خواجا آصف جي جسماني رمانڊ ۾ 10 ڏينهن واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت مسلم ليگ (ن) جي خواجا آصف جي جسماني رمانڊ ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. کيسن نيب لاهور عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ نيب جي پراسيڪيوٽر عاصم ممتاز عدالت کي ٻڌايو ته جاچ ۾ اڳڀرائي ٿي آهي. آمدن کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ خواجا آصف تسليم ڪيو آهي ته هو دبئي ۾ قائم ڪيل ڪمپني مان پگهار وٺندو رهيو پر وڌيڪ تفصيل نٿو ٻڌائي. هن طارق مير سان گڏجي ڪمپني قائم ڪئي جنهن ۾ طارق مير 51 ڪروڙ  17 لک روپيا جمع ڪرايا پر اهو نٿا ٻڌائين ته پيسا ڪٿان آيا. هن معاملي جي جاچ لاءِ کيس جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪيو وڃي. خواجا آصف جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ چيو ته سموري رقم ڊڪليئرڊ آهي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته 13 ڪروڙ جي ٽرانزيڪشن جو هو جواب نٿو ڏئي. عدالت 22 جنوري تائين نيب حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو