آڪلينڊ)ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ اسٽار ويرات ڪوهلي نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي هڪ ٻيو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.آڪلينڊ جي ايڊن پارڪ ۾ کيڏيل برسات سبب متاثر ٿيل ميچ ۾ ويرات ڪوهلي 51 بالن تي 74 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 13 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل هو.ان شاندار اننگز کانپوءِ هو ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ جو پهريون بيٽسمين بڻجي ويو، جنهن ڏکڻ آفريڪا، انگلينڊ، نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا يعني ’سينا ملڪن‘ ۾ ون ڊي ميچون کيڏندي هر ملڪ خلاف 50 يا ان کان وڌيڪ جي بيٽنگ سراسري برقرار رکي آهي.اهو اعزاز ويرات ڪوهلي جي پرڏيهه ۾ مسلسل بهترين ڪارڪردگي ۽ بيٽنگ ۾ مستقل مزاجي جو هڪ ٻيو ثبوت آهي.










