڏني آهي ته جيڪڏهن جواب داخل نه ڪرايو ته اسان فيصلو ڏيئي ڇڏينداسين. اڪبر ايس بابر جيڪو پاڪستان تحريڪ انصاف جو اطلاعات جو سيڪريٽري هو وڏو عرصو عمران خان سان مشڪل وقت ۾ گڏ هو ۽ جڏهن عمران خان جي حڪومت آئي ته عمران خان جيڪي بنيادي  اصول ٺاهيا  هئا ان اصولن جي خودعمران خان خلاف ورزي ڪئي بقول اڪبر ايس بابر جي هڪ اصولن جي خلاف ورزي اها آهي ته جيڪي پيسي وارا ماڻهون هئا انهن کي ترجيع ڏني وئي اصل ۽ سينئر اڳواڻن کي پو ئتي ڪيو ويو ان کان پوءِ جڏهن اڪبر ايس بابر پارٽي جي اندر پارٽي پاليسين تي عمل نه ڪرڻ جا سوال اٿاريا ته ان کي الڳ ڪيو ويو ان کانپوءِ اڪبر ايس بابر 14 نومبر 2014 تي  فارين فنڊنگ ڪيس فائيل ڪيو جيڪو مختلف وقتن تي سرد خاني ۾ پيو رهيو 2018 ۾ جڏهن عمران خان چونڊن م حصو ورتو اليڪشن کٽي ورتي ته اپوزيشن چيو چوندون چوري ٿيون آهن عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ کٽرايو آهي ان کانپوءِ اليڪشن ڪميشن هڪ اسڪروٽني ڪميٽي ٺاهي ان اسڪروٽني ڪميٽي کي چند مهينن اندرڪيس کي فائنل ڪري  رپورٽ ڏيڻي هئي پر 2018 کان اڄ تائين معاملو پينڊنگ ۾ آهي. هاڻي جڏهن اپوزيشنااحتجاج جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اپوزيشن جي ڪيسن تي اليڪشن ڪميشن جلدي فيصلا ڏيندي آهي پر حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن خلاف ڪيسن جا فيصلا جلدي نه ٿاڪن  . مريم اورنگزيب ته ان حد تائين دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومتي ڌراليڪشن ڪميشن ۾ جيڪو جواب داخل ڪرايو آهي ان جواب ۾ انهن تسليم ڪيو آهي ته آمريڪا ۾ ڪجهه اڪائونٽ اهڙا هئا جن ۾ اهڙي فنڊنگ ٿي جيڪا غير قانوني  فنڊنگ جي زمري ۾ اچي ٿي ليڪن پي ٽي آءِ وارن جيڪا پنهنجي دفاع جي ڳالهه ڪئي آهي عمران خان يا پا رٽي جي ميمبرن ۽ وڪيلن ته اسان چيو هو ته غير قانوني فندنگ ناهي وٺڻي پر جيڪي ايجنٽ هئا انهن فنڊ ورتا آهن ۽ عمران خان جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪئي آهي . فارين فنڊنگ ڪيس ۾ ايترا وڏا ثبوت آهن ان ڪيس ۾ اهي سڀ نا اهل ٿي سگهن ٿا جنهن ۾ صدر مملڪت پاڪستان نا اهل ٿي سگهي ٿو وزير اعظم پاڪستان عمران خان نا اهل ٿي سگهي ٿو گورنر سنڌ عمران اسمائيل نااهل ٿي سگهي ٿو ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا ٻيا ڪيترائي مرڪزي اڳواڻ نااهل ٿي سگهن ٿا. ان ڪيس  ۾ ڪيترائي اڪائونٽ اهڙا آهن جنهن جو  پاڪستان تحريڪ انصاف ذڪر به نه ڪيو هو  جڏهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اسٽيٽمينٽ گهرايون ان ۾ اهو ٻڌايو ويو ته 23 اڪائونٽ اهڙا آهن جيڪي پي ٽي آءِ ظاهربه نه ڪيا هئا ۽ ان اڪائونٽن ۾ لکين ڊالرآيا هئا اهي ڪيڏانهن ويا اڪبر ايس بابر ته اهو به چئي رهيو آهي ته تنظيم جي نالي تي جيڪو چندو گڏ ٿيو اهو عمران خان پنهنجي ذاتي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو آهي پر اهو الزام ثابت ٿيڻ اڃان باقي آهي  مولانافضل رحمان ۽ ٻيا ماڻهون اهو به چئي رهيا آهن  ته ان ۾ ڀارت فنڊنگ ڪئي آهي آمريڪا ۾ رهندڙ انڊين به فنڊ ڏنو آهي اسرائيل کان به فنڊنگ ٿي آهي  اهي الزام لڳندا رهيا آهن جنهن جي پي ٽي آءِوقت بوقت ترديد به ڪندي رهي آهي .