ادب جو خادم ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڪمال، وڇڙي ويو!

ادب جو خادم ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڪمال، وڇڙي ويو!

تحرير نديم شيخ 

16 ڊسمبر جي شام ڌاري ڪنهن دوست فون ڪري ٻڌايو ته سنڌ جو عاشق اديب ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو اسان کان وڇڙي ويو آهي پهريان ته يقين ئي نه پئي آيو اچي به ڪيئن 16 ڊسمبر تي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ادب جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. هو ان ڏينهن تي اسان کان وڇڙي وڃي ڳالهه سمجهه نه پئي آئي دل ۾ آنڌ مانڌ مچي وئي پريشاني جي عالم ۾ سندس ويجهن عزيز کان فون ڪري پڇيم جن روئيندي ساڳئي ڳالهه ٻڌائي ته ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو موڪلائي ويو آهي ته اوچتو هي لفظ نڪري ويا. اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان! ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو واقعي ڪمال جي شخصيت هو سنڌ ڌرتيءَ جي ٻولي کي جيئارڻ لاءِ اڻ کٽ جنگ وڙهيو ڪي ڪي انسان هن ڌرتي تي هڪ وڏي چيخ ٿيندا آهن جيڪا صدين تائين ستل ماڻھن کي جاڳائڻ  جو ڪم ڪندا آهن. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ٻوليءَ نالي وارو عالم، اديب ۽ استاد هو، جنهن جي سڄي حياتي تحرڪ ۾ گذري هو پنهنجي خوابن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جا سپنا ڏسندو هو  16 ڊسمبر تي زندگيءَ جون 50 بهارون ڏسڻ کان به اڳ راهه رباني ٿيو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو پهرين آگسٽ 1972 ۾ ضلعي خيرپور ميرس تعلقو ڪوٽ ڏيجي يوسي جهنڊو مشائخ جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ لونگ خان ڄامڙو جي گهر ۾ جنم ورتو هن پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ گل محمد ڄامڙو ۾ ورتي ميٽرڪ ۽ انٽر راڻيپور ۾ ڪئي جنهن کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽي مان بي اي آرنرز ۽ ايم اي سنڌي ۾ ڪيائين. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو مئي 1998ع کان ڪراچي يونيورسٽي جي شاھ عبداللطيف چيئر ۾ ريسرچ آفيسر رهڻ کان پوءِ آگسٽ 2000ع ۾ اسلاميا سائنس ڪاليج ڪراچي ۾ سنڌي جو ليڪچرار مقرر ٿيو جنهن کان پوءِ هن ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ماهوار رسالي ماھ روز ڪراچي جو ايڊيٽر ۽ اسلاميا مئگزين جو چيف ايڊيٽر به رهي چڪو. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جا تحقيقي مقالا مضمون ۽ شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي،ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ريڊيو ۽ ٽي وي لاءِ به لکيو هو ڪيترو ئي عرصو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جو ڪمپيئر ۽ انائونسر طور به ڪم ڪيو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو ادب جي دنيا کي تمام گهڻو ٽائيم ڏنو ڪيترائي ڪتاب لکيا. هميشه ادبي ادارن جي غير فعال هئڻ جي شڪايت ڪندو هو. سندس ادبي خدمتون تمام وسيع آهن. سنڌ جي  سرڪاري يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبن جي سلسلي ۾ ڪوششون هجن يا شاگردن کي همٿائي سنڌي شعبي ۾ داخلا ڏيارڻ جي سلسلي ۾ هجن، پي.ايڇ. ڊي ۽ ايم فل جي سلسلي ۾ وڌ ۾ وڌ اميدوار اڳتي آڻڻ ئي سندس علمي ۽ ادبي ڪتابن کان به وڏا ڪم هئا.  هو پنهنجي نالي وانگر هڪ باڪمال شخص هو سندس جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن جن ۾ شاھ لطيف. پاڪستانين ٻولين جا شاعر. سنڌي ثقافت جا امر آواز. ڪچهري جا مور. رسالو ڳجهارت. سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت. ڀٽائي ۽ ڀون. سنڌو جا گيت. سنڌي مادري ٻولي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سگهڙائپ. سنڌي لوڪ ادب جو تحقيقي اڀياس. لطيفي ذهني ڇٽا پٽي. ڪراچي جا اديب۽ شاعر. سنڌي ثقافت کا نيا دور(اردو) پاڪستاني زبانون کا لوڪ ادب. (اردو) سنڌي لوڪ ادب مضمون ۽ مقالا. لوڪ رنگ لقمان جا. عشق جي عنايت(فقير علي گوهر جو ڪلام) تازو سندس ڪتاب ڳوٺ گل محمد ڄامڙو جون شخصيتون پڻ مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي ان کان علاوه سندس جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو اسان خيرپور ضلعي جي شاعرن اديبن لاءِ ڇپر ڇانو هو، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب جا تمام گهڻي خدمت ڪئي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کان پوءِ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو واحد سنڌي ادب هو جنهن سنڌي ادب جي حوالي سان منفرد ۽ وڏو ڪم ڪيو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ٻوليءَ جو خادم هو سندس جي وڇوڙي سنڌي ادب ۾ تمام وڏو خال پيدا ڪري ڇڏيو آهي جيڪو پورو ٿيڻ ناممڪن ۽ مشڪل آهي اسان جا دعا آهي ته ﷲ پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ۽ پونيئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي آمين.

پهنجو تبصرو موڪليو