سيوهڻ: زميني جي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، 4 زخمي

سيوهڻ: زميني جي تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل، 4 زخمي

سيوهڻ:(ن س) سيوهڻ ڀرسان لڪي شاهه صدر وٽ زمين جي تڪرار تان ڀچا برادري جي ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پوليس موجب فائرنگ ۾ مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ڌڻي بخش ڀچو طور ٿي، زخمين ۾ يعقوب ڀچو، سارنگ ڀچو ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.علائقي واسين موجب ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ سبب فائرنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو، جڏهن ته وڌيڪ جاني نقصان جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي. رهواسين موجب اطلاع باوجود پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، حدن جو معاملو ڄاڻائي لاتعلقي ظاهر ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو