اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.
اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب حڪومت ڊيزل جي قيمت ۾ 7.76 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 3.40 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي نئين قيمت 395.20 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي نئين قيمت 374.51 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 3 نومبر کان لاڳو ٿينديون










