راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ پهرئين ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن راند ختم ٿيڻ تائين پاڪستان 5 وڪيٽن جي نقصان تي 281 رنسون ٺاهي ورتيون.راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ۾ سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ طيب عارف شاندار بيٽنگ ڪندي ففٽي سينچري اسڪور ڪئي ۽ 57 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڪپتان بابر اعظم 54 بالن تي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي 35هين ففٽي مڪمل ڪرڻ بعد پويلين موٽي ويو. پهرين ميچ کيڏندڙ محمد طحٰه به 51 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته سلمان آغا 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. پهرئين ڏينهن جي پڄاڻي تي سعود شڪيل 57 ۽ غازي غوري 7 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. پهرئين ڏينهن خراب روشني سبب راند وقت کان اڳ ختم ڪئي وئي، جنهن دوران 67.2 اوورن جي راند ٿي سگهي. سريلنڪا طرفان اسيٿا فرنينڊو 2، جڏهن ته دلشن مدوشنڪا، ملان رتنائڪي ۽ سونل ڊينوشا هڪ هڪ ورتي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڊيبيو ڪندڙ نوجوان بيٽر طيب عارف ۽ محمد طحٰه پنهنجي پهرين ئي ٽيسٽ ميچ ۾ اڌ سينچريون اسڪور ڪري شوقينن جون دليون کٽي ورتيون، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي ٻنهي جي بيٽنگ کي ڀرپور ساراهيو پيو وڃي. پاڪستان ڪرڪيٽ جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي طيب عارف جي اڌ سينچري تي کيس ڀيٽا ڏيندي ”هيلو ٽو ٽيسٽ ڪرڪيٽ“ جو پيغام جاري ڪيو ويو. اذان اويس سان گڏ اوپننگ لاءِ ميدان تي لهندڙ طيب عارف پنهنجي خوبصورت ڪور ڊرائيو ۽ وڪيٽ جي چئني پاسن کان شاندار شاٽس کيڏي شروعات کان ئي تماشائين کان داد حاصل ڪيو. هن هڪ ڇڪي ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 51 بالن تي 57 رنسون ٺاهيون. طيب عارف جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ڊيبيو ڪندڙ محمد طحٰه ڪريز تي آيو، جنهن محتاط انداز ۾ بيٽنگ ڪندي پنهنجي اننگز کي اڳتي وڌايو. محمد طحٰه 105 بالن تي 51 رنسون ٺاهيون. اهڙيءَ طرح فاسٽ بالر لاءِ سازگار سمجهي ويندڙ پچ تي ٻنهي نوجوان بيٽرن پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. سوشل ميڊيا تي ٻنهي نوجوانن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو پيو وڃي. هڪ واهپيدار موجب، محمد طحٰه علائقائي ڪرڪيٽ ۾ محنت ۽ مسلسل بهترين ڪارڪردگي ذريعي ٻيهر پاڻ کي مڃرايو آهي. واهپيدار ياد ڏياريو ته 2020ع ۾ پي ايس ايل جي هڪ ميچ دوران خراب شاٽ کيڏڻ تي بابر اعظم طحٰه تي ڪاوڙيو هو، پر هن همت نه هاري ۽ پنهنجي راند کي بهتر بڻائيندو رهيو. تجزيي نگار ڊاڪٽر نعمان نياز طيب عارف کي ايچيسن ڪاليج جو هڪ ٻيو اڳوڻو شاگرد قرار ڏيندي سندس حوصلا افزائي ڪئي. هن چيو ته ”ماجد خان، عمران خان، عامر حميد، رميز راجا، بازيد خان ۽ وهاب رياض به ايچيسن ڪاليج جا اڳوڻا شاگرد رهيا آهن.“ راندين واري صحافي شاهد هاشمي موجب، 20 ورهين جو طيب عارف ان کان اڳ گريڊ ٽو ۽ فرسٽ ڪلاس پيٽرنز ٽرافي ۾ حيدرآباد ڪنگز جي قيادت پڻ ڪري چڪو آهي. هن ڊپارٽمينٽل فرسٽ ڪلاس ٽورنامينٽ ۾ ڪنگزمين اڪيڊمي جي نمائندگي ڪندي 7 ميچن ۾ 66.09 جي سراسري سان 727 رنسون ٺاهيون، جن ۾ 3 سينچريون به شامل هيون. شاهد هاشمي موجب، ڪراچي سان تعلق رکندڙ محمد طحٰه سنڌ طرفان ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهي ۽ هلندڙ سال پريزيڊنٽ ٽرافي ۾ 700 رنسون ٺاهيون، جن ۾ هڪ ڊبل سينچري به شامل آهي. واضح رهي ته هن ٽيسٽ ميچ ۾ طيب عارف ۽ محمد طحٰه کانسواءِ عرفات منهاس ۽ ثاقب خان به پاڪستان طرفان ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو آهي.










