آمريڪا ۾ همت آهي ته ايراني فوج جو مقابلو ڪري،صدر

آمريڪا ۾ همت آهي ته ايراني فوج جو مقابلو ڪري،صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي صدر مسعود پز شڪيان چيو آهي ته ايراني عوام ڪڏهن به هٿيار نه ڦٽا ڪندو ۽ ايران کي دٻاءُ ذريعي جهڪڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ (X) تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾، پز شڪيان آمريڪا پاران شهري تنصيبات، خوراڪ جي فراهمي ۽ ماڻهن جي روزگار کي نشانو بڻائڻ تي سوال اٿاريا. هن آمريڪا کي چئلينج ڪندي پڇيو ته شهري بنيادي ڍانچي ۽ خوراڪ کي ڇو نشانو بڻايو پيو وڃي، ۽ زور ڏنو ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ همت آهي ته ان کي ايراني فوج جو مقابلو ڪرڻ گهرجي.ايراني صدر بنيادي ضرورتن تائين رسائي محدود ڪرڻ تي به آمريڪا تي تنقيد ڪئي. هن سوال ڪيو ته جيڪڏهن آمريڪي انسانيت تي يقين رکن ٿا، ته پوءِ ماڻهن کي پاڻي، خوراڪ ۽ دوائن تائين رسائي کان ڇو محروم رکيو پيو وڃي؟ پز شڪيان واضح ڪيو ته ايران کي دٻاءُ ۽ ڌمڪين ذريعي جهڪڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي ۽ ملڪ ڪڏهن به هٿيار نه ڦٽا ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو