انگريز دور ۾ مليل خطاب ۽ اعزاز! جنيد علي ميمڻ

ھڪ شخص جي سڃاڻپ ان جي ڪردار مان ٿيندي آھي انسان مري ته سگھي ٿو پر ان جا ڪيل ڀلائي وارا ڪم ۽ ان جو نالو ھميشه زندھه رھي ٿو. اھڙي طرح اسانجي سنڌ به سڄو سون آھي. فلاحي ڪمن لاءِ هر ماڻهو ٻين کان مختلف ڏسجڻ لاءِ مختلف قسمن جون ڪوششون ڪندو رھي ٿو جنھن سبب کيس سرڪاري ۽ غير سرڪاري خطابن جو به سھارو وٺڻو پوي ٿو. سرڪاري سطح تي ملندڙ خطاب ته سفارش، صلاحيتن، مھارتن، خدمتن ۽ ڪيل سُٺن ڪمن جي ڪري ملندا آھن پر غير سرڪاري خطاب، اڪثر ڪري اوڙي پاڙي ۽ سنگت ساٿ سان سٺن عادتن، عملن، مزاجن ۽ ڪرتوتن بدلي ملندا آھن جيڪي نه چاھيندي به ڪنھن جي سڃاڻپ بڻجي ويندا آھن. ماڻھن پنھنجي سُٺي سڃاڻپ ٺاھڻ، ۽عزت برقرار رکڻ لاءِ به وڏا جتن ڪيا جنھن لاءِ انھن مختلف فلاحي ڪم ڪرڻ کان ويندي، مختلف قسمن جون قربانيون ڏيڻ کان به نه ڪيٻائيندا آھن. ماڻھن جون اھڙيون سُٺيون يا خراب سڃاڻپون سندن قد بُت، عھدي ۽ مقام جي لحاظ سان گھر، پاڙي، شھر، ذات، برادري، قوم، صوبي ۽ ملڪ کان ويندي دنيا تائين مشھور ۽ مقبول ھونديون آھن ته ڪي شھر لاءِ غنيمت، قوم ۽ ملڪ لاءِ اعزاز ۽ فخر جو باعث، ته ڪي وري اٽي تي چٽي ۽ سنگت ساٿ لاءِ داغ مثل. ماڻھن کي مختلف قسمن جا اعزاز، خطاب ۽ لقب ڏئي، معتبر ۽ معزز بڻايو ويندو آھي ته ڪي وري پنھنجي عملن سبب پاڻ ئي پنھنجي خواري جا ذميوار بڻبا آھن. ڪي ماڻھو اھڙا خطاب ماڻي، پنھنجي ايندڙ نسلن کي شرمندو ڪري ويندا آھن ته ڪي وري خلق جي خدمت يا پنھنجين خدا داد صلاحيتن عيوض، بغير ڪنھن سرڪاري سھاري جي، خدا جي خلق ۾، مختلف نالن سان ايترو ته مشھور ۽ معتبر ٿي ويندا آھن، جو ڪن لاءِ اها شھرت ساڙ ۽ حسد جو سبب بڻجي ويندي آهي، سندن سر قلم جو باعث بڻجندو پر جيڪڏھن ويجھي ماضي کي ڏسجي ته اسان کي اهي خطاب سرڪاري سطح تي، وڌ کان وڌ انگريز دؤر ۾ ئي مليا آھن پر ڪلھوڙا دور ۾ به اسان کي مغلن پاران، ڪلھوڙن کي ملندڙ ايوارڊن جو به تاريخ مان پتو پوي ٿو.ڪي خطاب اھڙا ھئا، جيڪي انگريزن سابقه دؤر جا به برقرار رکيا. مثال طور ميرن جي دور ۾ ملندڙ ’نواب‘ جي لقب، جنھن کي انگريزن وڌيڪ ڇنڊي ڦوڪي، ٺاھي ٺوڪي، ھڪ تمام معتبر لقب بڻائي پيش ڪيو!، تنھن جي بقول ته انگريزن پاران خطابن جو سلسلو 1876ع ۾ ’رائل ايڪٽ‘ پيش ٿيڻ ۽ 1877ع ۾ بل پاس ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿيو. ان موقعي تي دھلي ۾ ملھايل جشن جي موقعي تي، راڻي پنھنجو پاڻ کي به Empress of India جو خطاب ڏنو. ان کان اڳ ٻين علائقن ۾، جتي سندن حڪومت ھئي، اُتان کيس اھڙا خطاب اڳ ۾ ئي مليل ھئا. اُن دؤر ۾ جتي ھندو مسلم لاءِ الڳ قسم جا خطاب ۽ لقب ھوندا ھئا ته اتي وري پڙھيل لکيل ماڻھن لاءِ جُدا. جاگيردارن ۽ زميندارن لاءِ اڃا به مختلف، ته وفادارن لاءِ مختلف! اھڙي طرح پنھنجن لاءِ الڳ ته، ڌارين لاءِ وري ٻيا خطاب. مثال طور ھندن لاءِ ’راءِ صاحب‘، پوءِ ’راءِ بھادر‘ بعد ۾ ’سردار بھادر‘ وغيره جا خطاب ھئا!. پر اُن سان گڏ ھندو راجا ۽ مھاراجا پڻ موجود ھئا جڏھن ته مسلمانن لاءِ وري ’خان صاحب‘، ’خانبھادر‘، ’سردار بھادر‘ ۽ آخر ۾ ’نواب‘ جو خطاب ھوندو ھو. خانصاحب ۽ خانبھادر جا لقب شروع ۾ انتظامي نوعيت جا ھوندا ھئا جيڪي پوليس ۽ روينيو وغيرھه جي مختلف سطح جي رٽائرڊ آفيسرن ۽ بيوروڪريٽس کي ڏنا ويندا ھئا. بعد ۾ اهي خطاب زميندارن ۽ جاگيردارن کي به ڏنا ويا. اڪثر ڪري اھو به ٿيندو ھو ته پھرين ’خان صاحب‘ جو خطاب ملندو ھو، اُن بعد ’خانبھادر‘ جو پر ڪجھ ڪيسن ۾ ائين ڪونه ٿيو ۽ ڊائريڪٽ ’خان بھادر‘ جو خطاب به ڏنو ويو. خانصاحب جو خطاب 1877ع واري لسٽ ۾ شامل ڪونه ھو هن خطاب جو ريڪارڊ ته 1881ع کان ملي ٿو،. (سانگهڙ ۾ خانصاحب جو خطاب 1902ع ۾ محمد ھاشم ولد پنھون خان وساڻ ڪنڊياري واري کي مليو ھو جڏھن ته اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي والد دين محمد ولد سمون خان کي خانصاحب جو خطاب 1937ع ۾ ۽ محمد حيات ولد ڪريم داد جوڻيجو کي خانبھادر جو خطاب 1936ع ۾ مليو). خان صاحب ۽ خان بھادر جا خطاب بعد ۾ ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي ماڻھن کي مليا پر سنڌ ۾ پھريون ڀيرو خانبھادر جي خطاب ملڻ جو جيڪو رڪارڊ ملي ٿو، اُن مطابق 1876/1877ع واري جشن جي موقعي تي، خانبھادر جو خطاب حاصل ڪندڙن ۾ ڪراچي مان مرزا علي محمد، شڪاپور مان سيد مُراد علي شاھ، حيدرآباد مان مير گُل حسن ٽالپور، لاڙڪاڻي مان پير بخش کھاوڙ، عمرڪوٽ مان ولي محمد ڀرڳڙي، جيڪب آباد مان داد محمد جکراڻي، ننگرپارڪر مان سيد قابل شاھ، تاج پور مان نواب ولي محمد جي خاندان مان الھداد خان لغاري، (نواب ولي محمد خان، ميرن جي دور ۾ اھو پھريون ماڻھو ھو جنھن کي نواب جو خطاب مليل ھو جڏھن ته رڪارڊ مان اها به خبر پوي ٿي ته 1880ع کان 1900ع تائين، سنڌ ۾ خطاب حاصل ڪندڙن جو تعداد، تمام گھڻو گھٽ ھو. انگريز دور ۾ Justice of Peace/JP جو خطاب به مختلف ماڻھن کي مليو واضح رھي ته ميرن جي دور ۾ اجرڪ بجاءِ لُنگي جو رواج وڌيڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿو!  هي خطاب علائقي جي ان وڏيري يا چڱي مُڙس کي ملندو ھو جنھن جو پنھنجي ڳوٺ (علائقي) ۾ رڪارڊ سُٺو ھوندو ھو. هي ايوارڊ به ڪافي ماڻھن کي مليو، انگريز دور ۾ مختلف ڪمن تي خطاب ڏيڻ لاءِ سالياني بنياد تي، ڪليڪٽر جي ’درٻار‘ لڳندي ھئي جنھن ۾ آفرين نامن ۽ لُنگين وانگر ٻين خطابن سان گڏ تلوار، بندوق رکڻ جو لائسنس يا اجازت نامون به ڏنو ويندو ھو. ان درٻار ۾ مختلف بااثر ماڻھن کي ڪرسيون الاٽ ٿيڻ جي به وڏي اھميت ھوندي ھئي. ڪُرسي الاٽ ٿيل کي ’درٻاري‘ يا Chair Grand به سڏبو ھو! درٻار ۾ صرف اھو ئي وڃي ۽ ويھي سگھندو ھو، جنھن کي ڪُرسي الاٽ ٿيل ھوندي ھئي. سنڌ جي پيرن کي هڪ ته اها سھولت حاصل ھوندي ھئي جو کين سول ڪورٽ وغيرھه ۾ پيش ٿيڻ کان ڇوٽ مليل ھوندي ھئي ۽ ٻيو ته (ڪي پير) جي پاڻ شريڪ نه ٿيڻ چاھيندا ھئا ته سندن خليفو به سندن جاءِ تي شريڪ ٿي سگھندو ھو. خانبھادر کان پوءِ وارو خطاب ’سردار بھادر‘جو ھوندو ھو جيڪو صوبائي سطح تي فوجي يا فوج جي برابر، بھادري واريون خدمتون سرانجام ڏيڻ تي، قبيلي جي سردار کي ڏنو ويندو ھو. سنڌ ۾ ھي خطاب ستن ماڻھن کي مليو. سڀ کان پھرين هي خطاب سنجھورو سانگهڙ جي سردار بھادر نواب جان محمد خان کي 1934ع ۾ مليو. ان بعد ميرپورخاص جي مير الھداد خان ٽالپور کي 1935 ۾. سکر جي مير امام بخش جتوئي کي 1939ع ۾. ميرپور ماٿيلي جي قيصر خان بوزدار کي 1941ع ۾. ٽنڊو محمد خان جي مير حُسين بخش ٽالپور 1941ع ۾. جيڪب آباد جي عبدالرحيم خان کوسي کي 1944ع ۾ ۽ ڪراچي جي محمد بخش ولد الاھي بخش شيخ کي 1946ع ۾ مليو. سردار بھادر کان پوءِ نواب جو خطاب ھوندو ھو جيڪو سنڌ جي ڪُل پنجن ماڻھن جي حصي ۾ آيو! نواب جو خطاب ڪنھن به قبيلي جي وڏي، يعني چيف يا سردار، رياست جي حاڪم يا حاڪم برابر کي ملندو ھو جنھن ۾ اُن شخصيت پاران پنھنجي علائقي ۾ عوام لاءِ سرانجام ڏنل خدمتون تي ڏنو ويندو ھو نواب جو خطاب به ٻين خطابن وانگر مختلف سرڪاري ادارن جي لک پڙھه بعد، راڻي جي منظوري کان پوءِ ملندو ھو. انگريزن سن وفاداري ۽ پنهنجي ڌرتي ڌڻين خلاف ڪم ڪندڙن کي هي خطاب ملندا هئا. سنڌ ۾ سڀ کان پھرين نواب جو خطاب 1916ع ۾ نواب غيبي خان چانڊيي کي مليو، اُن بعد نواب ڄام ڪانڀو خان کي 1932ع ۾، سندس ننڍي ڀاءُ نواب ڄام جان محمد خان کي 1941ع ۾ (ھڪ خاندان ۾ نواب جا ٻه خطاب صرف ڄام خاندان جي ئي حصي ۾ آيا) نواب امير علي خان لاھوري کي 1943ع ۾ ۽ نواب مير الله داد ٽالپور ميرپورخاص کي 1946ع ۾ مليا. اڄ جيڪي نوابزادا ڏسجن ٿا، سي اصل ۾ وڏڙن جي نشاني سنڀالنيدا اچن ٿا! نواب جو خطاب ماڻيندڙ جي وفات بعد، اھو خطاب سندس پڳدار پُٽ کي به منتقل ٿيندو ھو. باقي اُڀرندي سنڌ ۾ ’ناري جا نواب‘ سڏجڻ واري ڳالهه جو پس منظر ڪھڙو آھي ۽ اُن ۾ ڪيتري حقيقت آھي؟ ان باري ۾، اُتي جا نواب يا نوابزادا ئي ڪجھ ٻڌائي سگھن ٿا. انگريز سرڪار، صاحبِ علم شخصيتن کي وري شمس العلماء جو خطاب ڏيندي ھئي. تعجب جي ڳالھ اها آھي ته سنڌ ۾ صرف ٽي شخصيتون ئي انگريزن جي معيار تي، انهيءَ خطاب لاءِ پوريون لھي سگھيون جن ۾ پير صاحب پاڳارو شاھه مردان شاھ ڪوٽ ڌڻي بادشاھ کي 1900ع ۾، مرزا قليچ بيگ کي 1905ع ۾، ڪراچي جي  پادري ڊاڪٽر  ماڻڪ جي نسروانجي ڌالا (Dr. Manekji Nusserwanji Dhalla. M.A, Ph.d) کي 1935ع ۾ مليو،!! انگريز دور ۾ ھڪ خطاب Sir سر جو به ھوندو ھو، جيڪو علمي يا سياسي خدمتن عيوض ڏنو ويندو ھو. سنڌ ۾ ’سر‘ جو خطاب ٽن ماڻھن کي مليو، جن ۾ سر شاھنواز ڀٽو کي 1925Companion of Indian Empire (C.I.E)، سر غلام حُسين ھدايت الله کي 1933 Knight Commander of the Order of Star of India (K.C.S.I) ۽ نواب سر غيبي خان چانڊيو 1946، (C.I.E) شامل ھئا. سر جو خطاب شاعرِ مشرق علامه محمد اقبال رح کي به مليو ھو! دلچسپ ڳالھ ته اهي خطاب ھندن مسلمانن ۾ ساڳيا ئي رھيا. ڪي اعزاز ۽ لقب وري اھڙا ھئا جيڪي مذھبي ماڻھن کي ملندا ھئا جن ۾ ھندن ۾ پنڊت ۽ گرو وغيرھ. مسلمانن ۾ وري مولوي، مفتي، مخدوم، خليفو، قاضي، صوفي، حاجي، حافظ، قاري، علاما ۽ فقير کان ويندي مولائي تائين جا خطاب شامل ھئا. جيڪي نه سَر ٿي سگھيا، نه خان صاحب، تن وري ميان، مير، امير، ملڪ، خان، نمبردار، چوڌري، آغا، رانا، سالار، ڀوتار، ارباب، لاٽ، ڄام، رئيس، بابو، صاحب، وڏيرو، سرائي، سائين، سردار ۽ چيف سردار سڏرائي، ٻاڙ پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي!  جي اڃان به اُڃ نه اُجھامي ته پوءِ ڪو ڪمدار، ڪو مُنشي، ڪو ماستر، ڪو استاد ۽ ڪو ٺيڪيدار سڏرائڻ ۾ ئي فخر محسوس ڪرڻ لڳو! ڪن کي ته ماڻھن وري چُغل، ٽپالي، جھڙا خطاب ڏيڻ کان به ڪونه ڪيٻايو جن جو ڪم اُتان به نه نڪتو، انھن وري سياسي ۽ سماجي تنظيمون ٺاھي انھن جا ننڍا وڏا عھدا حاصل ڪري، دل خوش ڪئي. مختلف قسمن جي سرڪاري ملازمن کي اعزازن جھڙا خطاب، سندن جھولي ۾ پاڻھين اچي پيا. ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر کان وٺي، صوبيدار ۽ جمعدار وارا لقب وٺي خوش ٿيا ڪن کي وري ذاتين جي لحاظ سان خطاب مليا. اميري ۽ غريبي جي لحاظ سان.ائين ھرڪو سيني تي، ڪونه ڪو لقب يا اعزاز سجايو، فخريه انداز ۾ گھمندو رھيو. باقي رھيو عوام، سو وري ووٽن جي ڏينھن ۾ پاڻ کي، ڪنھن نواب کان گھٽ ناھي سمجھندو.

پهنجو تبصرو موڪليو