واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف ايٽمي هٿيار استعمال نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي ملڪ ۾ آمريڪي زميني فوج مقرر ڪرڻ جو امڪان پڻ رد ڪري ڇڏيو آهي.نيوز ميڪس کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ايران خلاف ايٽمي هٿيار استعمال نه ڪندو، جڏهن ته ايران ۾ آمريڪي فوجي دستا مقرر ڪرڻ جو به سندس ڪو ارادو ناهي. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته آمريڪا ايٽمي هٿيارن جي خاتمي واري معاملي تي روس ۽ چين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي. هوڏانهن ان کان اڳ آمريڪي ميڊيا انڪشاف ڪيو هو ته آمريڪي فوج ايران تي حملن جا نوان منصوبا تيار ڪيا آهن، جن ۾ ايران جي توانائيءَ جي بنيادي ڍانچي ۽ ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ لاءِ ’مدر آف آل بمز‘ (ايم او اي بي) استعمال ڪرڻ جو امڪان پڻ شامل آهي. آمريڪي ميڊيا موجب فوجي هٿيارن جي ممڪن استعمال بابت اندروني منصوبابنديءَ تي ٿيندڙ ڳالهين کان واقف ڪيترن ئي ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي هٿيارن جي ذخيري ۾ موجود سڀ کان وڏو غيرايٽمي بم ’جي بي يو-43/بي ميسِو آرڊيننس ايئر بلاسٽ‘ (GBU-43/B Massive Ordnance Air Blast)، جنهن کي ’مدر آف آل بمز‘ پڻ چيو ويندو آهي، ايران سان جاري تڪرار ۾ پهريون ڀيرو استعمال ڪرڻ سان ڇڪتاڻ ۾ وڏي واڌ اچي سگهي ٿي. بهرحال، ان ڳالهه بابت شڪ موجود آهن ته اهو بم ڪنهن اهم اسٽريٽجڪ مقصد جي حاصلات يا جنگ جو رخ تبديل ڪرڻ ۾ ڪيترو اثرائتو ثابت ٿي سگهندو. رپورٽن موجب، ايران خلاف اهڙي طاقتور غيرايٽمي بم جي امڪاني استعمال بابت بحث باوجود ان جي فوجي ۽ اسٽريٽجڪ اثرن تي سوال برقرار آهن.










