مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)مانجهند ۾ لطيف آشرم طرفان سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تي ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو تقريب کي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي نواز ٻٽ ۽ پروفيسر آزاد قاضي ليڪچر ڏيندي چيو ت سنڌ بدترين غلامي مان گذري رهي آھي اقتصادي طور ملڪ کي سنڌ هلائي ٿي پر وسيلن تي وفاق جو قبضو آھي سنڌ ملڪ کي 70 سيڪڙو آمدني ڏئي ٿي بدلي ۾ صرف 17 سيڪڙو اين ايف سي ايوارڊ مان حصو ملي ٿو سنڌ جا روڊ رستا تباه ٿيل آھن صحت تعليم سميت هر بنيادي سهولت ميسر ناهي ترقياتي منصوبا صرف پنجاب لاءِ رکيا وڃن ٿا سنڌجو عوام ووٽ پ پ کي ڏئي ٿو پر پڇاڻو نٿو ڪري جنهن سبب وزير اعليٰ ٻيٽن تي قبضي سميت سنڌ دشمن منصوبن تي خاموش ٿي ويٺو آھي سڀني مسئلن جو حل صرف سائين جي ايم سيد جي ڏسيل واٽ ۾ ئي آھي ان موقعي تي آشرم اڳواڻ قائم چنه بابل سنڌي لطيف فورم جي شفيع ملاح شھمير ڳنڀير ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.










