مضبوط دفاع، محفوظ پاڪستان!

مضبوط دفاع، محفوظ پاڪستان!

عبدالمجيد بروھي
وزيراعظم سر شاهه نواز ڀٽو جي گهر پيدا ٿيندڙ ذولفي ڀٽو ڪنهن کي ڇا خبر هئي ته هي وڏو ٿي هن ملڪ جو پهريون چونڊيل وزيراعظم، آئين جو خالق ۽ عوامي سياست ۾ نوان لاڙا آڻيندو، نه صرف اهو پر هن جي سياست جا چرچا دنيا جي سڀني کنڊن ۾ ٻولڻ لڳا جنهن جي ڪري عرب دنيا سميت يورپ ۾ پڻ ڪافي مقبوليت ملي. ملڪي سياست ۾ به سياسي حلقن کي حلائي ڇڏيو جنهن جي ڪري ٻن آمرن کي عوام جي طاقت سان گهر ڀيڙو ڪيائين ۽ اجهي، لٽي ۽ ڳڀي جو نارو هڻندڙ زوالفقار علي ڀٽو پهنجي پارٽي جو بنياد وڌو جنهن ٿوري هي عرصي ۾ تاريخي مقبوليت حاصل ڪئي.زوالفقار علي ڀٽو عوام ۾ سياسي شعور جي بيداري لاءِ ڊرائنگ روم جي سياست کي رد ڪري عوامي سياست جو بنياد وڌو ۽ عام ماڻهو کي سياست جو سرچشمو ٺاهيو، سندس هن نعري عوام ۾ مقبوليت جا رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا
عوام دشمنن ۽ پاڪستان جي دشمنن ذالفقار علي ڀٽو کي ايٽم بم پروگرام شروع ڪرڻ عوام کي سندن حق ڏيڻ حقن لاء آواز اٿارڻ عالمي اسلام کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ سميت پاڪستان کي آئين ڏيڻ جي ڏوھ ۾ ھڪ ظالم آمر ضياء جي احسان فراموشي جي ڪري ذالفقار علي ڀثو کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرائي کيس سولي تي چاڙھيو ويو امريڪا سميت مغربي ملڪن ۽ دنيا جي سموري طاقتن ڀٽي شھيد کي ڌمڪايو ۽ کيس خبردار ڪيو تـ جيڪڏنھن ايٽم بم ٺاھيندي تـ وزارت عظما تان ھٽايو ويندي ۽ توکي عبرت جو نشاب بڻايو ويندو پوء دنيا جي ھن عظيم اڳواڻ تمام ڌمڪين کي نظرانداز ڪري ايٽم بم جو بنياد وڌو ان بعد جڏنھن امريڪا پاڪستان تي اقتصادي پابنديون ھنيون تـ ڀٽي شھيد چيو اسان گاھ کائينداسين پر ايٽم بم ضرور ٺاھينداسين
تاريخ گوااھ آهي ته هن ملڪ جي عدليا هڪ آ مر جي ھنج ۾ ويهي آئين جي خالق مٿان ڪوڙو ڪيس هلايو ۽ پهرين جمهوري وزير اعطم کي 4 اپريل 1979 موت جي سزا ڏني وئي. قائدعوام کي چيو ويو ته معافي وٺي ملڪ بدر ٿي وڃو پر هن انهن سڀني آفرن کي رد ڪيو ۽ اهو واضع ڪيو ته مان هن مٽي جي پيداور آهيان، مان عوام جي حڪمراني جي لاءِ هر سختي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ انهن اٽل اصول تي بيٺو رهيو ڪابه صوديبازي نه ڪئي ۽ ڦاسيءِ جي گهاٽ چاڙهيو ويو. در اصل زوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي انهن سوچ جي ناڪامي هئي جنهن چاهيو پئي ته زوالفقار علي ڀٽو کي شهيد ڪري انهن جي سوچ کي ختم ڪندا ، پر اهي ڀليل هيا ته زوالفقار علي ڀٽو هڪ نه پر هڪ زوالفقار علي ڀٽو عوام به آهي جنهن کي ختم نه زيا جي ظلمت به نه ڪري سگهي.، شهيد زوالفقار علي ڀٽو جو بيگناهه قتل انهن عدليا کان پڇي ٿو ته منهجو قصور ڇا هيو؟ ڇا مهجو قصور اهو ته مان عوام کي حق گهرڻ جي آگاهي ڏني
هن ملڪ جي انهن کان وڏيڪ ڪهڙي بدقسمتي چئجي جو فوجي آمر ضيالحق جي بدترين حڪمراني جي ڪري اڄ هن معاشري مان سهپ ۽ رواداري جو خاتموآندو، هر طرف قتل غارت آهي، ملڪ ۾ جنونيت به انهن سوچ جو تسلسل آهن. آخر قانون جا ٻٽا معيار ڇو؟ جهموري وزيراعظم ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ هڪ آمر کي کلي آزادي آھي ڪري ٿو ته آ 37 سال گذري ويا…!!!اڄ به اهي لکين ماڻهو انهن سوال کي ورجائن ٿا ته آخر ڪڏهن شهيد ڀٽو جي ڪيس سان انصا ف ٿيندو ؟ انھن سوالن جا جواب ڳولڻ للاء ۽ ڀٽو شھيد جي بي گناھ خون سان انصاف لاء صدر پاڪستان پاران 2008 واري دور حڪومت ۾ صدارتي ريفرنسرنس داخل ڪرايائين جنھن کي بـ ڪيترن سان بعد عدليا پاران ڪن لاٽار ڪري اگنور ڪيو ويو آخر ڪار جسٽس قاضي فائز عيسا جھڙي عظيم جج قائد عوام فخر ايشيا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاء داخل ڪيل صدارتي ريفرنس کي اڪلائڻ لاء فل ڪورٽ ٺاھي باقائدا ڪيس ھلايائين جنھن بعد اھو عظيم ڏينھن اچي ويو جتي عدليا پاران اھو اقرار ڪيو ويو تـ ڀٽو شھيد کي فري ٽرائل جو حق نـ ڏنو ويو ۽ کيس سزا ڏيڻ لاء ججن مٿان دٻاء وڌو ويو ڀٽو شھيد ذسان انصاف نـ ڪيو ويو ان مان اسان توھان اھو سمجھي وڃون تـ عظيم عوامي اڳواڻ کي انصاف ڏيارڻ وارو آصف علي زرداري آھي قائد نوجوان فزند ھن ملڪ مٿان قربان ٿي ويا سندس لاڏلي ڌيء بينظير ڀٽو جيڪا پڻ ھن ملڪ جي عدليا ۽ ادارن جي ظلم جو شڪار رھي جنھن جي چونڊيل حڪومتن کي بنا ڪنھن سبب جي ختم ڪرايا ھن ملڪ کي ھلائيندڙن سندس جي ئي پنھنجي حڪومت ۾ ھن جي ڀاء کي شھيد ڪرايو ويو ڇا ھڪ ڀيڻ لاء ان کان وڌيڪ اذيت واري ڪا ڳالھ ھوندي اھو صرف ان لاء ڪيو ويو ڇو تـ شھيد راڻي پنھنجي والد جي نقش قدم تي ھلندي ھن ملڪ جي عوام کي خوشحال ڪرڻ چاھي پئي ھن ملڪ کي ايٽم بم قائد عوام ڏياريو ۽ ھن ملڪ کي ايٽمي طاقت کانپوء ميزائل ٽيڪنالاجي جو نظام شھيد راڻي ڏياريو شھيد راڻي کي جمھوريت جي ڳالھ ڪرڻ ۽ پنھنجي والد وانگر ملڪ جي عوام جي خوشحالي جي ڳالھ ڪرڻ جي ھن ملڪ جي دشمنن شھيد ڪرايو اڄ پوري دنيا ۾ جيئي ڀٽو جيئي شھيد راڻي زندا ھي ڀٽو زندا ھي زندا ھي بي بي ۔ زندا ھي جا نعرا گونجي رھيا آھن ان مان صاف ظاھر آھي تـ ڀٽو شھيد جو فلسفو اڄ بـ ۔ زندا آھي پ پ پ جي ان عظيم باني پاران ملڪ جي عوام کي ظلم خلاف آواز اٿارڻ ظالم خلاف سندس سامھون بيھي کيس غلط چوڻ جي سگھ ڏيندڙ ڀٽو شھيد آھي ملڪ جي مزدورن کي پنھنجي پيرن تي بيھارڻ لاء مزدورن کي سرڪاري ملز فيڪٽرين ۾ شيئرز ڏنا ليا ھارين کي مفت زمينون ڏياريندڙ ڀٽو شھيد ھيو ھنر مند پاڪستان ٺاھيندڙ ڀٽو شھيد آھي سنڌ جي ھڪ ننڍي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ ملڪ جو وزيراعظم بڻجي ويو ملڪ ۾ ۽ پوري دنيا ۾ سنڌ جو روشن ڪندڙ ڀٽو شھيد آھي اڄ ھر ماڻھون چئي رھيو آھي ڀٽو شھيد ملڪ پاڪستان کي ايٽم طاقت ڏياري دشمنن جي رستا روڪ ڪئي آھي شھيدراڻي ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻيا ۽ ملڪ کي عالمي طاقتن جي صف ۾ بيھاريائون انھن جو ڏوھ بس اھو ھيو جو انھن ملڪ جي مضبوطي لاء ڪم ڪيو ان بعد ملڪ دشمنن کين شھيد ڪرايو شھيد راڻي جي شھادت بعد پوري ملڪ ۾ افراتفري وارو ماحول ھيو سڄو ملڪ بند ٿي ويو ھيو پاڪستاني غم ۾ ھيا اڪثر نوجوان ملڪ خلاف نعرا ھڻڻ ۾ لڳي ويا سنڌ ۾ نفرت جي ھوا گھلڻ لڳي جنھن کي مرد مجاھد آصف علي زرداري ۽ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ٿڌو ڪرڻ لاء شھيد راڻي جي شھادت بعد سندس ٽيجھي تي اھو نعرو ھنيو تـ کپي کپي پاڪستان کپي ان بعد صورتحال بھتر ٿي اڄ پوري پاڪستان ۾ دھشتگردن جا سھولتڪار شھيد ڀٽو شھيد راڻي ۽ مرد مجاھد خلاف گندي ٻوليء جو استعمال ڪري رھيا آھن ڇو تـ انھن جي بقاء دشھگردن جي حمايت ۾ آھي ۽ پ پ پ ھميشا دھشتگردي جي نشاني تي رھي آھي ملڪ خاطر اڄ پ پ پ قيادت ھر قرباني ڏيڻ لاء تيار آھي باقي دشھتگرد ۽ انھن جا سھولتڪار ھاڻي ڪٿي بـ لڪن کين عبرتناڪ سزا ملندي جيسيتائين پاڪستان آھي تيسيتائين ڀٽو شھيد جو نعرو ھر گھر گلي محلي ۾ گونجدنو رھندو

پهنجو تبصرو موڪليو