نائب صدر جي قافلي تي حملو 10 فوت 20 زخمي

ڪابل(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي نائب صدر امر الله صالح جي قافلي تي حملي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا، 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا ۽ نائب صدر معجزاڻي طور بچي ويو. سندس ترجمان حملي جي تصديق ڪندي چيو ته نائب صدر جا ڪجهه محافظ زخمي ٿيا آهن. سندس چوڻ آهي ته شيطاني قوتون ناڪام رهيون آهن. ڌماڪو ڪابل جي تيماني واري علائقي ۾ ٿيو ۽ نائب صدر جي قافلي کي نشانو بڻايو ويو. ڪنهن به تنظيم ڌماڪي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو