زرداري تي ٺٽو واٽر سپلاءِ ڪيس ۾ فرد جرم وري ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف زرداري خلاف ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن بابت نيب ريفرنس ۾ فرد جرم جي ڪارروائي وري 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ريفرنس رد ڪرڻ بابت آصف زرداري جي درخواست تي نيب کان ٻيهر جواب طلب ڪري ورتو، اڳوڻي صدر جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به منظور ڪئي وئي آهي. نيب پاران فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ويڊيو لنڪ تي انتظام مڪمل ڪيا ويا هئا ۽ نيب ٽيم بلاول هائوس ۾ موجود هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو