ثقافتي ڏھاڙو ۽ ڪجھ حقيقتون

ثقافتي ڏھاڙو ۽ ڪجھ حقيقتون

تحرير قاضي حماد

تقريباً 5هزار سال پراڻي سنڌ پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت ۾ نرالي آهي سنڌ واسين کي يقيناً پنهنجي تھذيب ۽ ثقافت تي فخر آهي ۽ اھي بجا طور تي پنهنجي ثقافت جي نمائش توڙي نشونما جو حق رکن ٿا- ثقافت ۾ شامل عنصرن ۽ سنڌي ثقافت ۾ شامل تاريخي حقيقتن جو اسان ڪجهه مختصر جائزو وٺنداسين.ثقافت جو بنيادي محرڪ ٻولي آهي موجوده  سنڌي ٻولي جي الفابيٽ جي ابتدا سنڌ جي ھڪ برک عالم دين مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ڪئي ان کان پوء ڪيترن ئي مڃيل عالمن نثر توڙي نظم جي انداز ۾ سوين ديني ڪتاب لکيا ۽ ديني خدمت سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي جي حفاظت توڙي ارتقاء ۾ ڪردار ادا ڪيو- انهن عالمن ۾ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي مخدوم نوح سھروردي مولانا عبيدالله سنڌي مولانا تاج محمود امروٽي مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي رح سميت اڻ ڳڻيا نالا شامل آهن.سنڌي ٻولي جي ماھرن کي آئون لاڙ سنڌ جي برک عالم مولانا حاجي احمد ملاح جي شاهڪار ترجمه قرآن جي مطالعي جي دعوت ٿو ڏيان ڪلام پاڪ جي شاعراڻي نموني ترجمي جو مثال شايد ئي ڪنهن ٻئي ٻولي ۾ ملي. مخدوم ابوالحسن سنڌي جو “مقدمه الصلوات” نظم جي انداز ۾ ۽ حڪيم فتح محمد سيوھاڻي جو سنڌي ادب تي ڪتاب “آفتاب ادب” به ٻولي جي دنيا جو بهترين ذخيرو آهن. ثقافت جو ھڪ وڏو حصو گھريلو يا خانداني ريتن جو شامل آهي سنڌي ماڻهو بنيادي طور تي گڏيل گھريلو ماحول ۾ رھن ٿا جنهن جي واڳ گهر جي پيء يا وڏي ڀاء جي ھٿ ھيٺ ھوندي آهي نئي نسل جي تربيت گهر جي وڏڙن ۽ وڏڙين جي نگراني ۾ ٿئي. سنڌ جون عورتون گهريلو ھنرن ۾ ڪيترين ئي قومن کان اڳتي آھن. ڌارين مردن سان کلي عام تعلق سنڌي عورت جو ڪلچر توڙي مزاج ناهي اھو  ڪلچر سنڌ جي مختلف مذھبن توڙي ذاتين ۾ تقريباً ساڳيو ئي آهي. ڪلچر جو ظاهري ڏيک لباس آهي سنڌي لباس اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي سان گڏوگڏ ڪشادن ۽ پورن ڪپڙن توڙي عورتن لاء رئي ۽ چادر تي مشتمل آھي جيڪو ھڪ عزتدار قوم جو اھڃاڻ آهي سنڌي لباس مان حياء جي جھلڪ ڏسجي ٿي. قوم جو مجموعي منظر انھن جي سوچ ۽ فڪر جي عڪاسي ڪندو آهي سنڌي قوم جو فڪر امن پسندي مھمان نوازي رشتن توڙي بزرگ ھستين جي احترام تي مشتمل آهي خاص ڪري اسلامي دور جي اچڻ سان سنڌي مزاج ۾ ذات پات يا امير غريب جي بنياد تي نفرتن جو رواج به ختم ٿي ويو. انگريزن کان پوء پيدا ٿيل وڏيرا شاھي جي ڪري ان صورتحال وري ڪر کنيو آهي-ان جي حوصله شڪني جي ضرورت آهي. سنڌي فڪر جي تعمير ۾ سوين بزرگن شاعرن ۽ عالمن پنهنجو سگھارو ڪردار ادا ڪيو آهي تن بزرگن ۾ سيد محمد راشد روزي ڌڻي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي رح سميت ٻين بزرگن جو ڪردار شامل آهي. ڪجهه سالن کان ھنن حقيقتن جي ابتڙ نوجوان نياڻين جو اسٽيج رقص ۽ ٻيو سرگرميون ثقافت ۽ ايڪتا جي نالي تي ڪيون پيون وڃن اھڙين سرگرمين جو ڪڙيون خبر ناهي ڪيئن سنڌي تھذيب سان ملھايون پيو وڃن حيرت ان ڳالهه تي آهي ته سنڌي ڪلچر جي دعويدارن کي ڪھڙي مجبوري آهي جو ڌارين جي انڌي تقليد ڪري پنهنجي ديس جي شاندار ثقافت کان اکيون ڦيريون ٿيون وڃن

پهنجو تبصرو موڪليو