اصل مسئلو هي آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ ايتري معلومات آئي آهي ته فيصلو ڇو نه ٿي ڪري ان کان علاوه چار اڪائونٽ لائيڊ بينڪ لندن جا آهن انهن جو به ذڪر نه ڪيو هو انهن اڪائونٽن جي تفصيل به پي ٽي آءِ وارا نه ڏيئي رهيا آهن هالانڪ اسڪروٽني  ڪميٽي  تفصيل گهريا به هئا ته انهن اڪائونٽن ۾ ڪٿان پيسا آيا ڪيڏانهن ويا ان تفصيل ڏيڻ تي پي ٽي آءِ وارا لنوائي ڇو رهيا آهن ۽ اپوزيسن جا الزام به آهن ته انديا ۽ اسرائيل کان فنڊنگ ٿي آهي جيڪڏهن پي ٽي آءِ وارا تفصيل نه ڏيندا ته اپوزيشن جا الزام صحيح سمجهيا ويندا اهو سڌو سادو ڪيس آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اپوزاشن جي پاور شو کان پوءِ يا پهريان  اليڪشن ڪميشن فيصلو  ڏي ٿي يا اڳ ۾ ليڪن اڳ ۾ ممڪن نه آهي جيڪڏهن آيو به ته اهو فيصلو مارچ ۾ ايندو ۽ سينيٽ جي اليڪشن کان پوءِ ڪو فيصلو اچي سگهي ٿو. اليڪشن ڪميشن جي اڳيان جيڪو احتجاج ٿيندو ان جي لاءِ  ايترن گهڻن منسٽرن جي فوج گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي ۽هنن چيو ته اسان احتجاج ڪرڻ وارن کي نه روڪينداسين هو ڀلي پر امن احتجاج ڪن. اها به سو چڻ جهڙي ڳالهه آهي پهريان ملتان ۾ پي ڊي آيم تي ڏنڊا هلائڻ جي ڳاله ڪئي وئي هئي ڪيس به داخل ڪيا ويا پر هاڻي ايتري نرمي ڇو آهي ڇا هڪ پيج وارا ٻي پيج تي اچي ويا آهن يا پي ٽي آءِ وارن تان سايو هٽائي چڏيو آهي. اهي به ڳالهيون هلي رهيون آهن ته اپوزيشن يا جن جمائتن سان خلائي مخلوق جا رابطا آهن ٿي سگهي ٿو خلائي مخلوق يڪين ڪرايو آهي ته پولٽيڪل پراسز عدم اعتماد يا قانون جي دائري ۾رهي اپوزيسن جيڪو ڪندي ان ۾ هو مداخلت نه ڪندا ان سڄي صورتحال کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته عمران خان کي هاڻي اها حمايت نه رهي آهي جيڪا پهريان هئي ۽ گذريل ڪجه هفتن ۾ اهو به نه ٻڌو آهي ته فوج ۽ حڪومت هڪ پيج تي آهن. اپوزيشن اليڪشن ڪميشن کي اها ڌمڪي ڏني آ هي ته فيصلو لکي وٺو اسان اچي رهيا آهيون هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪهڙو اچي ٿو. فيصل واوڊا جي خلاف نا اهلي جو ڪيس هلي رهيو آهي ان به نامينيشن فارم ۾ اها غلط بياني ڪئي هئي ته ان وٽ ٻٽي شهرت نه آهي پر ان وٽ ٻٽي شهرت هئي18جون  2018 ۾ جڏهن ان جو نامينيشن فارم منظور ٿيو هو ان کان چار ڏينهن پوءِ هن وڃي آمريڪي ڪائونسليٽ ۾ درخواست ڏني هئي ته هن جي آمريڪي شهريت ختم ڪئي وڃي اهي ثبوت به اليڪشن ڪميشن وٽ آهن . فيصل واوڊا نه اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيندو آهي نه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو آهي 16پيشيون ٿي چڪيون آهن ۽ جسٽس عامر فاروق چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن جواب نه آيو ته اليڪشن ڪميشن جي رڪارڊ کي مدي نظر رکندي اسان فيصلو ڪري ڇڏيندا سين هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته 8 فيبروري 2021 تائين هو جواب داخل ڪرائي ٿو آهي. هو ڪنهن کي  مڃيندا به نه آهي نه ڪڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو آهي نه ڪڏهن اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو آهي ۽ هن جو وڪيل چوندو آهي ته ڪورونا جي وجهه کان اليڪشن ڪميشن وارا ڪيس نه لڳائيندا آهن اها سڄي صورتحال پي ٽي آءِ جو ٻيڙو ٻوڙي سگهي ٿي نديم افضل چن ڇڏي ويو  فيصل واوڊا تي    نا اهلي جي تلوار لٽڪي رهي آهي ۽ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جو فيصلو  صدر عار ف علوي وزير اعطم عمران خان گورنر سنڌ عمران اسمائيل جي خلاف اچي ٿو ته سڀ نا اهل ٿي ويندا سياست جا رنگ بدلجندا رهندا آهن ۽ پاڪستان جو ته قصو ئي الڳ آهي هتي ڪجهه به ڪنهن به مهل ڪنهن به عمل سان بدلجي سگهي ٿو ۽ نا ممڪن به ٿي سگهي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو