چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب شهر ڪچري جو ڍير ۽ روڊ تلاءَ

ڪراچي( رپورٽ  شهزادو  مستوئي  ) ملير جي چونڊيل نمائندن ۽ ايڊمنسٽريٽرن جي لاپرواهي سبب علائقا گند ڪچري جي ڍيرن ۽ گندي پاڻي جي تلاءُ ۾ تبديل. ڀينس ڪالوني 12 نمبر روڊ سيوريج سسٽم مهن واڙي مالڪن پاران سڄو گند جو رخ مين شاهراهه تي ڪري ڇڏيو هڪ طرف حڪومت چيوي ٿي صفائي سٿرائي جو رکو ٻي پاسي چونڊيل نمائندا اکيو کولي ڏسين ته انهن جو ڪم زيرو آهي روڊ ڀرسان قائم مسجد نمازي گندي پاڻي مان گذرڻ ڀرسان نماز قائم ڪرڻ تي مجبور چونڊيل نمائندن ۽ ايڊمنسٽريٽرن ۾ ڪهڙو فرق آهي سڀ ڪرپٽ آهن ڳوٺاڻن ملير ڀينس ڪالوني 12 نمبر روڊ سيوريج سسٽم جي پاڻي گندگي سميت آس پاس جي علائقا گندگي جو مرڪز بڻجي ويا ملير جي چونڊيل نمائندن ۽ ايڊمنسٽريٽر سميت ڪامورا اگهور ننڍ ستل روڊ تي بيٺل گندي پاڻي بدبوءِ سبب مختلف بيمارين مهن ڪڍيو آهي روڊ ڀرسان قائم مسجد ۾ نماز لاءِ ايندڙ نمازي گندگي سبب روڊ تي نماز قائم ڪرڻ تي مجبور، ان موقعي تي صحافين سان داهيندي ڳوٺاڻن چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان روڊ تي پاڻي بيٺل آهي چونڊيل نمائندن سميت سڀني ڪامورن کي شڪايتون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيون پر ڪير به مسئلا حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن وڌيڪ چيو ته هڪ پاسي حڪومتون ڪرونا وباءُ کان بچڻ لاءِ صاف سٿرو رهڻ صفائي رکڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي پر علائقن چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي زيرو آهي چونڊيل نمائندن جي ناڪس پاليسي سبب عوام مونجهاري جو شڪار آهي بلدياتي نظام ختم ٿيڻ بعد مقرر ايڊمنسٽريٽرن به ڪو ٻوٽو ناهي ٻاريو ڳوٺاڻن چيو ته چونڊيل نمائندن ۽ ايڊمنسٽريٽرن ۾ ڪهڙو فرق آهي سڄي نظام جو ٻيڙو ٻوڙي ويو آهي لوڪل نمائندا چونڊيل کان وڌيڪ ڪرپٽ آهن ڳوٺاڻن پيپلزپارٽي جي اعلي’ قيادت ۽ ايڊمنسٽريٽر ملير کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي 12 نمبر روڊ سميت ڀرپاسي جي علائقن گندگي بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي ڳوٺاڻن کي صاف سٿرو ماحول فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي پونداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو