گيس جي بندش ۽ بدامني خلاف احتجاج

ملير( رپورٽ شهزادو مستوئي) ملير  جو گھگھر ڦاٽڪ بنيادي مسئلن جي ور چڙهي ويو پاڻي بجلي گيس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف قومي عوامي تحريڪ طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ڪيو اي ٽي جي ڪارڪنن ۽ علائقي جي رھواسين ڀرپور شرڪت ڪئي، ريلي مختلف رستن تان ٿيندي حسيني چوڪ پهتي جٿي هو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ فياض اتيرو ڪاشف خاصخيلي علي بخش ٻرڙي ٻين چيو تہ گھگھر ڦاٽڪ جو امن امان مڪمل طور تباھ ٿي ويو آھي پوليس جي سرپرستي ۾ وارداتن جو سلسلو روز وڌندو پيو وڃي گھرن ۾ گھڙي موبائل فون روڪ رقم چوري ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪيو وڃي وڃي جيڪو سلسلو ڪيترئي عرصي جاري آهي هنن چيو ته ھڪ مھيني کان گئس مڪمل بند آھي غريب ماڻھون ماني پچائڻ لاءِ پريشان آھن پاڻي بجلي جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي وئي آھي. اڳواڻن چيو ته وفاق ۽ پيپلز پارٽي طرفان ٻيٽن تي قبضو سنڌ جي وحدت تي وار سمجھون ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو