صدر سمورن ضلعن ۾ ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺي پيو: شرجيل ميمڻ

صدر سمورن ضلعن ۾ ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺي پيو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صدر آصف علي زرداري سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ جاري ترقياتي رٿائن، عوامي ڀلائي ۽ بهبود جي منصوبن جو جائزو وٺي رهيو آهي. صدر مملڪت روڊ رستي دوري دوران مختلف ترقياتي منصوبن جو پاڻ معائنو ڪري رهيو آهي.هڪ بيان ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته روڊن، آبپاشي، صحت ۽ تعليم جا منصوبا صدر آصف علي زرداري جي خاص ڌيان جو مرڪز آهن. لاڳاپيل وزير ۽ اختياريون صدر مملڪت کي جاري ترقياتي رٿائن ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن بابت بريفنگ ڏئي رهيون آهن. هن چيو ته دوري دوران صدر مملڪت ترقياتي رٿائن تي ڪم تيز ڪرڻ ۽ عوامي مسئلن جي فوري حل لاءِ هدايتون پڻ ڏنيون آهن. صدر مملڪت جي هدايتن موجب سمورن ضلعن ۾ ترقياتي عمل جاري آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري جي هدايتن جي روشني ۾ شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو