حملن جو خطرو، آمريڪا طرفان شهرين لاءِ سيڪيورٽي الرٽ جاري

حملن جو خطرو، آمريڪا طرفان شهرين لاءِ سيڪيورٽي الرٽ جاري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ايران ۽ يمن جي حوثي مليشيا طرفان حملن جي خطرن سبب آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجن شهرين لاءِ سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.عرب ميڊيا موجب اردن، عراق، ايران، يمن، لبنان ۽ شام سميت 12 ملڪن ۾ قائم آمريڪي سفارتخانن طرفان سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. سيڪيورٽي الرٽ ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته ايران ۽ ان جا حامي گروپ آمريڪي شهرين ۽ آمريڪي مفادن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا. الرٽ ۾ آمريڪي شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي خطي ۾ اڏامن جي منسوخي ۽ فضائي حدن جي بندش بابت باخبر رهن، جڏهن ته وچ اوڀر جي ڇڪتاڻ وارن علائقن ڏانهن سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو