ملڪيت ۽ وراثت جا تڪرار سول عدالتن ۾ مناسب مدي اندر اڪلائن

ملڪيت ۽ وراثت جا تڪرار سول عدالتن ۾ مناسب مدي اندر اڪلائن

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته وفاقي محتسب کي ملڪيت جي پيچيده تڪرارن جو حتمي فيصلو ڪرڻ جو اختيار حاصل ناهي، ملڪيت ۽ وراثت بابت تڪراري معاملا سول عدالتن ۾ ئي اڪلائڻ گهرجن.سپريم ڪورٽ عورتن جي ملڪيت جي حقن بابت وفاقي محتسب ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏيندي تڪراري ملڪيت جو معاملو لاڳاپيل سول عدالت ڏانهن اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت عظميٰ جو 8 صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس عائشه ملڪ لکيو آهي.فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته وفاقي محتسب جا اختيار واضح ملڪيت جي حقن ۽ قبضي جي بحالي تائين محدود آهن، جڏهن ته قانوني ۽ حقيقتن تي ٻڌل پيچيده تڪرارن جو فيصلو شاهديون رڪارڊ ڪرڻ کانپوءِ ئي ممڪن آهي.سپريم ڪورٽ عورتن جي ملڪيت بابت سول درخواستن کي اپيلن ۾ تبديل ڪري منظور ڪري ورتو ۽ هدايت ڪئي ته محتسب وٽ داخل شڪايت سميت سمورو لاڳاپيل رڪارڊ سول جج باڙه جي عدالت ۾ جمع ڪرايو وڃي.عدالت سول عدالت کي پڻ هدايت ڪئي ته ڌرين کي 15 ڏينهن اندر پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا وڃن ۽ ڪيس جو مناسب مدي اندر فيصلو ڪيو وڃي.فيصلي موجب تڪراري هبہ نامي جي اصليت، قانوني حيثيت ۽ وراثتي حقن جو تعين سول عدالت ڪندي، ڇاڪاڻ ته اهڙن معاملن ۾ قانوني ۽ حقيقتن سان لاڳاپيل پيچيدگين جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته عورتن جي ملڪيت جي حقن جي تحفظ وارو ايڪٽ 2019ع اهم قانوني تحفظ فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته عورتن کي ملڪيت کان غيرقانوني طور محروم ڪرڻ خلاف ترت ۽ اثرائتي قانوني ڪارروائي ضروري آهي.عدالت عظميٰ موجب عورتن جي ملڪيت جي حقن جو تحفظ قانون جو بنيادي مقصد آهي، پر ان سان گڏ وفاقي محتسب جي اختيارن ۽ سول عدالتن جي دائره اختيار ۾ فرق کي نظر ۾ رکڻ پڻ لازمي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو