مسجدن تي حملو ڪندڙ کي عمر قيد جي سزا

مسجدن تي حملو ڪندڙ کي عمر قيد جي سزا

ڪرائيسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) ڪرائيسٽ چرچ ۾ مسجد تي حملو ڪندڙ آسٽريلوي دهشتگرد برينٽن ٽيرنٽ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي، پرڏيهي خابرو اداري موجب نيوزيلينڊ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عدالت ڪنهن جوابدار کي بنا پيرول جي سزا ٻڌائي آهي ۽ کيس اپيل جو حق ناهي ڏنو. جوابدار برينٽن ٽيرنٽ 15 مارچ 2019 تي ٻن مسجدن ۾ فائرنگ ڪري 51 نمازين کي شهيد ۽ 40 کان وڌيڪ ماڻهن کي زخمي ڪري ڇڏيو هو. عدالت ۾ ڪيترائي ماڻهو لڙڪ لاڙي ويٺا. هڪ ڇوڪري جوابدار کي چيو ته هي ڳوڙها تنهنجي لاءِ ناهن پر انهن لاءِ آهن جن جون تون حياتيون کسيون. متاثره مسجد جي پيش امام چيو ته سزا ٺيڪ آهي پر ان سان مري ويل ماڻهو واپس نه ايندا ۽ نه ئي انهن جي موت جو ڪو ازالو ٿي سگهندو. ياد رهي ته نيوزيلينڊ ۾ موت جي سزا ڪنهن کي به نه ٿي ملي سگهي ۽ قانون موجب جوابدار کي مليل سزا وڌ کان وڌ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو