عبدالمجيد بروھي
پي ڊيم ايم پاران پوري ملڪ ۾ تاريخي جلسا ڪري اھو ظاھر ڪري ڇڏيو آھي تـه ھن ملڪ جو عوام ھن وقت واقعي بـ پي ڊي ايم سان گڏ آھي لاھور جي جلسي کان اڳ جيڪي وزير مشير ڳالھيون ڪري چوندا رھيا تـ ھي مينارپاڪستان کي ڀرڻ تـ پري جي ڳالھ آھي ڏھ ھزار ڪرسيون بـ ڀري نـ سگھندا انھن سڀني کي لاھور واسين غلط ثابت ڪندي لکن جي تعداد ۾ مينارپاڪستان پھچي پي ڊي ايم جي ساٿ ڏيڻ جو عھد ڪيائون پي ڊي ايم جي لاھور واري جلسي ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پي اين پي جي سربراھ سردار اختر مينگل ن ليگ جي اڀرندڙ قيادت مريم نواز ن ليگ سربراھ محمد نواز شريف ۽ پي ڊي ايم جي صدر مولانا فضل الرحمان تمام ڪاوڙ ۾ ھيا جن جذباتي انداز ۾ تقرير ڪندي انھن قوتن کي پيغام ڏنو جن جو ھٿ عمران خان مٿان آھي انھن کي چيو ويو تـ توھان ھاڻي عوام جي وچ ۾ نـ اچجو اختر مينگل تقرير ڪندي جيڪو ڪجھ چيو انـمان صاف لڳي رھيو ھيو تـ سخت ڪاوڙ ۾ ھيو ھن پوري بلوچستان جي عوام جي نمائندگي ڪندي پنجاب واسين کي معيار ڏني ان کان پوء جيڪا تقرير پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽي ڪئي ان جي تقرير بعد سڀني کي ڏندي آڱريون اچي ويون ان کان اڳ پوري اردو ميڊيا تي اھو تاثر ڏنو پئي ويو تـ پ پ پ وارا شايد پي ڊي ايم وارن سان سنجيدا نـ آھن پر ڪالھ جيڪا تقرير ھن نوجوان پ پ پ چيئين ڪئي ان ماحول کي وڌيڪ گرمائي ڇڏيو ھن چيو تـ ھاڻي اسان کي فون ڪرڻ بند ڪريو ڳالھين لاء زور ڀرڻ بند ڪريو ڳالھين جو دور ھاڻي ختم ٿي ويو آھي ھاڻي اسان لانگ مارچ ڪنداسين ۽ اسلام آباد پھچي ھن نالائق ڪٺپتلي ۽ سليڪٽيڊ کان استعيفا وٺي دم پٽينداسين اسين اسلام آباد طرف وينداسين ان کان اسان کي ڪير بـ روڪي نٿو سگھي ان کان علاوا جيڪي خدشا پ پ پ وارن تي ھيا تـ اھي استعيفا نـ ڏيندا پر ڪالھ واري تقرير مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو تـ پ پ پ وارا استعيفائن جي معاملي تي سنجيدا آھن ان لاء ئي تـ بلاول ڀٽي چيو تـ اسان پنھنجا سڀ ٻيڙا ساڙي اڳتي وڌي رھيا آھيون اسان ھاڻي پير پوئتي نـ ڪنداسين ان مان صاف ظاھر آھي تـ پ پ پ وارا پڻ تمام اسيمبلين تان استعيفا ڏيڻ لاء تيار آھن ھن وقت پوري پاڪستان ۾ پي ڊي ايم جي اعلان بعد ھر پارٽي جا ڪارڪن جوشيلي انداز ۾ لانگ مارچ جي تيارين ۾ لڳل آھن لسٽون تيار ڪيون پيون وڃن جيالا ن ليگي ڪارڪن بي اين پي جا شير جي يو آء جوشيلا ڪارڪن اسلام آباد وڃڻ لاء تيار آھن اھي پنھنجي قائدين جي حڪم جي انتظار ۾ آھن سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تـ ڇا عمراني حڪومت ۾ ھاڻي سگھ آھي تـ اھي پي ڊي ايم جي لانگ مارچ جي سٽ کي صحيح سگھن ڇو اسان سڀني کي ياد آھي تـ ھڪ سال اڳ جڏنھن مولانا فضل الرحمان پاران لانگ مارچ ڪري اسلام آباد ۾ ڌرڻو ھنيو ويو ھيو تـ ان وقت ھڪ پارٽي جي ڌرڻي ھنن جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي ھئي ۽ ھنن جا پگھر نڪري آيا ھيا سخت سردي جي موسم ۾ بـ ھنن کي گرمي لڳي ھئي ھاڻي تـ ملڪ جا تمام سياسي ۽ عوامي سگھ رکندڙ عوامي اڳواڻ ملڪ جي وڏين پارٽين جا ڪارڪن جيالا لکن جي تعداد ۾ ميدان تي نڪرندا جن ۾ جيالن جو جذبو ليگين جو جوش جي يوء آء وارن جي طاقت بي اين پي وارن جي سالن جو غصو ھوندو ھنن کي منھن ڏيڻ شايد ھنن عمراني حڪومت جي وس ۾ نـ آھي لاھور جي جلسي ۾ لکين پاڪستانين شرڪت ڪئي اھا ڳالھ عالمي ميڊيا تسليم ڪري چڪي آھي ان مان صاف ظاھر آھي تـ عوام پي ڊي ايم جي سڏ تي لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاء تيار آھي عوام کي ھنن نااھلن ۽ عوام ۽ پاڪستان دشمن حڪمرانن مان نجات گھرجي ان جي لاء ھو ھر ڏکيائن کي منھن ڏئي لانگ مارچ ۾ ھر صورت ۾ شريڪ ٿيندا گھڻا تجزيا اھي بـ آيا آھن تـ شايد پي ڊي ايم وارن جي لانگ مارچ کي اسلام آباد پھچڻ کان اڳ ۾ ئي ڪاميابي ملي سگھي ٿي ۽ ڪٺپتلي کي جن اقتدار ۾ آندو آھي اھي ئي عوام جي فيصلي کي مان ڏيندي پنھنجي ڪٺپتلي کي گھر ڀيڙو ڪري سگھن ٿا بحرحال اڄ ملڪ جي عوام کي انتظار آھي تـ جڏنھن ٿو ھن ناھل مان ھنن کي نجات ملي. پي ڊي ايم وارن جو پھرين مرحلي وارو جلسن وارو پاور شور ڪاميابي سان اختتام پذير ٿيو آھي ھاڻي اھي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آھن انھن اعلان پڻ ڪري ڇڏيو آھي ھاڻي صرف فيبروري جو انتظار آھي جڏنھن ملڪ جي روڊن رستن تي پي ڊي ايم وارن جا لکين ڪارڪن ھڪ آواز ٿي چوندا گرتي ھوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو گو عمران گو انھن لکين ماڻھن جي نعرن جي گونج کي بني گالا وارو ھمراھ برداشت نـ ڪري سگھندو ۽ ان اڳ جو اھي لکين ماڻھون بني گالا پھچن ۽ انجو گھيراء ڪن ان سڄي صورتحال کي منھن ڏيڻ جي سگھ ناھي ان ۾ ان کان اڳ ئي ھو ڀڄي وڃي سگھي ٿو.Brohimajeed123@gmail.com










