ليکڪ: نصير ميمڻ
معاشي استحڪام بابت سرڪاري دعوائن جي ابتڙ، تازو جاري ڪيل عالمي ادارن جي رپورٽن جو هڪ سلسلو پاڪستان ۾ غربت جي وڌندڙ شدت ۽ انساني ترقيءَ جي بحران بابت ڳڻتيءَ جوڳا ثبوت فراهم ڪري ٿو.
عالمي بئنڪ جي پاڪستان بابت غربت ۽ معاشي برابريءَ واري رپورٽ موجب، ملڪ ۾ غربت جي شرح 2018-19ع ۾ 22 سيڪڙو هئي، جيڪا وڌي 2024-25ع ۾ 29 سيڪڙو ٿي وئي آهي. ان جو مطلب آهي ته سڄي ملڪ ۾ لڳ ڀڳ 7 ڪروڙ ماڻهو قومي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. معاشي اڻبرابري ماپڻ واري گني انڊيڪس ۾ به اضافو ٿيو آهي، جيڪا 28.4 سيڪڙو مان وڌي 32.7 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪا گذريل 25 سالن دوران سڀ کان وڌيڪ شرح آهي.
عالمي بئنڪ جي علائقائي معاشي جائزي موجب، انتهائي غريب ماڻهن جي زمري ۾ ايندڙ وچ اوڀر، اتر آفريڪا، افغانستان ۽ پاڪستان (MENAAP) واري خطي جي آباديءَ جو لڳ ڀڳ اڌ حصو پاڪستان ۾ رهي ٿو. عالمي بئنڪ غربت گهٽائڻ جي عمل ۾ پاڪستان جي پوئتي موٽڻ جا سبب ڪورونا وبا، 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏن، مهانگائيءَ جي بلند شرح ۽ ڪرنسيءَ جي قدر ۾ گهٽتائيءَ سبب پيدا ٿيل معاشي بحرانن کي قرار ڏئي ٿي.
گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) جي 2025ع جي عالمي گهڻ رخي غربت واري انڊيڪس موجب، پاڪستان جي 38.3 سيڪڙو آبادي، يعني 9 ڪروڙ 50 لک ماڻهو، گهڻ رخي غربت جو شڪار آهن. ان جو مطلب آهي ته اهي ماڻهو رڳو پئسن کان محروم ناهن، پر کين صحت جي سهولتن ۽ تعليم جهڙين بنيادي ضرورتن تائين به رسائي حاصل ناهي. ان کان علاوه 3 ڪروڙ 20 لک ماڻهو گهڻ رخي غربت جي خطري هيٺ آهن. پاڪستان ۾ غريب آباديءَ جي شرح 38.3 سيڪڙو آهي، جيڪا ڀارت جي 16.4 سيڪڙو ۽ بنگلاديش جي 14.9 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي آهي.
محرومين جي ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال 2026ع جي عالمي بک انڊيڪس ۾ به ظاهر ٿي، جنهن ۾ پاڪستان کي 122 ملڪن مان 106هين نمبر تي رکيو ويو. ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جو بک وارو اسڪور سڀ کان وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب، خوراڪ جي قيمتن ۾ واڌ سبب گهراڻن جي خريداريءَ جي سگهه گهٽجي وئي آهي ۽ خوراڪ تائين سندن رسائي محدود ٿي آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ ۾ غذائي کوٽ جي صورتحال 2018ع ۾ ’گهٽ‘ سطح کان وڌي ’وچولي‘ سطح تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته ٻارن ۾ شديد غذائي کوٽ جي شرح وڌي ’وڏي‘ سطح جي حد جي ويجهو پهچي رهي آهي.
غربت جون پاڙون ڏهاڪن کان هلندڙ غلط عوامي پاليسين ۾ کتل آهن
اهي سڀ رپورٽون بحران جي سنگينيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون. برٽش ميڊيڪل جرنل ۾ شايع ٿيل ذهني صحت بابت قومي سطح تي نمائنده سروي (2018ع کان 2022ع) ۾ به پريشان ڪندڙ حقيقتون سامهون آيون آهن. سروي موجب، پاڪستان جو هر ٽيون شهري ڪنهن اهڙي ذهني يا رويي جي خرابيءَ سان زندگي گذاري رهيو آهي، جنهن جي طبي تشخيص ممڪن آهي، جڏهن ته هر پنجن مان هڪ ماڻهو پوسٽ ٽراميٽڪ اسٽريس ڊس آرڊر (صدمي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ذهني دٻاءَ واري بيماري) جي معيارن تي پورو لهي ٿو. حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته 6 سيڪڙو ماڻهن خودڪشيءَ جا خيال اچڻ جو اعتراف ڪيو، جڏهن ته ڏهن مان هڪ کان وڌيڪ ماڻهو ڊپريشن جو شڪار هئا. ذهني بيمارين جي اهڙي وڏي شرح جو تعلق گهٽ آمدني، ناقص تعليم، بيروزگاري، عمر ۽ خانداني حالتن ۾ بگاڙ سان جوڙيو ويو آهي.
پاڪستان ۾ انساني ترقيءَ کي مسلسل نظرانداز ڪيل ترجيح بڻايو ويو آهي. يو اين ڊي پي جي انساني ترقيءَ بابت 2025ع جي رپورٽ ۾ پاڪستان کي 193 ملڪن مان 168هين نمبر تي رکيو ويو، جنهن سان ملڪ انساني ترقيءَ جي ’گهٽ‘ درجي واري زمري ۾ اچي ويو. افغانستان کانسواءِ خطي جا سمورا ملڪ انساني ترقيءَ جي انڊيڪس ۾ پاڪستان کان اڳتي آهن.
غربت جون پاڙون ڏهاڪن کان هلندڙ غلط عوامي پاليسين ۽ خراب حڪمرانيءَ ۾ کتل آهن. انساني ترقيءَ کي رڳو ڏيکاءَ جي حد تائين اهميت ڏني وئي آهي، اهو موضوع گهڻو ڪري سرڪاري تقريرن ۽ چونڊ منشورن تائين محدود رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪورونا وبا، ٻوڏن ۽ موسمياتي تبديليءَ جي وسيع اثرن معيشت کي سخت نقصان پهچايو آهي، پر انساني ترقي حڪومت جي ترجيحن جي فهرست ۾ تمام گهٽ نظر اچي ٿي.
جاگرافيائي ۽ سياسي ڇڪتاڻ، سرحدن تي جاري تڪرارن ۽ تازو خليج جي جنگ سبب پيدا ٿيل معاشي ڌچڪن وسيلن ۽ حڪومتي ڌيان کي انساني ترقيءَ کان هٽائي سلامتيءَ جي ترجيحن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اندروني سلامتيءَ جا مسئلا به صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهيا آهن، جن سبب برآمدات ۾ واڌ رڪجي وئي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي حوصلا شڪني ٿي آهي. ٻن صوبن ۾ دهشتگردي ۽ امن امان جي خراب صورتحال مقامي سيڙپڪاريءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ماحول ڪيترين ئي پرڏيهي ڪمپنين کي پنهنجا ڪاروبار بند ڪري پاڪستاني مارڪيٽن مان سرمايو ڪڍڻ تي مجبور ڪيو آهي.
زراعت، جيڪا ڊگهي عرصي تائين قومي معيشت جو بنياد ۽ لکين ماڻهن لاءِ خوراڪ جي تحفظ جو ذريعو رهي آهي، گذريل ڏهاڪن دوران منظم طريقي سان تباهه ڪئي وئي آهي. زرعي خرچن ۾ تيز واڌ، پاڻيءَ جي شعبي جو ناقص انتظام، زمين جي تيزيءَ سان خراب ٿيندڙ حالت ۽ استحصالي مارڪيٽ قوتن هن اهم شعبي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
توانائيءَ جي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ قيمتن، بجليءَ جي غير يقيني فراهمي ۽ پيٽروليم ليوي سميت ڳرن ٽيڪسن زرعي شعبي لاءِ توانائي انتهائي مهانگي بڻائي ڇڏي آهي. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تباهه ڪندڙ واڌ ٽرانسپورٽ جا ڪرايا وڌائي ڇڏيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنيءَ کان مارڪيٽ تائين زرعي پيداوار پهچائڻ جو خرچ وڌي ويو آهي. ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل خوراڪ جي مهانگائي لکين خاندانن کي پنهنجي خوراڪ جي معيار ۽ مقدار ۾ ڪٽوتي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان ۾ لکين خاندانن لاءِ غربت ۽ بک هڪ وجودي چئلينج بڻجي چڪيون آهن، پر ان جي باوجود انهن مسئلن تي قومي سطح تي ڌيان نظر نٿو اچي. اهي مسئلا قومي بحث مباحثي ۾ به تمام گهٽ جاءِ والارين ٿا، خاص طور تي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي، جتي گورنر راڄ ۽ نون صوبن جهڙن موضوعن تي سنسني خيز ٽاڪ شوز جو شور متل رهي ٿو. عوام جو ڌيان اصل مسئلن تان هٽائڻ ۽ اهم رپورٽن جي نتيجن کي بحث جو حصو نه بڻائڻ سان شهرين جي مايوسي گهٽائي نٿي سگهجي.
(ليکڪ سسٽينبل ڊولپمينٽ پاليسي انسٽيٽيوٽ ۾ پاڻيءَ جي انتظام ۽ حڪمرانيءَ بابت سينيئر صلاحڪار آهي.هي مضمون 10 ڊسمبر تي ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو، جيڪو اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ سندن ٿورن سان پيش ڪريون ٿا. ادارو)










