دنيا جي قديم عمارتن وارو جديد ڊجيٽل ۽ پيپرليس ملڪ

ٽيلن (ويب ڊيسڪ) اتر يورپ جو ننڍڙو ملڪ ايسٽونيا دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ڊجيٽل ملڪ آهي. ٿڌي مزاج ۽ صلح صفائي وارو مزاج رکندڙ ماڻهن جو هي ملڪ جاگرافيائي طور فن لينڊ جي چوگرد بالٽڪ سمنڊ ۽ فنلينڊ گلف آهن. ايسٽونيا جي گادي وارو شهر ٽيلن قديم عمارتن جي بهترين نمونن جو شاهڪار آهي. 5 کان پنڌرين صدي جي قرون وسطي دور جي انهن عمارتن کي بهترين انداز ۾ سنڀاليو ويو آهي.اڄ به وڇ شهر ۾ اوهين ويندا ته موم بتين جي هلڪي روشنين واري پراڻي دور جو منظر نظر ايندو. هوٽل تي ٺڪر يا چيني جي وڏي ڪُني ۾ اڌڙوٽ عمر جون رنگ برنگي ڪپڙن ۾ ملبوس عورتون گهرو ۽ پراڻي زماني جي ذائقي وارو سوپ ٺاهيندي نظر اينديون. اوهان کي سوپ لاءِ ڪو چمچو نه ملندو ۽ اوائلي دور جيان ڍڪ ڀري پيئڻو پوندو.

Photo courtesy by  Susan Fourtané

ٻئي عالمي جنگ ۾ ايسٽونيا جي 7.3 سيڪڙو آبادي قتل ٿي هئي ۽ 10 سيڪڙو آبادي روس جي ليبر ڪئمپن ۾ غلام بنائي وئي هئي. هن ملڪ م عورتن جي آباد ي مردن کان وڌيڪ آهي. 100 عورتن لاءِ 84 مرد آهن. 13 لک 28 هزار جي آبادي واري هن ملڪ جي صدر به عورت آهي ڪيرسٽي ڪالجوليڊ آهي جيڪا ڊجيٽلانقلاب جي چيمپئن آهي. هوءَ ايسٽونيا جي پهرين ۽ نوجوان ترين عورت سربراهه آهي. هي دنيا جو ڪاغذ فري ملڪ آهي هر ڪم ڊجيٽل انداز ۾ ٿيندو آهي ڪنهن به سرڪاري يا نجي آفيس ۾ ڪاغذ استعمال ناهي ٿيندو. پبلڪ ٽرانسپورٽ عوام لاءِ مفت آهي. اسڪائيپ سافٽويئر به هن ملڪ جي ٽن انجنيئرز ٺاهيو هو جنهن کي سوئيڊش ڪمپني مارڪيٽ ڪيو هو جيڪو بعد ۾ 2011 ۾ مائيڪروسافٽ خريد ڪيو. هن ملڪ جي گادي جو شهر ٽيلن يورپ جي سليڪان ويلي سمجهي ويندي آهي. هن ملڪ جي بالغ آباد ۾ لٽريسي جي شرح 99.98 سيڪڙو آهي جيڪا دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن ملڪ جو معاشرو دنيا جو صاف، شفاف.قابل ۽ ايماندار معاشرو به سمجهو وڃي ٿو. ملڪ ۾ بئنڪنگ، ٽيڪس، پارڪنگ، ٽرانسپورٽ سميت هر قسم جو نظام ڪمپيوٽرائيزڊ آهي. ڊرائيور شهر ۾ پارڪنگ فيس موبائيل فون ذريعي ادا ڪن ٿا. 99 سيڪڙو پبلڪ سروس آن لائن آهن ۽ 2773 قسم جون سروسز آن لائن دستياب آهين. 2005 ۾ ايسٽونيا دنيا جو پهريون ملڪ هو جنهن آن لائن ووٽگ متعارف ڪرائي.(هي اسٽوري انٽريسٽنگ انجنيئرنگ ويب سائيٽ لاءِ سوزن فورٽين ڪئي جنهن جي ٿورن سان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ اسين هتي پيش ڪئي).

پهنجو تبصرو موڪليو