زينڊيا لاءِ ننڍي عمر ۾ پرائم ٽي وي ايوارڊ ايما کٽي ورتو

واشنگٽن(ويب ديسڪ) آمريڪا ۾ مقبول ڊرامه سيريز يوفوريا مان شهرت حاصل ڪندڙ اداڪارا زينڊيا بين الاقوامي ايمي ايوارڊ کٽندڙ ننڍي عمر واري پهرين عورت بڻجي وئي آهي.ايمي ايوارڊ آمريڪا ۾ ٽي وي جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ سمجهو ويندو آهي ۽ هن ڀيري شاندار اداڪاري تي 24 سالن جي زينڊيا بهترين اداڪارا جو ايوارڊ حاصل ڪري يڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. 72هين پرائم ايوارڊ جي تقريب ۾ ايوارد وصول ڪرڻ بعد زينڊيا ٻئي سياه فام اداڪارا آهي جنهن کي هي ايوارڊ مليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو