لاھور (ويب ڊيسڪ) قومي فاسٽ بالر محمد عباس چيو آهي ته سندس بهترين ڪارڪردگي سان گڏ ٽيم کي به ڪاميابي ملي، جنهن تي کيس وڌيڪ خوشي ٿي. هن سريلنڪا خلاف سيريز ۾ ثاقب خان ۽ رضا الله جي شاندار بالنگ کي پڻ ساراهيو. محمد عباس چيو ته رضا الله نوجوان رانديگر آهي ۽ سڀني مشورن تي عمل ڪري ٿو. اميد آهي ته ثاقب خان ۽ رضا الله پاڪستان لاءِ ڊگهي عرصي تائين ڪرڪيٽ کيڏندا. نوجوان ڪرڪيٽرن کي پيغام ڏيندي محمد عباس چيو ته کين 4 ڏينهن واري ڪرڪيٽ وڌيڪ کيڏڻ گهرجي. ريڊ بال ڪرڪيٽ ذريعي به رانديگر پنهنجي وائيٽ بال ڪرڪيٽ جون صلاحيتون بهتر بڻائي سگهن ٿا. واضح رهي ته محمد عباس 2026ع ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ دوران 39 وڪيٽون وٺي سڀ کان ڪامياب فاسٽ بالر رهيو آهي. هن سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ 8 وڪيٽون وٺي پليئر آف دي سيريز جو ايوارڊ ماڻيو، جڏهن ته ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ کيس پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.










