نئين چونڊيل آمريڪي صدرپنهنجو وزير خارجه چونڊي ڇڏيو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)نئين چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن انتوني بليڪن کي پنهنجو وزير خارجه چونڊي ڇڏيو آهي. برطانوي ميڊيا موجب انتھوني بلينين پرڏيهي آفيس ۾ سينيئر عهدي تي رهي چڪو آهي ۽ عالمي معاهدن جي پاسداري لاءِ سڃاتو وڃي ٿو. انتھوني بلينڪ اوباما انتظاميا دوران اسٽيٽ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ڊپٽي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر جي حيثيت سان ڪم ڪيو آهي. هو ان وقت جي نائب صدر جو بائيڊن سان قومي سلامتي جي مشير طور ڪم ڪري چڪو آهي. ان کان اڳ جو بائيڊن پنهنجي پراڻي ساٿي رون ڪلين کي وائيٽ هائوس ۾ چيف آف اسٽاف طور پڻ ڪم ڪيو آهي هو قومي سلامتي ايڊوائزر جي طور تي به ڪم ڪري چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو