ٻيٽن تي قبضي خلاف آئيني رستو،ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

سنڌ سان ناانصافين جي تاريخ پراڻي آھي ۽ هي ملڪ ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين سنڌ سان ناانصافيون ٿينديون رهيون آهن، سنڌ جي وسيلن تي سدائين ڌارين جو قبضو رهيو آهي، جنهن به حڪمران جو دور هجي، سنڌ سان ساڳي ئي ويڌن رهي آهي. ڪڏهن سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪئي ٿي وڃي ته ڪڏهن ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن، هاڻ وري سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پنهنجو قبضو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن خلاف پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي سخت ردعمل ڏئي رهي آهي، ان حوالي سان پيپلز پارٽي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته سنڌ جا ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، انهن تي وفاق غيرقانوني طور اڏاوتون ڪري قبضو ڪري رهيو آهي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏيل پريس ڪانفرنس چيو ته ٻيٽن تي اڏاوتن خلاف پيپلز پارٽي سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءَ منظور ڪرائيندي، نه رڳو سنڌ اسيمبلي بلڪه قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ به ٺهراءَ پيش ڪنداسين. ٻئي طرف ايس يو پي، عوامي تحريڪ ۽ بلوچستان جي نيشنل پارٽي طرفان ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف گڏيل جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، ڄامشورو ۾ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ۽ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي وفاقي والار توڙي آئيلينڊ آرڊيننس خلاف تحريڪ تي صلاح مشورا ڪيا ويا، ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران جلال محمود شاهه ۽ عبدالمالڪ بلوچ چيو ته آئين موجب ٻيٽ صوبائي حڪومتن جي ملڪيت آهن، وفاق طرفان ٻيٽن تي قبضا ڪري نئون اسرائيل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۽ بلوچستان کي پيش ايندڙ چئلينجز ساڳيا آهن. سنڌ جي قومپرستن سان گڏ ادبي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن جو به اهو ئي موقف آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاق جي قبضي جي ڪوشش بند نه ڪئي وئي ته وفاق جا رستا بند ڪيا ويندا، سنڌ جو هر ماڻهو پنهنجي وسيلن جو تحفظ ڪرڻ لاءِ ڪابه قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندو. ان کان اڳ ڪراچي ۾ ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف هڪ زبردست احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو آهي، جنهن ۾ وڏي انگ ماڻهن جي شرڪت حڪمرانن لاءِ واضح پيغام آهي ته سنڌ جا ٻيٽ هجن، سنڌ جو پاڻي هجي، سنڌ جو تيل هجي، سنڌ جو ڪارو سون هجي، بجلي، گئس توڙي قومي مالياتي ايوارڊ سميت ٻيا جيڪي به وسيلا آهن، انهن سڀني جي مالڪ ۽ وارث سنڌ آهي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي گورنر هائوس ۾ هڪ ياداشتنامو پڻ پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن، ٻيٽن تي وفاقي قبضي لاءِ آرڊيننس جي صورت ۾ جاري ٿيل نادر شاهي حڪم آئين جي ڀڃڪڙي آهي، وفاقي سرڪار آئيلينڊ اٿارٽي وارو آرڊيننس واپس وٺي سنڌ جي عوام ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪري، وفاق طرفان سنڌ جي ڪنهن به حصي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ واري عمل کي صوبي جي جاگرافيائي حدن سان هٿ چراند تصور ڪيو ويندو، ڊاڪٽر قادر مگسي جو اهو به الزام آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي ۾ پيپلز پارٽي به ڀاڱي ڀائيوار آهي، سنڌ جو عوام وسيلن تي قبضي کي ڪنهن به صورت ۾ تسليم نه ڪندو. وفاق جي حڪمرانن کي ان ڳالهه جو به احساس ناهي ته ٻيٽن تي شهر اڏجڻ سان سنڌ جا لکين ماهيگير متاثر ٿيندا، جن جو روزگار سمنڊ سان لاڳاپيل آهي، انهن جا لنگهه بند ٿي ويندا، جنهن سان 10 لک کان وڌيڪ ماهيگير متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي مهاڻن اعلان ڪيو آهي ته 15 آڪٽوبر تي ابراهيم حيدري کان ڀنڊار ٻيٽ تائين سمنڊ ۾ لانچن، ٻيڙين جي هزارين ماڻهن جي ريلي ڪڍي ويندي ۽ ڀُنڊار ٻيٽ تي اها ريلي جلسي جي شڪل اختيار ڪندي، جتان وفاقي حڪمرانن کي خبردار ڪيو ويندو ته جيڪڏهن سنڌ جي ٻيٽن کي ميري اک سان ڏٺو ويو ته ڀرپور طريقي سان احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. وفاقي سرڪار سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽين کي ملائي هڪ نئون وفاقي يونٽ ٺاهڻ وڃي پئي، صوبن خاص ڪري سنڌ مان آئلينڊ اٿارٽي خلاف سخت رد عمل نه اچڻ جي صورت ۾ اڳيون قدم کنيو ويندو ۽ سنڌ توڙي بلوچستان جي سامونڊي علائقن کي ملائي هڪ الڳ وفاقي يونٽ قائم ڪيو ويندو، جنهن جا اختيار فقط وفاقي سرڪار وٽ هوندا. سامونڊي علائقن ۾ موجود ٻيٽن سميت ٻي سامونڊي زمين تي ترقياتي منصوبا پڻ فقط وفاقي سرڪار جي مرضي سان شروع ٿي سگهندا. ڪيڏو ته ظلم آهي جو وفاقي سرڪار سنڌ جي ٻيٽن کي به وفاق جي ملڪيت قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻيٽ اسلام آباد ته نه کڻي وينداسين، بلڪه شهر اڏجڻ سان ٻيٽ دبئي کي به پوئتي ڪري ڇڏيندا، روزگار پيدا ٿيندو ۽ آمدني سنڌ کي ملندي، وفاق جو مفاد صرف 50 ارب ڊالرز جي ايندڙ سيڙپڪاري ۾ آهي. وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم عمران خان گورنر عمران اسماعيل کي ڀنڊار ٻيٽ بابت سنڌ حڪومت سان ملي معاملا طئي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ڀنڊار ٻيٽ منصوبي سان سيڙپڪاري ۽ روزگار جا خاطر خواهه موقعا ميسر ٿيندا، سنڌ ۾ ڏيڍ لک نوڪريون پيدا ٿينديون، 40 کان 50 لک پرڏيهي سياح اتي ايندا، ان شهر ۾ وصول ٿيندڙ سمورو روينيو يعني ٽيڪس جي آمدني سنڌ حڪومت کي ڏني ويندي، وفاقي حڪومت جي دلچسپي صرف اها آهي ته ان رٿا ۾ 50 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ايندي، جنهن سان موجوده حالتن ۾ ملڪ ترقي طرف گامزن ٿيندو ۽ ڪراچي شهر جي واڌ کي روڪڻ جو ڪم به هي منصوبو پورو ڪندو. هي آهن اهي سنهري ۽ سبز خواب، جيڪي وفاق هر ڀيري سنڌ کي ڏيکاري ان جي ملڪيتن ۽ وسيلن تي قابض ٿيندو رهيو آهي، آئون پهرين ته وفاق جي ان دعويٰ کي رد ٿو ڪريان ته سنڌ جي ٻيٽ وفاق جي ملڪيت آهن، جيڪڏهن وفاقي حڪومت کي انهن ٻيٽن تي اڏاوتون ڪرڻ ۽ شهر اڏڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته پوءِ انهن رٿائن تي جيترا به خرچ ايندا، اهي سمورا سنڌ حڪومت کي ڏنا وڃن، جنهن جو ئي اهو سبجيڪٽ آهي ته اها پنهنجي ٻيٽن تي ترقياتي ڪم ڪرائي، باقي لالچون ڏئي ۽ ڪوڙا خواب ڏيکاري سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏي سنڌ جي مقامي ماڻهن کي ماضي جيان نظرانداز ڪيو ويندو، پوءِ اهو روزگار هجي، ڪاروباري سرگرميون هجن يا ٻيا ڪي معاشي ۽ سماجي مامرا هجن. مون پاڻ انهيءَ صدارتي آرڊيننس ۽ پاڪستان آئلينڊ اٿارٽي جي ڪم ۽ دائري ڪار بابت جائزو ورتو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اٿارٽي نشاندهي ڪيل علائقن ۾ ڊولپمينٽ، ترقي لاءِ پاليسيون، هدايتون ۽ حڪمت عمليون جاري ڪري سگهندي، آرڊيننس جي حدن ۾ غير متحرڪ ملڪيتن، مناسب ترقياتي منصوبن جي نشاندهي ڪرڻ به اٿارٽي جو ڪم هوندو، نشاندهي ڪيل علائقن ۾ صنعت، سياحت، واپار کي عالمي سطح تي هٿي وٺرائڻ لاءِ اٿارٽي کي وفاقي حڪومت توڙي لاڳاپيل صوبائي حڪومت کي پاليسيون، قانون ۽ هدايتون تجويز ڪرڻ جو اختيار هوندو. اٿارٽي سيڙپڪارن کي نشاندهي ڪيل علائقن ۾ رعايتون ڏيڻ لاءِ ٺيڪن، ڪسٽم، ايڪسائيز ڊيوٽي سميت ٻيا مالي فائدا ڏيڻ جي به حڪومت کي سفارش ڪري سگهندي، ان کان علاوه اٿارٽي جي پيٽرن يعني وزيراعظم جي هدايتن جي روشني ۾ اٿارٽي نشاندهي ڪيل هنڌن تي ڊيوٽي فري ايرياز، لاجسٽڪ سينٽر، عالمي سياحت، واپار، سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ سان گڏ ان عمل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ به ڪم ڪري سگهندي. آرڊيننس جي مقصدن جي حاصلات لاءِ لاڳاپيل ايجنسين، وفاقي، صوبائي ۽ مقامي سطح جي ادارن سان ڪوآرڊينيشن ڪرڻ جو به اختيار هوندو، اٿارٽي کي ريئل اسٽيٽ، سيڙپڪارن، بانڊن، ٽرسٽن، سڪوڪ بانڊز، پارٽيسيپيشن ٽرمز سرٽيفڪيٽ، ٽرم فنانس سرٽيفڪيٽن سوڌو قرض ۽ رڪوريز ذريعي هر قسم جي فنڊ ريزنگ جو اختيار هوندو، اٿارٽي حڪومتي ادارن، ڊونر ايجنسين، مالياتي ادارن کان مالي امداد ۽ قرض به حاصل ڪري سگهندي. اٿارٽي بجلي پيداوار سوڌو پاڻي، گيس ۽ ٻيون سهولتون حاصل ڪري سگهندي، اٿارٽي کي مقصدن جي حاصلات لاءِ ايجنسيون، ڪمپنيون، انهن جون شاخون، ٽرسٽ، سوسائٽيون، ايسوسيئيشنز قائم ڪرڻ ۽ جوائنٽ وينچر ڪرڻ جو به اختيار هوندو. پنهنجي حدن ۾ اٿارٽي کي پراپرٽي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو اختيار هوندو، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اٿارٽي جي اختيارن کي عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو.مٿي بيان ڪيل ڳالهيون ۽ اٿارٽي کي مليل اختيار پڙهي مون کي تمام گهڻي حيرانگي ٿي ۽ افسوس به ٿيو ته سنڌ آخر وفاق جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو هر ڀيري سنڌ سان اهڙو تعصبي ورتاءُ اختيار ڪيو ٿو وڃي!؟ منهنجي خيال ۾ ته سنڌ حڪومت وٽ آرڊيننس کي رد ڪرڻ جو آئيني رستو موجود آهي، ڇاڪاڻ ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن، جن تي سنڌ جو پهريون حق آهي، ان ڪري وفاق جي دعويٰ غيرآئيني، غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي ۽ هن وقت آئون اها به تجويز ڏيندس ته وفاق جي اهڙن قدمن خلاف نه رڳو پرامن احتجاج ڪيو وڃي بلڪه آئيني ۽ قانوني رستو اختيار ڪندي عدالت سان به رجوع ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو