ٺل(عبدالنبي شيخ) باهو کوسو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير شاخ ۾ زميني تڪرارتان بنگلاڻي ۽ مرهٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو،جهيڙي دوران بنگلاڻي برادري جي ماڻهن جي فارنگ ۾ مرهٽا برادري جي مسمات گلناز مرهٽو گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي جنهن کي علاج لاء سکر نيو پيو وڃي ته رستي ۾ فوت ٿي وئي،جڏنهن ته مرهٽا برادري جو هڪ نينگر پڻ زخمي ٿي پيو،بنگلاڻي برادري جي فائرنگ ۾ عورت فوت ٿيڻ جو ٻڌي بنگلاڻي برادري ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويا آهن، جڏنهن ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس موجب مرهٽا ۽ بنگلاڻين ۾ زمين تان پراڻو جهيڙو هلندڙ آهي،پوليس جي نفري جوابدارن جي ڳولا ۾ نڪتل آهي جلد گرفتاري عمل ۾ ايندي.










