اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي ٻئي مرحلي لاءِ احتجاج جو شيڊيول تيار ڪري ورتو، پي ڊي ايم پاران پهرين ريلي 23 ڊسمبر تي مردان ۽ ٻي 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت واري ڏهاڙي تي لاڙڪاڻي ۾ ڪڍي ويندي، پي ڊي ايم ترجمان ميان افتخار حسين جو چوڻ آهي ته وڊيو لنڪ ذريعي ٿيل اجلاس ۾ ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ يا نه وٺڻ بابت تفصيلي مشاورت ٿي، پي ڊي ايم سربراهن جي منظوري بعد احتجاجي ريلين جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويندو.










