ڊي جي ايوي ايشن جي مقرري لاءِ مهلت، زرداري جي ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سول ايويئيشن اٿارٽي جو نئون ڊي جي مقرر ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن 8 ڊسمبر تائين پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اٽارني جنرل طرفان ڪجهه ڏينهن ۾ نئون ڊي جي مقرر ڪرڻ جي خاطري، ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته پارليامينٽ جي فلور تي 262 پائلٽس جعلي هجڻ جو بيان ڏنو ويو، هاڻي وري چئي رهيا آهيو ته رڳو 82 لائسنس جعلي آهن، ٻڌايو وڃي ته 262 پائليٽس جا لائسنس جعلي هجڻ جي باري ۾ ڪنهن ٻڌايو هو، هن معاملي ۾ انتهائي غفلت ڪندي قومي ايئرلائين جي ساک متاثر ڪئي وئي، سيڪريٽري ايويئيشن عدالت آڏو چيو ته 50 پائليٽس جا لائسنس رد ڪيا ويا ۽ 32 لائسنس کي شڪي قرار ڏنو ويو آهي، چيف جسٽس چيو ته  پوءِ 262 لائسنس جعلي هجڻ جو بيان ڪيئن ڏنو ويو؟.اهو جيڪو ڪجهه ٿيو، غيرقانوني هو. هوڏانهن عدالت آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو