اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)احتساب عدالت مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ ميمبر قومي اسيمبلي خواجه آصف جو 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ايڊمن جج جواد الحسن جي احتساب عدالت ۾ ٿي.ٻڌڻي دوران نيب عملدارن خواجه آصف جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي.نيب پراسيڪيوٽر چيو ته خواجه آصف خلاف انڪوائري 23 جون 2020 تي شروعات ڪئي وئي هئي.جج جواد الحسن خواجا آصف کان پڇيو ته ڇا هو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو.خواجه آصف چيو ته 2018 ۾ پهرين پيشي نيب پنڊي ۾ ٿي هئي خواجه آصف چيو ته مان پنجابي ۾ ڳالهائيندس جنهن تي عدالت خواجه آصف کي پنجابي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته نيب عملدارن کي پنهنجي تاريخ صحيح ڪرڻ گهرجي 2020 ۾ منهنجي خلاف ڪا ڪارروائي شروع نه ڪئي وئي.هن چيو ته هو ست ڀيرا ايم اين اي رهي چڪو آهي پر ڪيس صرف 21 ڪروڙ روپين جو ٺاهيو ويوآهي جنهن تي احتساب عدالت جي جج مخاطب ٿيندي چيو ته خواجه صاحب تفتيش کان پوءِ خبر پوندي متان 21 ڪروڙ ٻيا به ظاهر ٿين.احتصاب عدالت جي جج خواجه آصف سان ڳالهه ٻولهه تي عدالت ۾ کل ۽ ٽهڪ مچي ويا. خواجه آصف چيو ته نيب عملدارن کي سندس خلاف ڪو به ٺوس ثبوت نه مليو آهي.احتساب عدالت خواجه آصف جو 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي منظور ڪندي کيس 13 جنوري تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت خواجه آصف کي نيب آفيس ۾ پنهنجي زال ۽ وڪيلن سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي.ياد رهي ته نيب خواجه آصف کي 2 ڏينهن اڳ اسلام آباد مان ناجائز اثاثو رکڻ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو ۽ ڪالهه سندس هڪ ڏينهن جوڊيشل ريمانڊ منظور ڪيو ويو هو.










